Slide Two

الفقرو فخری والفقر و منی - الحدیث

Slide Two - copy

(ففروا الی اللہ (51:50

Slide Three

(وفی انفسکم افلا تبصرون (51:21

previous arrow
next arrow

تعارف حضرت سلطان باهو رحمة الله

اها ڳالهه ڪنهن کان به ڍڪيل نه آهي ته برصغير ۾اسلام کي پکيڙڻ ۾ صوفياءَ ڪرام ۽ اولياءَ ڪرام جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان جي مثال ملڻ مشڪل آهي. صوفياءَ ڪرام پنهنجي علم، عمل، ڪردار، اخلاق ۽ روحاني تصرف سان ماڻهن کي اسلام ڏانهن مائل ڪيو. برصغير ۾ اهڙيون هزارين هستيون آيون، جن رضا الاهي جي خاطر مخلوق کي دعوت الي الله پيش ڪئي، انهن هستين ۾ سُلطان العارفين حضرت سخي سُلطان باهورح اُهو مردِ خود آگاهه آهي جنهن جي ”چنبي جي ٻوٽي“ دنيا جي چئني طرفن ۾ معرفت جي گل جي ”خوشبو“ کي مچائي رکيو آهي، جنهن جي ”هُو“ جي ڊگهي آلاپ جي اَسرَار (راز) مخلوق کي وَصلِ حق (معرفت الاهي) جي طرف سڏيو آهي.

حضرت سُلطان باهُورح خميس جي ڏينهن 1039هه بمطابق 1629ع ڌاري پنجاب صوبي جي ضلعي جھنگ تعلقي شور ڪوٽ ۾ پيدا ٿيا. اوهانرح جو تعلق اعوان قبيلي سان هو. اوهانرح جو حسب نسب ايڪٽيهن واسطن سان شَيرِ خُدا حضرت مولا علي رضي الله سان وڃي ملي ٿو. اوهان جا ابا ڏاڏا ڪربلا جي واقعي کان پوءِ مديني منوره کان هجرت ڪري خراسان هليا ويا ۽ پوءِ افغانستان مان ٿيندا محمود غزنوي سان گڏ جنگيون فتح ڪندي واديءَ سون سڪيسر ۾ اچي آباد ٿيا ۽ پوري علائقي کي اسلام جو مرڪز بڻايو.

دست بيعت کرد مارا مصطفےٰصہ – خواند است مارا مجتےٰ صہ

شد اجازت باهُو را از مصطفےٰصہ – خلق را تلقين بکن برع از خدا۔

ترجمو:”مونکي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم دست بيعت فرمايو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم مونکي پنهنجو (نوري، حضوري) فرزند قرار ڏنو. مونکي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم اجازت ڏني ته آئون خلقِ خدا کي تلقين ڪيان”

Hadrat Sultan Muhammad Asghar Ali (R.A)

سلطان الفقرسلطان محمداصغرعلیؒ

:باني اصلاحي جماعت وعالمي تنظيم العارفين

اُهي سڀ اُن امانت جي بار کي کڻڻ کان عاجز اچي ويا ۽ فاٽي پيا، پرانسان اُن کي قبول ڪري ورتو.“ (القرآن)۔

سلطان الفقر سلطان محمد اصغر علي صاحب جي ولادت باسعادت عالم اسلام جي تاريخ ساز ڏينهن يعني 14 آگسٽ 1947ع ڌاري ٿي. هي ڏينهن تاريخ اسلام ۾ اُهو اهم مقام رکي ٿو، جنهن ڏينهن سلطنت مدينہ کان پوءِ ڪابه ٻي مملڪت (اسلامي جمهوريہ پاڪستان) نظريه لا الٰہ الاالله جي بنياد تي معرض وجود ۾ آئي.۔

اوهان جي طبع ۽ انداز گفتگو، خلق محمديﷺ جي عملي تفسير هئي. اوهان جي گفتگو ۽ تاثير و جُود جو هي عالم هو، جيڪو هڪ ڀيرو به اوهان سان مليو يا شرف ڪلام حاصل ڪيو، اُهو اوهان جو ئي ٿي ڪري رهيو.۔

ہجوم کیوں ہے زیادہ شراب خانے میں

فقط یہ بات ہے کہ پیر مغاں ہے مرد خلیق

مرد مومن درنسازد باصفات

مصطفےٰ راضی نہ شد الا بہ ذات

يعني مردِ مومن صفات الاهي تائين پنهنجو پاڻ کي محدود نٿو ڪري، ڇا لاءِ ته مصطفيٰ ﷺ راضي نه ٿا ٿين، جيستائين ذات الاهي تائين رسائي نصيب نه ٿي ٿئي

Sahibzada Sultan Muhammad Ali

جانشين سلطان الفقرحضرت سلطان محمدعلی

:سرپرست اعليٰ اصلاحي جماعت وعالمي تنطيم العارفين

اوهان ابتدائي تعليم درٻار حضرت سلطان باهو تي ئي حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ اوهان پنهنجي مرشد ۽ والد حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب سان گڏ روحاني ۽ تحريڪي تربيت ۾ رهيا.

حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب جي وصال کان پوءِ اوهان تحريڪ کي انهيءَ بنيادن تي اڳتي وڌايو ۽ ان جي تنظيم سازي ۾ وڌيڪ تحرڪ ۽ بهتري آندي. حضور سلطان الفقر ششم جي فرمانن جي مطابق ملڪ گير سطح تي استحڪام پاڪستان ۽ اتحاد امت مسلمه جي اجتماعي شعور کي اجاگر ۽ بلند ڪرڻ جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي کي وڌيڪ وسعت ۽ تيزي ڏني آهي، جنهن سان خاطر خواه مثبت ڪاميابي ملي آهي. (هي سلسلو ڪاميابيءَ سان جاري آهي)۔

،نگہ بلند، سخن دلنواز، جاں پرسوز

یہی ہے رخت سفر، میر کارواں کیلئے۔

،متاع بےبہاہے درد وسوز، آرزومندی

مقام بندگی دے کہ نہ لوں شان خداوندی۔

>مردِ مومن فقر ۽ ولايت جي آخري مقام ۽ مرتبي جي هوندي عاجزي ۽ انڪساريءَ کي اختيار ڪندو آهي ۽ عبد چورائڻ ئي پسند ڪندو آهي، جيتوڻيڪ ان جي قبضي ۾ ٻنهي جهانن جي شاهي ڇو نه هجي۔

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين

حديث قدسي ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي:۔ مان هڪ لڪيل ڇپيل خزانو هيس. مون چاهيو ته سڃاتو وڃان، پوءِ مان مخلوق کي ان جي لاءِ پيدا ڪيو جيئن ته هي منهنجي سڃاڻپ ڪن.۔

ان مقصد (معرفت الاهي) جي تڪميل جي خاطر الله تعاليٰ پنهنجي سڄي مخلوق کان هڪ امتحان ورتو، جنهن ۾ انسان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٻين مخلوقات تي برتري جو شرف حاصل ڪري، هن زمين تي الله جو خليفو (نائب) قرار ٿيو. بيشڪ الله پنهنجي هڪ امانت آسمانن تي، جبلن تي ۽ زمين تي پيش ڪئي، هي سڀ امانت جي بار کڻڻ کان عاجز اچي ويا ۽ فاٽي پيا، پر انسان ان کي قبول ڪري ورتو. (القرآن)۔

Flag Tanzeem ul Alarifeen
پرچم اصلاحی جماعت و عالمی تنظیم العارفین

الله تعاليٰ، انسان کي بيشمار نعمتون ۽ اختيارات عطا ڪيا ۽ هن کي سڀني مخلوقات کي مسخر ڪرڻ جي صلاحيت به بخشي. گڏوگڏ هن جي طرف زندگيءَ جي بنيادي مقصد (معرفت توحيد) جي حصول جي لاءِ پنهنجي منتخب بندن کي هدايت جو پيغام ڏئي ڪري هن جي طرف موڪليو. ڪم و بيش هڪ لک چوويهه هزار انبياء ۽ رسول، دنيا جي سڀني قومن وٽ معبوث ٿيا ۽ انسانيت کي فلاح جي رستي جي دعوت ڏيندا رهيا، پر جڏهن محمد رسول اللهﷺ تشريف فرما ٿيا ته ان کان پوءِ نبوت جو دروازو قيامت تائين بند ڪري ڇڏيو. دروازي نبوت بند ٿيڻ کان پوءِ دعوت توحيد جو فريضو اهل بيت، صحابه ڪرام، تابعين ۽ تبع تابعين سرانجام ڏنو، انهن کان پوءِ هيءَ ذميداري الله جي برگزيده بندن يعني صوفياءِ ڪرام نڀائي. سڄي دنيا ۾ دعوت اشاعتِ اسلام سان گڏوگڏ مشرق وسطيٰ (وچ اوڀر) وچ ۽ جنوبي ايشيا، افريقه ۽ اندلس ۾ فردن جي ڪردارسازي ۽ مادي ترقي سان گڏ فرد جي روحاني استخلاص جي لاءِ صوفياءِ اڪرام بيشمار خدمتون پيش ڪيون.۔

دنياءِ اسلام جي عظيم روحاني پيشوا، صوفي شاعر، صوفي دانشور ۽ صوفي فلسفي حضرت سلطان باهوؒ انهن ۾ هڪ نمايان مقام رکن ٿا، جنهن اسلام جي عالمگير فڪر کي انساني بنيادن تي اڳتي وڌايو.۔

،نگہ بلند، سخن دلنواز، جاں پرسوز

یہی ہے رخت سفر، میر کارواں کیلئے۔

تازہ ترین علمی، فکری و مذہبی مضامین، بلاگ، آرٹیکلز

دیگر ویب سائیٹس

ڈاکومینٹری فلم سلطان باھُو

Copyright © , bahoojopaigham.com