Murshid-e-Kamil

ڪامل مرشد اصلاحي جماعت جو باني

مرآة العارفين رسالو ڊسمبر 2016ع

ليکڪ: ڊاڪٽر رفاقت سلطان وٽو

اصلاحي جماعت جو باني حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب (رحمة اللہ عليہ) 14 آگسٽ 1947ع ڳوٺ حضرت سلطان باھو (قدس الله سره) بھادرن جي ڌرتيءَ تي، علم، حڪمت ۽ تصوف سان ڀرپُور روحاني خاندان ۾ اک کولي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) جي ننڍپڻ جي زندگي معرفت جي رازن ۽ عظيم الشان واقعن سان ڀريل آھي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) ديني ۽ روحاني تعليم پنھنجي والد محترم کان ئي خانقاھ عاليہ حضرت سلطان باھو (قدس الله سره) ۾ حاصل ڪئي. پرائمري ۽ مڊل جي تعليم ضلعي جھنگ کان ۽ ميٽرڪ ھائي اسڪول نوشھري وادي سون سڪيسر کان حاصل ڪئي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) جي روحاني تربيت ۾ اوھان جي والد محترم ۽ مرشد عارفن جو شھباز حضرت سلطان محمد عبد العزيز (قدس الله سره) جو اھم ڪردار آھي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) حضرت غوث الاعظم شيخ عبدالقادر جيلاني (قدس الله سره)، حضور سلطان الفقر (پنجون) حضرت سلطان باھو (قدس الله سره)، سيد سلطان محمد بھادر علي شاھ صاحب (قدس الله سره)، سيد سلطان عبدالغفور شاھ صاحب (قدس الله سره) سان گھڻي محبت ۽ عقيدت رکندا ھئا. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) کي الله پاڪ ٽي صاحبزادا عطا فرمايا جن جا ترتيب سان نالا ھي آھن:

صاحبزاده سلطان محمد علي صاحب مدظله الاقدس، صاحبزاده سلطان احمد علي صاحب مدظله الاقدس ۽ صاحبزاده سلطان محمد بھادر عزيز صاحب مدظله الاقدس.

اڄ جي ھن فتنن سان ڀريل دور ۾ پاڻ (رحمة اللہ عليہ) جي نگاھِ فقر جي فيض کان تربيت حاصل ڪيل ۽ اوھان جي فقر جي خزاني جو حامل شھزادو حضرت سلطان محمد علي صاحب (سرپرست اعليٰ اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين) جي ذاتِ گرامي اصلاح ۽ تربيت جي ذريعي اُمتِ مسلمہ ۾ اُھي فرائض سر انجام ڏئي رھيا آھن جيڪي عين ھدايت جي واٽ، قرآن ۽ سنت جي واٽ آھن. ھزارين نوجوان انھن جي شفقت ۽ محبت جي ڪري، معاشري جي مثبت ۽ تعميري ماڻھن جي ڪردار طور، پنھنجي قومي ۽ ملي زندگي جي بھتري ۽ بقا جي جدوجھد ڪري رھيا آھن.

حضور باني اصلاحي جماعت (رحمة اللہ عليہ) پنھنجي اولاد جي اسلامي ۽ روحاني تربيت ڪئي ۽ دنياوي تعليم جي زيور سان به سنواريو آھي. اوھان  پنھنجي ڇاونجھ (56) ورھين جي زندگي ۾ جيڪي ديني، ملي ۽ علمي خدمتون سر انجام ڏنيون اُھي تاريخ ۾ سنھري اکرن ۾ لکيل رھنديون. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) سيرت ۽ صورت ۾ صداقت ۽ شرافت جا اھڙا مظھر ھئا جنھن کي ڏسي ڪري اسلاف جي ياد تازه ٿي ويندي ھئي، جنھن سبب اوھان معاشري جي اصلاح ۾ ڀرپُور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) سڌي واٽ کان ڀُليل ماڻھن جي اھڙي اصلاح ۽ تربيت فرمائي جو ھزارين گمراھ، سڌي واٽ تي ھلي ڪري اھڙا نيڪ بخت ٿيا، جو ٻين لاءِ ھدايت جي روشني جو سبب بڻيا. اصلاحي جماعت جو باني (رحمة اللہ عليہ) اسم بامسميٰ ھئا ۽ خاندان ۾ سندن جو نالو ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو آھي. اوھان جي گفتگو نھايت ئي با مقصد، آسان فھم ۽ روح کي بيدار ڪرڻ واري ھوندي ھئي، جڏھن پاڻ گفتگو فرمائيندا ھئا ته دل چاھيندو ھو نبض ۽ دل جي ڌڙڪن جو به شور نه ھجي صرف ۽ صرف اوھان جو آوازِ فقر ئي اسان جي سماعتن جي ذريعي اسان جي دل ۽ روح کي حياتِ جاوداني بخشيندو رھي. قدرت اوھان کي وڏي بصيرت سان نوازيو ھو، جنھن سبب پنھنجا ته پنھنجا پر پراوا به پاڻ (رحمة اللہ عليہ) کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ کان بغير نه رھي سگھيا.

پاڻ (رحمة اللہ عليہ) اسلام جي ترويج لاءِ بي لُوث خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ان مقصد لاءِ مدرسا، انسٽيٽيوٽ، اسڪولَ، ڊسپينسريون، اسپتال، لائبريريون ۽ ٻيا ڪيترائي شعبا قائم فرمايا. راقم کي بطور غلام، عقيدتمند  ۽ معالج جي ڊگھي عرصي تائين اصلاحي جماعت جي باني (رحمة اللہ عليہ) جي قربت ۽ زيارت جو بار بار موقعو مليو. جيتري قدر قريب ٿيس، اوھان جي شخصيت اُوتري قدر ئي، حق ۽ صداقت جو حامل، بي مثال، لازوال ۽ فقر جي نُور سان ڀرپُور محسوس ٿي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) وقت جي عالمن ۽ مشائخن جا سرخيل (سردار) ھئا ۽ اوھان جي علمي روحاني وجود تي نه صرف برِصغير بلڪه پورو عالمِ اسلام فخر ڪري سگھي ٿو. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) ھڪ ھمہ جھت (گھڻ رُخي شخصيت) ۽ گھڻين خوبين جا مالڪ ھئا، قدرت اوھان کي اعليٰ ۽ منفرد صفتن سان نوازيو ھو. روحانيت ۽ ڏاھپ جي ھن اُونھي سمنڊ جو روحاني فيض وڏن وڏن مشائخن لاءِ قابلِ رشڪ ھيو. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) جي صلاحيتن جي ڪا ڳڻپنٿي ڪري سگھجي ڇو ته اوھان پنھنجي ذات ۾ ھڪ انجمن، ھڪ تحريڪ، ھڪ دعوت، ھڪ دور، ھڪ ادارو ۽ ھڪ ليڊر ھئا.

 اصلاحي جماعت جو باني (رحمة اللہ عليہ) ھڪ زندھ ۽ فقر جي روشن  تاريخ جو تسلسل ھئا، جنھن کي حضرت سلطان باھو (قدس الله سره) ۽ شيخ عبدالقادر جيلاني (قدس الله سره) جي روحانيت واري فيض جي طريقي کي، عالمِ انسانيت جي لاءِ فيض پھچائڻ ۽ محبت جو ذريعو بنائي ڇڏيو ھو، جنھن کي عارفن جي شھباز سلطان محمد عبدالعزيز (قدس الله سره) ۽ سيد سلطان محمد بھادر علي شاھ (قدس الله سره) جي تربيت، حق جي طالبن جي رھنمائي لاءِ مرڪزِ ثقل جي حيثيت عطا ڪئي. ھن جماعت جي تيار ڪيل قافلن تسليم ۽ رضا، علم ۽ عمل، ايثار ۽ استقامت، اخلاص ۽ قرباني جھڙن لفظن جي حقيقت کي ايندڙ نسلن تائين پھچايو، ڇو ته ھي شيون اسلاف جي مشن تي ھلڻ وارن لاءِ نجات جو سرمايو آھن.

 پاڻ (رحمة اللہ عليہ) جي علمي ۽ روحاني خدمتن کان عالمِ اسلام خاص ڪري پاڪستان خوب واقف آھي. اوھان جون ديني ۽ علمي خدمتون تاريخ جو سرمايو آھن جيڪي ھميشہ ياد رھنديون. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) جون خدمتون ڪنھن کان به مخفي ناھن. سندن جي شخصيت ايتري قدر بلند آھي جو جيتري قدر اوھان تي لکجي اوترو گھٽ آھي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) پنھنجي نگاھ سان تيار ڪيل، تربيت حاصل ڪيل صدرن ۽ اصلاحي جماعت جي مبلغن جي ھڪ وڏي تعداد صدقہ جاريہ جي طور تي ڇڏي آھي. پاڻ (رحمة اللہ عليہ) بطور سلطان الفقر جتي دين جا محافظ تيار ڪيا، اُتي لاتعداد صوفين جا ڪتاب به تحرير ڪرايا، جنھن سان اڄ لکين ماڻھو فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. اوھان پاڻ سان گڏ رھڻ وارن ۽ مريدن کي جھڙي طرح روايتي پيري مريدي کا ڪـڍي ڪري ملتِ اسلاميہ ۽ دينِ اسلام جو ھڪ متحرڪ ڪارڪن ۽ خدمتگار بنايو ۽ قرآن، سنت ۽ الله وارن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اُھو تاريخ جو لازوال حصو آھي.

اوھان جو وصال 26 ڊسمبر 2003ع تي ٿيو. دعا آھي ته الله پاڪ اصلاحي جماعت جي بانيءَ جي نقشِ قدم تي ھلڻ جي توفيق عطا فرمائي.