تذڪيہ نفس ۽ تصفيہ قلب

(نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائي)

(قرآن مجيد، حديث ۽ حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ جي تعليم جي روشنيءَ ۾)

نفس جي ڪنڊيدار واديءَ کي پار ڪرڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جو قرب ۽ ديدار نه فقط ڏکيو پر ناممڪن آهي ۽ الله تعاليٰ جي قرب، ديدار ۽ سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو ذريعو نفس جي پاڪائي، دل ۽ روح جي صفائيءَ سان آهي. نبين ۽ رسولن (عليہم السَّلام) جي رسالت جو پهريون مقصد به اهو ئي هو ته مخلوق جي دلين جي تار کي الله پاڪ سان ڳنڍيو وڃي، انهن جي دلين کي الله پاڪ جي نور ۽ تجلين جي خزانن جو سرچشمو بنايو وڃي ۽ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيڻ وارن ماڻهن جي نفسن کي پاڪ ڪيو وڃي.

“نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائيءَ جهڙي وسيع عنوان کي قرآن مجيد، حديث ۽ حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ جي تعليم جي روشنيءَ ۾ مختصر لکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا”.

“تزڪيہ جي لفظي معنيٰ آهي پاڪ ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ وغيره” (المنجد: تحت حرف الزاء).

علامه ابن جرير طبري رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته:

“اَن مَعۡنَي التَّزۡکِيَّةِ: اَلتَّطۡهِيۡرُ”(تفسير الطبري، زير آيت، البقرة: 129).

“تزڪيہ جي معنيٰ پاڪ ۽ صاف ٿيڻ آهي”.

نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائي قرآن مجيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾:

الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:

1:“رَبَّنَا وَابۡعَثَ فِيۡهِمۡ رَسُوۡلًا مِّنۡهُمۡ يَتۡلُوۡا عَلَيۡهِمۡ اٰيٰتِکَ وَيُعَلِّمُهُمۡ الۡکِتٰبَ وَالۡحِکۡمَةَ وَيُزَکِّيۡهِمۡ ط اِنَّکَ اَنۡتَ الۡعَزِيۡزُ الۡحِکِيۡمُ”(سورت البقرة، آيت 129).

“اي اسان جا پالڻهار! انهن منجهان هڪ رسول ﷺ موڪل انهن ۾ جيڪو تنهنجون آيتون تلاوت ڪري، انھن کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ (نفس ۽ دل) کي پاڪ ۽ صاف ڪري، بيشڪ تون ئي غالب ۽ حڪمت وارو آهين”.

2:“کَمَآ اَرۡسَلۡنَا فِيۡکُمۡ رَسُوۡلًا مِّنۡکُمۡ يَتۡلُوۡا عَلَيۡکُمۡ اٰيٰتِنَا وَيُزَکِّيۡکُمۡ وَيُعَلِّمُکُمُ الۡکِتٰبَ وَالۡحِکۡمَةَ وَيُعَلِّمُکُمۡ مَّالَمۡ تَکُوۡنُوۡا تَعۡلَمُوۡنَ” (سورت البقرة، آيت 151).

“جيئن موڪليوسون اوهان ۾ پنهنجو رسولﷺ جيڪو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ اوهان (جي نفس ۽ دل) کي پاڪ ۽ صاف ڪندو آهي ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آهي ۽ اوهان کي (معرفت جي راز جي حقيقت) سيکاريندو آهي، جيڪا اوهين نه ڄاڻيندا هئا”.

امام فخرالدين الرَّازي رحمة الله عليہ “تفسير ڪبير” ۾ “يُزَکِّيۡهِمۡ” جي سمجهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته:

“[يُزَکِّيۡهِمۡ] اَيۡ يُصۡلِحُهُمۡ يَعۡنِيۡ يَدۡعُوهُمۡ اِليٰ اِتِّبَاعِ مَايَصِيۡرُوۡنَ بِہ اَزۡکِيَاء”.

“[يُزَکِّيۡهِمۡ] جو مطلب آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي غلامن جي اصلاح ڪندا هئا، يعني انهن کي پاڻ ڪريم ﷺ اهڙين شين جي پيروي ڪرڻ ڏانهن سڏيندا هئا، جيڪي پاڪائيءَ ڏانهن وٺي وڃن”.

حافظ ابن ڪثير رحمة الله عليہ پنهنجي “تفسير ابن ڪثير” ۾ “يُزَکِّيۡهِمۡ” جي سمجهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته:

“[يُزَکِّيۡهِمۡ] اَيۡ: يُطَهِّرُهُمۡ مِنۡ رَذَائِلِ الۡاَخۡلَاِق وَدَنَسِ النَّفُوۡسِ وَاَفَعَالِ الۡجَاهِلِيَّةِ وَيُخۡرِجُهُمۡ مِنَ الظُّلَمَاتِ اِلَي النُّوۡرِ”.

“[يُزَکِّيۡهِمۡ] يعني رسول ڪريم ﷺ جن پنهنجي غلامن جي اخلاق رذيله ۽ نفس جي ميراڻ ۽ جاهلاڻي فعلن کان پاڪ ڪري ۽ انهن کي اونڌھ مان ڪڍي نور ڏانهن وٺي ويندا هئا”.

هن آيت (البقرة: 151) جي تفسير ۾ علامه غلام رسول سعيدي رحمة الله عليہ لکيو آهي:

“هڪ سوال هي به آهي ته هن آيت ۾ تزڪيہ (صفائي) کي ڪتاب ۽ حڪمت مٿان فوقيت ڏنل آهي ۽ حضرت ابراهيم عليہ السَّلام جي دعا (رَبَّنَا وَابۡعَثۡ فِيۡهِمۡ رَسُوۡلًا) ۾ لکيل آهي. ڇو ته ان چيو“ انهن منجهان انهن ۾ ئي هڪ رسول ﷺ موڪل، جيڪو تنهنجي آيتن جي تلاوت ڪري ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم عطا ڪري ۽ پاڪ ڪري” (تبيان القرآن، ج: 1، ص:616).

ان جو جواب هي آهي ته پاڪائي، ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم لاءِ اعليٰ مقصد آهي ۽ اعليٰ مقصد کي ذهن ۾ فوقيت ڏني ويندي آهي جيڪو اندر منجهان حاصل ڪيو ويندو آهي. ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم جي گهرج ۽ مقصد اهو آهي ته انسان جي ظاهر ۽ باطن جي اصلاح ڪئي وڃي. ان ڪري جنهن پاڪائيءَ ۽ اصلاح جي لاءِ تعليم ڏني ويندي آهي، تنهن سان پهرين ذهن ۾ ان جو تصوُّر پيدا ٿيندو، پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ آيتن جي تلاوت ڪئي ويندي ۽ ڪتاب ۽ سنت جي تعليم ڏني ويندي، پوءِ ان جي نتيجي ۾ ظاهر ۽ باطن جي اصلاح جو عمل وجود ۾ ايندو. هن آيت ۾ وجود کي ذهني خيال جي لحاظ کان (تزڪيہ) پاڪائيءَ کي فوقيت ڏني وئي آهي ۽ حضرت ابراهيم عليہ السَّلام جي دعا ۾ ظاهري وجود جي لحاظ کان پاڪائيءَ کي اڳ ۾ لکيو ويو آهي. مٿين تفصيل مان ثابت ٿئي ٿو ته نظريه جي طاقت جي ڪمال کان پوءِ عملي طاقت جو ڪامل ٿيڻ يا عمل جي اصلاح ڪرڻ، ظاهر ۽ باطن ۾ نيڪ ٿيڻ (تزڪيہ) پاڪائي آهي.

3: الله تعاليٰ جو ڪو به حڪم تاڪيد کان سواءِ پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ اهو بي مثل ۽ بي نظير آهي، پر جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجي ڪلام لاءِ امر ڪري ته ان جي اهميت کي وڌيڪ چار چنڊ لڳي ويندا آهن. پوءِ جيتري تنبيھ گهڻي ڪئي ويندي، ان جي اهميت اوتري وڌندي. اوهان ٿورو غور ڪندا ته الله تعاليٰ هڪ جڳھ تي نفس جي حالتن جو ذڪر ڪندي هن ريت بيان فرمايو ته:

“وَالشَّمۡسِ وَضُحٰهَا ؔ وَالۡقَمَرِ اِذَا تَلٰهَا ٘ وَالنَّهَارِ اِذَا جَلّٰهَا ٘ وَالَّيۡلِ اِذَا يَغۡشٰهَا ٘ وَالسَّمَآءِ وَمَا بَنٰهَا ٘ وَالۡارۡضِ وَمَا طَحٰهَا ٘ وَنَفۡسِ وَّمَاسَوّٰهَا ٘ فَاَلۡهَمَهَا فُجُوۡرَهَا وَتَقۡوٰهَا ٘ قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ زَکّٰهَا ٘ وَقَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰهَا ٘” (سورت الشمس، آيت 1 کان 10).

“قسم آهي سج جو ۽ ان جي روشنيءَ جو قسم ۽ چنڊ جو قسم جڏهن ان جي پويان اچي (يعني ان جي روشني سان چمڪيو) ۽ ڏينهن جو قسم جڏهن اهو سج کي ظاهر ڪري (يعني ان کي روشن ڪري) ۽ رات جو قسم جڏهن اهو سج (زمين جي هڪ حصي تي) ڇائنجي وڃي ۽ آسمان جو قسم جنهن ان کي ٺاهيو آهي (الله تعاليٰ جي حڪم سان ڪائنات ٺهي) ۽ زمين جو قسم جنهن ان کي پکيڙيو ۽ نفس جو قسم جنهن ان کي برابر بنايو ۽ الهام ڪيائين، ان کي ان جي برائي ۽ ان جي تقويٰ سمجهائي، بيشڪ اهي ماڻهو ڪامياب ٿي ويا جن پنهنجي( نفس) کي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪيو (۽ ان ۾ نيڪي جي نشونما ڪئي) ۽ جنهن ان کي (گناهن) سان پليد ڪيو، بس تحقيق اهو نقصان وارو ٿيو”.

هتي ذڪر ڪيل آيتن ۾ جيڪڏهن اسين ٿورو فڪر ڪنداسين ته پڙهندڙ مٿان نفس جي پاڪائيءَ جي اهميت بلڪل صاف ظاهر ٿي ويندي ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ اَٺَ قَسَمَ کڻڻ کان پوءِ ارشاد فرمايو:

“قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ زَکّٰهَا ٘ وَقَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰهَا ٘”

محي السنة ابو محمّد حسين بن مسعود البغوي رحمة الله عليہ “ تفسير معالم التنزيل” ۾ “قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ زَکّٰهَا” جي سمجهاڻيءَ ۾ حضرت امام حسن بصري رضي الله عنہ جي قول مبارڪ کي نقل ڪري ٿو:

“مَعۡنَاهُ قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ زَکَّي نَفۡسَہٗ فَاَصۡلَحَهَا وَحَمَلَهَا عَليٰ طَاعَةِ اللهِ عَزَّوَجَلَّ”

“هن جي معنيٰ اها آهي ته بيشڪ اهو شخص ڪامياب ٿي ويو، جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو ۽ ان جي اصلاح ڪئي ۽ ان کي الله تعاليٰ جي اِطاعت تي راضي ڪيو”.

4:“قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ تَزَکّٰي” (سورت الاَعليٰ، آيت 14).

 “بيشڪ ان ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪيو”.

حافظ ابن ڪثير رحمة الله عليہ “تفسير ابن ڪثير” ۾ قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ تَزَکَّي” جي باري ۾ فرمائي ٿو:

“اَيۡ: طَهَّرَ نَفۡسَہٗ مِنَ الۡاَخۡلاقِ الرَّذِيۡلَةِ”

“يعني ان پنهنجي نفس کي بد اخلاقي کان پاڪ ڪيو”.

امام فخرالدين رازي رحمة الله عليہ “تفسير ڪبير” ۾ هن آيت جي سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو ته:

“اِشَارَةُ اِلَي تَطۡهِيۡرِ النَّفۡسِ عَنۡ کُلِّ مَا لَايَنۡبَغِيۡ”

“قَدۡ اَفَلَحَ مَنۡ تَزَکَّيٰ” هي اشارو، نفس کي هر غير ضروري شيءِ کان پاڪ ڪرڻ ڏانهن آهي”.

5:“وَاَمَّامَنۡ خَافَ مَقَاَمَ رَبِّہِ وَنَهَي النَّفۡسَ عَنِ الۡهَوَيٰ فَاِنَّ الۡجَنّةَ هِيَ الۡمَاۡويٰ”(سورت النازعات، آيت 40_41).

“۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ کان ڊڄندو رهيو ۽ ان (پنهنجي) نفس کي (بڇڙين) خواهشن ۽ شهوت کان پاڪ رکيو، بيشڪ جنت ئي (ان جي) جاءِ هوندي”.

عام طرح نفس جا چار قسم بيان ڪيا ويا آهن. “نفس اماره، نفس ملهمه، نفس لوامه ۽ نفس مطمئنه” هنن چئني نفسن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ بيان ٿيل آهي. جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

1:“اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَةُ بِالسُّوۡءِ اِلَّا مَارَحَمَ رَبِّيۡ” (سورت يوسف، آيت 53).

“بيشڪ نفس بڇڙائيءَ ڏانهن گهڻو حڪم ڏيندو آهي، پر انهن کان سواءِ جنهن تي منهنجو ربُّ رحم ڪري”.

هي نفس جي خبيث صورت آهي، اهڙي حالت ۾ هن مان ڀلائي جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. هن ظالم نفس جي باري ۾ حضور سلطان العارفين رحمة الله عليہ ارشاد فرمايو:

“نفس اماره کي ان جي عمل مطابق ڪتو، سوئر، رڇ، نانگ، وڇون، ڏاند ۽ گڏھ جهڙن نالن سان ڀيٽ ڏني وئي آهي” (محڪ الفقر ڪلان).

2:“فَاَلهَمَهَا فُجُوۡرَهَا وَتَقۡويٰ هَا”

“پوءِ ان هن کي ان جي بدڪاري ۽ پرهيزگاريءَ (جي تميز) سمجهائي”.

هن مقام تي پهچڻ واري نفس کي “ملهمه” جو نالو ڏنو ويو آهي.

3:“وَلَا اُقۡسِمُ بِالنَّفۡسِ اللَّوَّامَةِ” (سورت القيامة، آيت 2).    

“۽ آئون قسم کڻان ٿو (بڇڙائيءَ ڏانهن) ملامت ڪرڻ واري نفس جو”.

4:“يٰاَيُّتُهَاالنَّفۡسُ الۡمُطۡمَئِنَّةُ” (سورت الفجر، آيت 27).   

     “اي مطمئن ٿيڻ وارا نفس!”.

جڏهن نفس، الله تعاليٰ جي ذڪر کان مطمئن ٿي ويندو آهي تڏهن الله تعاليٰ ان کي اڳين مقام جو بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو ته:

“اِرۡجِعِيۡ اِليٰ رَبِّکِ رَاضِيَةً مَّرۡضِيَّةً”(سورت الفجر، آيت 28).

“تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن هن حال ۾ موٽي اچ، ڇو ته تون ان جي رضا جو طلبگار آهين ۽ ان جي رضا جو خواهشمند به (جيئن ان جي رضا تنهنجو مقصد هجي ۽ تنهنجي رضا ان جو مقصد)”.

جڏهن اهو خوش بخت روح، الله تعاليٰ جي رضا کي حاصل ڪرڻ يقيني بنائيندو آهي ته ان جي اڳين مقام جي باري ۾ الله تعاليٰ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

“فَادۡخُلِيۡ فِيۡ عِبٰدِيۡ وَادۡخُلِيۡ جَنَّتِيۡ”(سورت الفجر، آيت 29 کان 30).

“پوءِ تون منهنجي (صالح) ٻانهن ۾ داخل ٿي ۽ منهنجي جنت (قرب ۽ ديدار) ۾ داخل ٿي وڃ”.

     6: هن ڳالھ کي ياد رکيو وڃي ته نفس جي پاڪائيءَ جو سڄو دارومدار الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم تي آهي، جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

“اَلَمۡ تَرَ اِلَي الَّذِيۡنَ يُزَکُّوۡنَ اَنۡفُسَهُمۡ ط بَلِ اللهُ يُزَکِّيۡ مَنۡ يَّشَآءُ”(سورت النساء، آيت 49).

“اي پيغمبر! ڇا اوهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو آهي جيڪي پاڻ کي پاڪ ظاهر ڪندا آهن، بلڪ الله جنهن کي گهرندو آهي ان کي پاڪ ڪندو آهي”.

هڪ ٻي آيت ۾ فرمان مبارڪ آهي ته:

7:“وَلَوۡلَا فَضَلُ اللهِ عَلَيۡکُمۡ وَرَحۡمَتُہٗ مَازَکٰي مِنۡکُمۡ مِّنۡ اَحَدِ اَبَدًا لا وَّلٰکِنَّ اللهَ يُزَکِّيۡ مَّنۡ يَّشَآءُ”(سورت النور، آيت21).

     “۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو به ماڻهو ڪڏهن به (گناھن جي داغ کان) پاڪ نه ٿي سگهي ها، پر الله جنهن کي گهرندو آهي تنهن کي پاڪ ڪندو آهي”.

8: نفس جي خواهش جي پيروي جو نتيجو بصيرت جي نور کان محروم ٿيڻ، دل ۽ روح جي حقيقت کان بيخبر ٿيڻ ۽ الله تعاليٰ جي انوار ۽ تجليءَ کان اڻڄاڻ رهڻ جي صورت ۾ ٿيندو آهي. جيئن الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي:

اَفَرَءَيۡتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰهَہٗ هَوٰہُ وَاَضَلَّہُ اللهُ عَليٰ عِلۡمِ وَّ خَتَمَ عَليٰ سَمۡعِہٖ وَقَلۡبِہٖ وَجَعَلَ عَليٰ بَصَرِهٖ غِشَاوَّةً ط فَمَنۡ يَّهۡدِيۡہِ مِنۡ بَعۡدِ اللهِ ط اَفَلَا تَذَکَّرُوۡنَ”(سورت الجاثية، آيت 23).

“ڇا اوهان ان ماڻهوءَ کي نه ڏٺو جنهن پنهنجي نفس جي خواهش کي پنهنجو معبود بنايو آهي ۽ الله تعاليٰ ان کي علم جي هوندي به گهمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنن ۽ دل تي مهر لڳائي ڇڏي ۽ ان جي اکين تي پردو ڏئي ڇڏيو، پوءِ ان کي الله کان سواءِ ٻيو ڪير هدايت ڪندو، پوءِ ڇو اوهان نصيحت نه ٿا وٺو”.

9: قيامت جي ڏينهن آدم جي اولاد جي ڪاميابيءَ جو معيار انهن جي دلين جي صفائي ۽ الله جي ذات کان سواءِ ٻي ھر شيءِ کان پاڪ ٿيڻ آهي. جيئن الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو:

“يَوۡمَ لَايَنۡفَعُ مَالُ وَّ لَابَنُوۡنَ ؔ اِلَّامَنۡ اَتَّي اللهَ بِقَلۡبِ سَلِيۡمِ” (سورت الشعراء، آيت 88 کان 89).

“جنهن ڏينهن نه مال ڪم ايندو نه اولاد نفعو ڏيندو، پر اهو (ڪامياب هوندو) جيڪو الله جي حضور سلامتيءَ واري دل آڻي حاضر ٿيندو”.

10: جنهن نفس جي خواهش جي پيروي ڪئي ۽ پنهنجي دل کي صفائيءَ جي دولت کان محروم ڪيو ان کي ناڪامي ۽ بد نصيبيءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ ٻڌي جهنم جي آڙاھ جو مستحق بڻايو ويندو،. جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

“وَلَقَدۡ ذَرَاۡنَا لِجَهَنَّمَ کَثِيۡرًا مِّنَ الۡجِنِّ وَالۡاِنۡسِ لَهُمۡ قُلُوۡبُ لَّايَفۡقَهُوۡنَ بِهَا سکتہ وَلَهُمۡ اَعۡيُنُ لَّا يُبۡصِرُوۡنَ بِهَا سکتہ وَلَهُمۡ اٰذَانُ لَّايَسۡمَعُوۡنَ بِهَا ط اُولٰئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ هُمۡ اَضَلُّ ط اُولٰئِکَ هُمۡ الۡغٰفِلُوۡنَ”(سورت الا عراف، آيت 179).

“ جنن ۽ انسانن جو گهڻو تعداد اهڙو آهي جن جو ٺڪاڻو جهنم آهي انهن کي دل عطا ڪئي سون پر اهي دل جي حقيقت کان بيخبر آهن ۽ انهن کي اکيون ڏنيون سون پر انهن سان ڏسن نه ٿا، انهن کي ڪن ڏناسون جن سان ٻڌن نه ٿا. اهي چوپاين جي مثل آهن پر انهن کان به وڌيڪ گهمراھ آهن ۽ اهي ئي غافل ماڻهو آهن”.

11: دنيا ۾انسان جيڪڏهن دل جي صفائي نه ڪري سگهي ۽ ان تي الله جو رنگ چڙهڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جي نافرماني ۽ گناهن جي ڪٽ ڄمي وڃي ته ان جو نتيجو قيامت جي ڏينهن بدنصيبيءَ جي صورت ۾ هوندو جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي:

“کَلَّا بَلۡسکتہ رَاٰنَ عَليٰ قُلُوۡبِهِمۡ مَّاکَانُوۡا يَکۡسِبُوۡنَ کَلَّآ اِنَّهُمۡ عَنۡ رَّبِّهِمۡ يَوۡمَئِذِ لَّمَحۡجُوۡبُوۡنَ”(سورت المطففين، آيت 14 کان 15).

“ (ايئن) بلڪل نه آهي! پر (حقيقت هيءَ آهي ته) اهي جيڪي ڪمائيندا هئا (برا عمل) انهن جي دلين تي ڪٽ ڄمي وئي آهي (ان ڪري انهن جي دلين تي آيتون اثر نه ٿيون ڪن). حق هي آهي ته بيشڪ انهيءَ ڏينهن تي انهن کي پنهنجي ربَّ جي ديدار ڪرڻ کان (محروم ڪرڻ لاءِ) پردي پويان روڪيو ويندو”.

 نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائي حديثن جي روشنيءَ ۾:

1: حضرت فضالا بن عبيد رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن حجة الوداع جي موقعي تي ارشاد فرمايو:

“اَلۡمُجَاهِدُ مَنۡ جَاهَدَ نَفۡسَہُ فِيۡ طَاعَةِ اللهِ”(مسند احمد، مسندُ فَضَالةَ بن عبيدِ الۡانصَاِري رضي الله عنہ).

“مجاهد اهو هوندو آهي جيڪو الله تعاليٰ جي اطاعت ۾ پنهنجي نفس سان جهاد ڪندو آهي”.

2: هڪ ڀيري حضور ڪريم ﷺ جن جهاد کان واپس تشريف کڻي آيا ته پاڻ ﷺ پنهنجي اصحاب سڳورن رضي الله عنہم کي ارشاد فرمايو:

“اَتَيۡتُمۡ مِّنَ الۡجِهَادِ الۡاَصۡغَرِ اِلَي الۡجِهَادِ الۡاَکۡبَرِ”.

“اوهان ننڍي جهاد کان موٽي، وڏي جهاد ڏانهن آيا آهيو”.

 اصحاب سڳورن رضي الله عنہم عرض ڪيو، يارسول الله ﷺ!

جهاد اڪبر ڇا آهي؟

رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو:

“مُجَاهِدَةٗ النَفۡسِ”(شرح صحيح بخاري لابن بطالؒ. بَاب مَنۡ جَاهَد نَفۡسَہٗ فِي طَاعةِ اللهِ).

“(اهو) پنهنجي نفس سان جهاد ڪرڻ آهي”.

ملا علي قاري رحمة الله عليہ هن حديث جي سمجهاڻيءَ ۾ هن ريت فرمايو آهي:

:(وَاَلۡمُجَاهِدُ) اَيِ الۡحَقِيقِيُّ (مَنۡ جَاهَدَ نَفۡسَہُ فِيۡ طَاعَةِ اللهِ) اِذۡ هُوَالۡجِهَادُ الۡاکۡبَرُ (وَالۡمُهَاجِرُ) اَيِ الۡکامِلُ (مَنۡ هَجَرَ الۡخَطايَا وَالذُّنُوبَ) اَيۡ تَرَکَ الصَّغَائِرَ وَالکَبَائِرَ” ( مرقاة المفاتيح ڪتاب الايمان).

“۽ حقيقي مجاهد اهو هوندو آهي جيڪو الله تعاليٰ جي اِطاعت ۾ پنهنجي نفس سان جهاد ڪندو آهي ڇو ته اهو جهاد اڪبر آهي ۽ ڪامل مهاجر(مجاهد) اهو آهي جيڪو گناھ ڪرڻ ڇڏي ڏي، يعني صغيره ۽ ڪبيره گناهن کي ترڪ ڪري ڇڏي.

ملا علي قاري رحمة الله عليہ جهاد اڪبر جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:

“لِاَنَّ النَّفۡسَ کَالۡمَلِکِ فِي دَاخِلِ الۡانۡسَانِ وَعَسۡکَرُهُ الرُّوحُ الۡحَيَوَانِيَّةُ وَالطَّبِيعِيَّةُ وَلۡهَوَي وَالشَّهۡوَةُ وَهِيَ فِي نَفۡسِهَا عَميَاءُ لَا تُبۡصِرُ الۡمَهَالِکَ وَلَا تُمَيِّزُ الۡخَيۡرَ مِنَ الشَّرِّ اِلَي اَنۡ يُنَوِّرَ اللهُ بِلَطِيۡفِ حِکۡمَتِہِ بَصِيرَتَهَا فَتُبۡصِرُ الۡاَعۡدَاءَ وَالۡمَعَارِفَ”.

“ڇو ته نفس انسان جي باطن ۾ بادشاھ جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جا لشڪر دنياوي، حيواني، روحاني، نفساني خواهش ۽ شهوت آهن. نفس جو هي حال آهي ته اهو بلڪل انڌو هوندو آهي ۽ پنهنجي برباديءَ کي نه سڃاڻيندو آهي ۽ نه وري ڀلائيءَ ۽ برائيءَ جي شناخت ڪندو آهي، جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حڪمت ۽ لطف سان سندس بصيرت روشن ٿي وڃي ته پوءِ اهو دشمن ۽ معارف کي سڃاڻي سگهندو”.

“وَاَمَّا جِهَادُ الۡقَلۡبِ فَتَصۡفِيَتُہُ وَقَطۡعُ تَعَلُّقِہِ عَنِ الۡاَغۡيَارِ وَجِهَادُ الرُّوحِ بِاِفَنَاءِ الۡوُجُودِ فِي وُجُودِ الۡوَاحِدِ الۡقَهَّارِ” (مرقاة المفاتيح ڪتاب الايمان).

“۽ جيسيتائين دل جي جهاد جو تعلق آهي ته دل جي صفائي ۽ ان کي الله جي ذات سان پاڪ ڪرڻ آهي ۽ روح جو جهاد پنهنجي وجود کي الله جل جلالہ واحد القهار ۾ فنا ڪرڻ آهي”.

3: حضرت محمد بن ڪعب رضي الله عنہ کان روايت بيان ڪري ٿو:

 “اِذَا اَرَادَ اللهُ بِعَبۡدِ خَيۡرًا فَقَّهَہُ فِي الدِّينِ وَزَهَّدَهُ فِي الدُّنۡيَا وَبَصَّرَهُ عَيۡبَہُ فَمَنۡ اُوتِيَ هَذَا فَقَدۡ اُوتِيَ خَيۡرَالدُّنۡيَا وَالۡاَخِرَةِ” (مصنف ابن ابي شيبه، ڪتاب الفرائض).

     “جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي جي باري ۾ ڀلائيءَ جو ارادو ڪندو آهي ته ان کي دين جي سمجھ عطا ڪندو آهي. دنيا ۾ زهد عطا ڪندو آهي ۽ ان کي پنهنجي عيبن جي باري ۾ آگاھ ڪندو آهي. پوءِ جنهن خوش قسمت کي هيءَ شيءِ عطا ڪئي وئي، ان کي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي نصيب ٿي وئي”.

4: جن ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي عيبن کان خبردار ڪندو آهي ته اهي پنهنجي نفس کي رياضت جي بٺيءَ مان پار ڪرائيندا آهن ۽ پنهنجي نفس کي مطمئنه جي مقام تي مقرر ڪرائيندا آهن.

 انهن جي باري ۾ حديث ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.

حضرت حارث بن مالڪ انصاري رضي الله عنہ کان روايت آهي ته:

     “هڪ دفعي اهو حضور نبي ڪريم ﷺ جن جي ڀرسان گذريو ته پاڻ ڪريمﷺ فرمايو: اي حارث! اوهان جي صبح ڪيئن ٿي؟

ان عرض ڪيو: مون سچي مؤمن وانگر يعني (حقيقت ۾ ايمان سان) صبح ڪئي.

     پاڻ ڪريم ﷺ ارشاد فرمايو: اي حارث! تون ڇا چئي رهيو آهين؟  حضور نبي ڪريمﷺ ارشاد فرمايو: يقينًا هر هڪ شيءِ جي ڪا نه ڪا حقيقت هوندي آهي تنهنڪري اوهان جي ايمان جي ڪهڙي حقيقت آهي؟ عرض ڪيائين يارسول اللهﷺ منهنجو نفس دنيا کان لاتعلق ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ ڪري ساري رات سجاڳ ۽ ڏينهن ۾ (الله تعاليٰ جي ديدار جي طلب ۾) سڪايل رهان ٿو ۽ حالت اها آهي ته ڄڻڪ آئون پنهنجي ربَّ جي عرش کي سامهون ڏسي رهيو آهيان ۽ جنت ۾ جنتين کي هڪٻئي سان ملندي ڏسي رهيو آهيان ۽ آئون دوزخ ۾، دوزخين کي تڪليف ۾ دانهون ڪندي ڏسي رهيو آهيان”.

حضور نبي ڪريمﷺ ارشاد فرمايو:

“يَاحَارِثُ عَرَفۡتَ فَالۡزَمۡ ثَلاثًا” (المعجم الڪبير للطبراني، رقم الحديث: 3289).

“اي حارث! اوهان (ايمان جي حقيقت) کي سڃاڻي ورتو، هاڻي (ان سان) چنبڙي پئو. اهي ڪلما پاڻ ڪريم ﷺ ٽي ڀيرا فرمايا”.

5: اصحاب سڳورا رضي الله عنہم جو هي معمول هوندو هو ته سيّدي رسول الله ﷺ جي نگاھ ناز ۽ سنگت سان کين نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائي نصيب ٿيندي هئي، اهي ان کي قيمتي اثاث سمجهي ڪري دنيا جي هر شيءِ تي ان کي فوقيت ڏيندا هئا ۽ نه فقط ان جي حفاظت ڪندا هئا پر هر وقت ان ۾ واڌاري جا خواهشمند رهندا هئا. جيئن روايت ۾ آيو آهي ته:

“هڪ ڏينهن حضرت حنظله رضي الله عنہ هڪ خاص احتساب جي ڪيفيت ۾ سوچيندي سوچيندي روئڻ لڳو ۽ انهيءَ مهل حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ سندس ڀرسان گذريو ته اهو روئي رهيو هو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ پڇيو: اي حنظله! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ حضرت حنظله رضي الله عنہ عرض ڪيو:“ اي ابوبڪر! حنظله منافق ٿي ويو آهي”.

حضرت حنظله رضي الله عنہ بيان ڪري ٿو ته اسان نبي ڪريم ﷺ جن جي مجلس ۾ ويندا هئاسين ته پاڻ ڪريم ﷺ اسان سان دوزخ ۽ جنت جو ذڪر ڪندا هئا ته ايئن معلوم ٿيندو هو جيئن اسان پنهنجي اکين سان اهو سڀ ڪجھ ڏسي رهيا آهيون پوءِ جڏهن اسان پنهنجي گھر، مال ۽ اسباب ڏانهن واپس موٽندا آهيون ته اڪثر ڳالهيون وساري ڇڏيندا آهيون. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ سموري ڳالھ ٻڌي ڪري فرمايو! الله جو قسم! منهنجو به ساڳيو ئي حال آهي. اچ مون سان گڏ ته حضور نبي ڪريم ﷺ وٽ ٿا هلون.

حضرت حنظله رضي الله عنہ فرمائي ٿو ته اسان ٻئي حضور ڪريم ﷺ جي بارگاھ مبارڪ ۾ هليا وياسين، جڏهن رسول ڪريم ﷺ جن پنهنجي غلام کي ڏٺو ته ارشاد فرمايو: اي حنظله توکي ڇا ٿيو آهي؟

حضرت حنظله رضي الله عنہ عرض ڪيو “يارسول الله ﷺ! حنظله منافق ٿي ويو آهي”.

( پنهنجي ڳالھ کي جاري رکندي عرض ڪري ٿو ته)

“يارسول الله ﷺ! جڏهن اسان اوهان سان گڏ هوندا آهيون ته اوهان اسان کي واعظ ۽ نصيحت ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر ٻڌائيندا آهيو ته ايئن معلوم ٿيندو آهي جيئن اسان انهن ٻنهي کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ جڏهن اسان واپس موٽندا آهيون ته پنهنجي گهر، مال ۽ اسباب جي مصروفيت جي ڪري ڪجھ ڳالهيون وساري ڇڏيندا آهيون (يعني اها ساڳي ڪيفيت اسان ۾ باقي نه رهندي آهي)”.

حضرت حنظله رضي الله عنہ فرمائي ٿو ته (حضور ڪريم ﷺ منهنجي سموري ڳالھ تفصيل سان ٻڌي ۽ پوءِ) ارشاد فرمايو:

“لَوۡ تَدُوۡمُوۡنَ عَلَي الۡحَالِ الَّذِيۡ تَقُوۡمُوۡنَ بِهَا مِنۡ عِنۡدِيۡ لَصَافَحَتۡکُمُ الۡمَلاَئِکَةُ فِيۡ مَجَالِسِکُمُ وَفِيۡ طُرُقِکُمۡ وَعَلَي فُرُشِکُمۡ وَلَکِنۡ يَا حَنۡظَلَةُ سَاعَةً وَسَاعَةً وَسَاعَةً”(سنن الترمذي، ابواب صفة القيامة).

“جيڪڏهن اوهان هن حال تي قائم رهو جنهن حال ۾ مون وٽ هوندا آهيو ته ملائڪ اوهان جي مجلسن، بسترن ۽ واٽن ۾ اوهان سان مصافحو ڪن، پر اي حنظله! اها وقت وقت جي ڳالھ آهي”.

     6: انسان جي جسم ۾ دل کي خاص مقام حاصل آهي ان جي صفائيءَ سان سڄي جسم جي اصلاح جو دارومدار آهي جيئن رسول ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو:

“اَلۡا وَاِنَّ فِي الۡجَسَدِ مُضۡغَةً اِذَا صَلَحَتۡ، صَلَحَ الۡجَسَدُ کُلَّہُ، وَاِذَا فَسَدَتۡ، فَسَدَ الۡجَسَدُ کُلُّہُ، اَلۡاَ وَ هِيَ الۡقَلۡبُ”(صحيح مسلم، ڪتاب المساقات).

“خبردار جسم ۾ هڪ گوشت جو ٽڪر آهي، جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته سمورو جسم صحيح آهي ۽ جيڪڏهن اهو خراب آهي ته سڄو جسم خراب آهي خبردار اها دل آهي”.

7: هڪ ٻي مقام تي رسول ڪريم ﷺ جن دل جي صفائيءَ ڏانهن رهنمائي ڪندي ارشاد فرمايو:

“حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنہ حضور نبي ڪريم ﷺ کان روايت بيان ڪري ٿو ته پاڻ ڪريم ﷺ ارشاد فرمايو:

“لِکُلِّ شَيۡءِ صِقَالَةُ وَ صِقَالَةُ الۡقَلُوبِ ذِکۡرُاللهِ”

“هر شيءِ کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو اوزارُ هوندو آهي ۽ دلين کي صاف ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جو ذڪر آهي”.

هن حديث جي سمجهاڻيءَ ۾ ملا علي قاري رحمة الله عليہ لکي ٿو ته:

“جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪٽ لڳي وڃي ته ان جي باطني يا ظاهري طور تي صيقل يعني روشن، پاڪ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ امام ابن حجر عسقلاني رحمة الله عليہ جي مطابق ڪو اوزارُ هوندو آهي جنهن جي ذريعي ان جي ڪٽ ۽ گدلاڻ کي صاف ڪيو ويندو آهي. دلين کي صاف ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جو ذڪر آهي ڇو ته دل مان الله تعاليٰ جي ذڪر جي ذريعي غير جو ڪينو ۽ بغض صاف ٿيندو آهي ۽ دل الله تعاليٰ جي انوارن جي مشاهدي ڪرڻ جو آئينو بڻجي ويندي آهي”(مرقاة المفاتيح، باب: ذِکۡرِ الله عَزَّ وَجَلَّ والتَقۡرَّبِ اليِہِ).

نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائي حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ جي تعليم جي روشنيءَ ۾:

حضرت سلطان العارفين رحمة الله عليہ جي قول مبارڪ کان پهرين سندس جي مرشد ڪامل اڪمل محبوب سبحاني، قطب رباني، شهباز لامڪاني سيدنا الشيخ عبدالقادر جيلاني رضي الله عنہ نفس جي انهيءَ ڪيفيت جي باري ۾ مڪمل ۽ منع ڪندڙ قول مبارڪ نقل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. پاڻ رضي الله عنہ ارشاد فرمايو:

هڪ دفعي رسول ڪريم ﷺ ڪجھ اصحابن سڳورن رضي الله عنہم کي ارشاد فرمايو:

“اَعۡدٰي اَعۡدَاءِ کَنَفۡسُکَ الَّتِيۡ بَيۡنَ جَنۡبَيۡکَ”.

     اوهان جو سڀ کان وڏو دشمن اوهان جو نفس آهي، جيڪو اوهان جي ٻنهي پاسن جي وچ ۾ آهي”.

“اوهان ايسيتائين الله تعاليٰ جي محبت نه ٿا حاصل ڪري سگهو، جيسيتائين پنهنجي اندران نفس اماره، نفس لوامه، نفس ملهمه جهڙن دشمنن کي قيد نه ٿا ڪيو ۽ اوهان جو وجود بڇڙين عادتن ۽ چوپاين مثال طور: گهڻو کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره جي خواهشن ۽ وحشي جانورن جهڙين

عادتن مثال طور: قهر، گارگند ۽ مارڻ وغيره ۽ شيطاني عادتون مثال طور: تڪبر، حسد، ڪينو ۽ اهڙين ٻين جسماني ۽ قلبي مصيبتن کان پاڪ نه ٿو ٿئي”(سرالاسرار).

حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ نفس جي اصلاح جي باري ۾ فرمائي ٿو:

راحتی  گر  خویش  خواہی نفس  راگردن  بزن

گر  وصال حق  بخواہی  بگزر ز  فرزند  و  زن

(عين الفقر، باب چوٿون)

“جيڪڏهن تون آسودگي گهرين ٿو ته نفس جي ڳچي مروڙي ڇڏ ۽ جيڪڏهن تون حق جو وصال چاهين ٿو ته پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ”.

پاڻ رحمة الله عليہ طالب کي نصيحت ڪندي ارشاد فرمائين ٿا:

“حق جي طالب لاءِ ضروري آهي ته اهو هر دم، هر وقت نفس جي مخالفت ڪندو رهي ۽ ڪنهن به وقت ان کان غافل نه ٿئي ڇو ته نفس ڪافر آهي، ان سان هر حالت ۾ دشمني ۽ جنگ جاري رکڻي آهي چاهي اها خواب جي حالت ۾ هجي يا سجاڳيءَ ۾، مستيءَ ۾ هجي يا عقلمنديءَ ۾، ڇو ته هي چور جان جو دشمن آهي ۽ حق جي واٽ کان گمراھ ڪندڙ آهي، ان کي سڪون سان رهڻ نه ڏنو وڃي” (عين الفقر، باب چوٿون).

مٿي ڏنل قرآن مجيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ نفس جي چئن بنيادي قسمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پاڻ رحمة الله عليہ نفس جي قسمن جو ذڪر ڪندي ارشاد فرمايو:

“نفس ٻن قسمن جو آهي جيئن ماڻهوءَ جو وجود ٻن قسمن جو آهي، يعني لطيف وجود ۽ ڪثيف وجود. ڪثيف وجود انهن ماڻهن جو آهي جن جو نفس اماره يا لوامه يا ملهمه آهي. اماره واٽ کان ڀٽڪائيندڙ شيطان جو نالو آهي، ان جي ماتحت لوامه آهي ۽ لوامه جي تابع ملهمه آهي. هنن ٽنهي جو هڪ ٻئي سان اتحاد آهي. لطيف وجود انهن ماڻهن جو آهي جن جو نفس مطمئنه آهي ۽ مطمئنه ان کي چوندا آهن جيڪو ظاهر ۽ باطن ۾ اِطاعت ڪندڙ هجي” (عين الفقر، باب چوٿون).

اوهان جي تعليم جي مطابق مرشد ڪامل جو ڪم حضور ڪريم ﷺ جن جي سنت تي عمل ڪرائڻ آهي ۽ طالبان موليٰ جي نفس جي پاڪائي، دل جي صفائي ۽ روح کي جيارڻ آهي جيئن پاڻ رحمة الله عليہ فرمائي ٿو:

“مرشد پهرين ڏينهن اسم ‘الله‘ ذات جي تصوُّر جي حاضرات سان طالب جي نفس جي پاڪائي، دل جي صفائي ۽ روح ۽ سِّر تي تجلي ڪري نفس، دل، روح ۽ سِّر کي خالص نور ڪري ڇڏيندو آهي” (ڪليد التوحيد (ڪلان).

جيڪو ماڻهو اسم ‘الله’ ذات جي برڪت سان صاحبِ نور ٿي ويندو آهي ته ان جي مقام ۽ مرتبي جي وضاحت پاڻ رحمة الله عليہ هن ريت فرمائين ٿا:

“ثابت ٿيو ته صاحبِ نور کي نفس جي صفائي نصيب ٿي وئي آهي ۽ اهو نفس مطمئنه بڻجي نور ٿي ويندو آهي، ان جو دل صاف ٿي نور بڻجي ويندو آهي، ان جي روح تجلي سان پُر نور ٿي ويندي آهي ۽ ان جو سِّر الله تعاليٰ جي رازن جو مشاهدي نما (آئينو) بڻجي ويندو آهي. خدا جي قرب جي بدولت ان جو جلوه ٿي ويندو آهي. سر کان وٺي پيرن تائين اهو ماڻهو نور هوندو آهي ڇو ته جنهن جي وجود مان ناپسنديده (برائيون) جا ڪم ٿيندا ئي نه هجن اهو هميشه الله تعاليٰ جو منظور نظر هوندو آهي ۽ ان کي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي مجلس جي دائمي حضوري حاصل هوندي آهي” (ڪليد التوحيد (ڪلان).

جڏهن طالب مرشد ڪامل کان “اسم ‘الله’ ذات” جي دائمي دولت حاصل ڪري وٺندو آهي ته ان جي برڪت سان جيڪا ڪيفيت نصيب ٿيندي آهي ان جي باري ۾ پاڻ رحمة الله عليہ ارشاد فرمايو آهي:

“ڄاڻي ڇڏيو ته اسم ‘الله’ ذات جي تصوُّر سان نفس جي پاڪائي حاصل ڪري مطمئنه جي صفتن سان صاحب صفت ٿي ويندو آهي ۽ دل صاف ٿي ويندي آهي دل صاف ٿيڻ سان روح تجلي حاصل ڪندو آهي ۽ روح جي تجليءَ سان سِّر جي تجلي حاصل ٿيندي آهي. جڏهن هي چارئي (نفس، دل، روح ۽ سِّر) پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا آهن ته صاحب نفس پنهنجي نفس تي غالب ۽ حڪمران ٿي ويندو آهي. هي درجو فنا في الله فقير جو آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي:“ ۽ اهو داخل ٿي ويو پنهنجي جنت ۾ پنهنجي نفس مٿان غلبو حاصل ڪري”( خورد مجالسة النبي ﷺ).

وڌيڪ ارشاد فرمايو:

“اهڙيءَ ريت الله جي طالب لاءِ ضروري آهي ته اهو پنهنجي دماغ ۾ اسم “الله” ذات ۽ اسم “محمّد”ﷺ جي تصوُّر سان تصرف ڪري ته جيئن ان جي ذهن ۾ روح جي ذڪر ۽ سّر جي ذڪر جي گرمائش سان اهڙي باھ ڀڙڪي پوي جو ان کي نفس، زن، دنيا ۽ شيطان جو مخالف ڪري ڇڏي. جڏهن هنن چئني جي مخالفت سان طالب جو وجود سينگارجي ٿو ته نفس جي پاڪائي، دل جي صفائي، روح کي تجلي ۽ سِّر کي هيڪڙائي نصيب ٿي ويندي آهي” (محڪ الفقر (ڪلان).

نفس جي پاڪائي ڪهڙن ماڻهن کي حاصل ٿيندي آهي. ان جي وضاحت پاڻ رحمة الله عليہ هن ريت فرمائين ٿا:

“جيڪو شخص دنيا ۾ غرق ۽ مرده دل ماڻهن کان جدائي اختيار ڪندو آهي ته ان جي دل صاف ٿي نفس يقينن مري ويندو آهي. ان جي نفس جو ايئن مرڻ ۽ قتل ٿيڻ ان کي سڪون ۽ قرار بخشيندو آهي ڇو ته ان کي شرڪ، ڪفر، تڪبر ۽ گندين عادتن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي. جيئن نفس جو موت صالح عمل ڪرڻ سان ان کي پاڪائي حاصل ٿيندي آهي ۽ اهو دنيا جي لذتن ۽ دنيادارن سان ملڻ جلڻ کان توبھ ڪندو آهي، پاڪ دل ۽ مقدس روحن سان محبت رکندو آهي ۽ عبادت ۽ الله تعاليٰ جي معرفت ۾ گُم ٿي نفس مطمئنه کي حاصل ڪندو آهي”.

پاڻ رحمة الله عليہ هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو ته:

“ماڻهو نفس جي پاڪائي، دل جي صفائي، روح جي تجلي ۽ سّر کي هيڪڙائي علم سان ڪڏهن به حاصل نه ٿو ڪري سگهي، چاهي هزارين علمي ڪتاب ڇو نه پڙهيا هجن. پوءِ اي صاحب فضيلت عالم! (جيڪڏهن الله تعاليٰ جي قرب جو گهرين ٿو ته) تون وسيلت (ڪامل مرشد) جي واٽ اختيار ڪر”.

مرد مرشد را طلب کن راہبر

تا  دہد  از حق  ترا  کلی  خبر

(محڪ الفقر (ڪلان).

“پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ ڪنهن ڪامل مرشد جي ڳولا ڪر ته جيئن اهو توکي حق جي واٽ کان واقف ڪري”.

ڪلام جو خلاصو:

الله تعاليٰ جو هر مقرب ٻانهو حضور ڪريمﷺ جي سنت مبارڪ “تَنَامُ عَيۡنِي وَلاَ يَنَامُ قَلۡبِي”(منهنجي اک ته سمهندي آهي پر دل نه ٿي سمهي(صحيح بخاري).

تي عمل جي پيروي ڪندي پنهنجي دل کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان روشن ڪري. علامه محمد اقبال رحمة الله عليہ پنهنجي ڪلام ۾ عشق ۽ ان جي تاثير جي حقيقت بيان ڪندي هڪ جاءِ تي ارشاد فرمايو آهي:

شوق مری لے میں ہے، شوق مری نے میں ہے

نغمہ “اللہ ھو”  میرے   رگ   و   پے   میں  ہے

“ان ڪري جيڪو طلب ڪندو آهي اهو الله تعاليٰ جو قرب ۽ ديدار جي منزل کي حاصل ڪري وٺي ته ان کي گهرجي “اَلرَّفِيۡقُ ثُمَّ الطَّرِيۡق” تي عمل ڪري، سڀ کان پهريان ڪامل مرشد جي نگرانيءَ ۾ فقر جي واٽ اختيار ڪري ۽ دل کي الله تعاليٰ جي ذڪر سان صاف ڪري ته جيئن ان جي دل ۽ دماغ الله تعاليٰ ۽ ان جي محبوب ڪريم ﷺ جن جي عشق جو مرڪز بڻجي سگهي.

     اڄ اسان جي مرشد حضور جانشين سلطان الفقر حضرت سخي سلطان محمّد علي صاحب (مدظله الاقدس) جي ڪوششن ۽ محنت جو پهريون مقصد به اهو ئي آهي ته سندس جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ وارن کي اسم ‘الله’ ذات عطا ڪري نفس جي پاڪائي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏوگڏ، الله تعاليٰ جو عرفان، قرب ۽ ديدار عطا ڪيو وڃي ۽ پياري پيغمبر حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ جن جو پيغام هر خاص ۽ عام تائين پهچايو وڃي. هن مشن ۽ مقصد جي تڪميل لاءِ هر سال مختلف وقتن تي اجتماعن جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، جتي اصلاحي جماعت جا مبلغ ۽ ڪارڪن هن دعوت کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۾ مشغول رهندا آهن.

یا الٰہی دل کی یہ آرزو ہے اگر منظور ہو جائے

اسم اللہ سے ہر مومن کا دل پر نور ہو جائے.

Murshid-e-Kamil Founder Islahee Jamaat

ڪامل مرشد اصلاحي جماعت

اصلاحي جماعت جو باني حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب (رحمة اللہ عليہ) 14 آگسٽ 1947ع ڳوٺ حضرت سلطان باھو (قدس الله سره) بھادرن جي ڌرتيءَ تي، علم، حڪمت ۽ تصوف سان ڀرپُور...

مزید پڑھیں
Ain-ul-Faqr Short Summary

عين الفقر جومختصرمطالعو

سلطان العارفين حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جي ولادت 1039 ھجري شورڪوٽ ۾ ٿي. پاڻ رحمة الله عليہ جو والد حضرت بازيد محمد رحمة الله عليہ صالح، حافظ قرآن ۽ فقيہ ماڻھو...

مزید پڑھیں
Tazkeya Nafas,Tasfeeya Qalb

تذڪيہ نفس و تصفيہ قلب

(قرآن مجيد، حديث ۽ حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ جي تعليم جي روشنيءَ ۾) نفس جي ڪنڊيدار واديءَ کي پار ڪرڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جو قرب ۽ ديدار نه فقط ڏکيو...

مزید پڑھیں

ڈاکومینٹری فلم سلطان باھُو

July 29, 2022
Tazkeya Nafas,Tasfeeya Qalb

تذڪيہ نفس و تصفيہ قلب

(قرآن مجيد، حديث ۽ حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ جي تعليم جي روشنيءَ ۾) نفس جي ڪنڊيدار واديءَ کي پار ڪرڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جو قرب ۽ ديدار نه فقط ڏکيو پر ناممڪن آهي ۽ الله تعاليٰ جي قرب، ديدار ۽ سڃاڻپ جو۔۔۔