اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين

:حديث قدسي ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي

مان هڪ لڪيل ڇپيل خزانو هيس. مون چاهيو ته سڃاتو وڃان، پوءِ مان مخلوق کي ان جي لاءِ پيدا ڪيو جيئن ته هي منهنجي سڃاڻپ ڪن.۔

ان مقصد (معرفت الاهي) جي تڪميل جي خاطر الله تعاليٰ پنهنجي سڄي مخلوق کان هڪ امتحان ورتو، جنهن ۾ انسان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٻين مخلوقات تي برتري جو شرف حاصل ڪري، هن زمين تي الله جو خليفو (نائب) قرار ٿيو. بيشڪ الله پنهنجي هڪ امانت آسمانن تي، جبلن تي ۽ زمين تي پيش ڪئي، هي سڀ امانت جي بار کڻڻ کان عاجز اچي ويا ۽ فاٽي پيا، پر انسان ان کي قبول ڪري ورتو. (القرآن)۔

الله تعاليٰ، انسان کي بيشمار نعمتون ۽ اختيارات عطا ڪيا ۽ هن کي سڀني مخلوقات کي مسخر ڪرڻ جي صلاحيت به بخشي. گڏوگڏ هن جي طرف زندگيءَ جي بنيادي مقصد (معرفت توحيد) جي حصول جي لاءِ پنهنجي منتخب بندن کي هدايت جو پيغام ڏئي ڪري هن جي طرف موڪليو. ڪم و بيش هڪ لک چوويهه هزار انبياء ۽ رسول، دنيا جي سڀني قومن وٽ معبوث ٿيا ۽ انسانيت کي فلاح جي رستي جي دعوت ڏيندا رهيا، پر جڏهن محمد رسول اللهﷺ تشريف فرما ٿيا ته ان کان پوءِ نبوت جو دروازو قيامت تائين بند ڪري ڇڏيو. دروازي نبوت بند ٿيڻ کان پوءِ دعوت توحيد جو فريضو اهل بيت، صحابه ڪرام، تابعين ۽ تبع تابعين سرانجام ڏنو، انهن کان پوءِ هيءَ ذميداري الله جي برگزيده بندن يعني صوفياءِ ڪرام نڀائي. سڄي دنيا ۾ دعوت اشاعتِ اسلام سان گڏوگڏ مشرق وسطيٰ (وچ اوڀر) وچ ۽ جنوبي ايشيا، افريقه ۽ اندلس ۾ فردن جي ڪردارسازي ۽ مادي ترقي سان گڏ فرد جي روحاني استخلاص جي لاءِ صوفياءِ اڪرام بيشمار خدمتون پيش ڪيون.۔

دنياءِ اسلام جي عظيم روحاني پيشوا، صوفي شاعر، صوفي دانشور ۽ صوفي فلسفي حضرت سلطان باهوؒ انهن ۾ هڪ نمايان مقام رکن ٿا، جنهن اسلام جي عالمگير فڪر کي انساني بنيادن تي اڳتي وڌايو.۔

 

 

اصلاحي جماعت و عالمي تنطيم العارفين

Islahee Jammat wa Almi Tanzeem ul Arifeen

سلطان العارفين حضرت سلطان باهوؒ جي درٻار پُرانوار کان (حضرت سلطان باهو جي نائين پيڙهي) حضرت سلطان محمد اصغر عليؒ 1987ع ۾ اصلاحي جماعت جي بنياد رکي، جنهن جو مطلب ۽ مقصد، قرآن مجيد ۽ احاديث مبارڪه جي روشنيءَ ۾ اولياءِ اڪرام جي تعليمات کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۽ عامة الناس يعني انسانيت کي اُن جي زندگي جي اصل مقصد معرفت الاهي جي دعوت ڏيڻ آهي.۔

حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب هن جماعت جي تحت مختلف وفد تشڪيل ڏيڻ ۽ انهن کي سڄي ملڪ جي مسجدن، مارڪيٽن، عوامي مقامات ۽ اجتماعات ۾ ماڻهن تائين هي پيغام پهچائڻ لاءِ روانو ڪيو، جنهن جي اوهان پهريائين روحاني تربيت فرمائي، اُنهن جي دلين کي پاڪ ۽ طيب ڪري ”اسم الله ذات“ جي نور سان منور ڪيو، انهن کي امير يا مبلغ جي بدران اوهان ”صدر“ جو لقب ڏنو، يعني روشن سيني وارو، ڇالاءِ ته جنهن وقت تائين ڪنهن کي پنهنجي سيني کي روشني نصيب نه هجي ته هُو ڪنهن ٻئي کي ڪيئن مدعو ڪري (دعوت ڏئي) سگهي ٿو.۔

ان جي 13 سالن کان پوءِ اوهان هڪ ٻيو تنظيمي شعبو ”عالمي تنظيم العارفين“ جي نالي سان قائم ڪيو، جنهن تحت اوهان ملڪي ۽ مِلي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي اقدامات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. عالمي تنظيم العارفين جي زيراهتمام پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اصلاحي ۽ فڪري نشستن ۽ مختلف موضوعن تي عوامي اجتماعات، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ جو انعقاد ڪيو ويندو آهي.۔

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي دعوت جو دائرو فقط مريدن، متوصلين ۽ معتقدين حضرت سلطان باهو يا طريقت عاليه قادريه تائين محدود ناهي، هن جي دعوت جو دائرو فقط هڪ مسلڪ يا هڪ مذهب تائين ناهي، ان کان به وڌيڪ ”الخلق عيال الله“ (سڄي مخلوق الله جو خاندان آهي) جي تحت سڄي عالم انسانيت تائين هن جو دائرو وسيع آهي. اها ئي وجهه آهي، جو ايتري مختصر عرصي ۽ ايترن محدود وسيلن سان گڏ هن تحريڪ جا ڪارڪن پاڪستان جي طول و عرض ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهن. پاڪستان جي گهڻن ضلعن ۾ تحريڪ جا باقاعده دفتر قائم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ماتحت تعلقن، شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ يونٽن جي سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي.۔

:اجتماعات، ڪانفرنسون ۽ سيمينار

تحريڪ جي زيراهتمام پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اصلاحي ۽ فڪري نشستن ۽ مختلف موضوعن تي عوامي اجتماعات، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرايون وينديون آهن.۔

:عوامي اجتماعات

مرڪزي، ڊيويزنل، ضلعي، تعلقي ۽ يونٽن جي سطحن تي اجتماعات جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪنهن به مسلڪ جي عوام الناس کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي آهي. پاڪستان کان ٻاهر به متعدد (گهڻن) ملڪن ۾ اصلاح انسانيت جي لاءِ جماعت جا ڪارڪن رضاڪارانه طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪندا آهن.۔

سيمينارز ۽ ڪانفرنسون

ملڪ، ملت ۽ انسانيت جي موجوده زوال جي ڪيفيت جي پيش نظر ”سعي اتحاد امت ۽ امت استحڪام پاڪستان“ سيمينارز ۽ ڪانفرنسن جو اهتمام مختلف شهرن ۾ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ نامور مدبرين ۽ مفڪرين شريڪ ٿيندا آهن ۽ پنهنجي نقطئه نظر جي مطابق ملڪ، ملت ۽ انسانيت کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي نشاندهي ڪندا آهن.

اغراض و مقاصد (مطلب مشن ۽ مقصد):۔

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جو مطلب ۽ مقصد، قرآن مجيد ۽ احاديث مبارڪه جي روشنيءَ ۾ اولياءِ ڪاملين جي تعليمات کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۽ انهن ۾ اجتماعات جو شعور پيدا ڪرڻ آهي. باني اصلاحي جماعت ۽ باني تحريڪ حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب جي عالمگير افڪار جي مطابق ٽي نڪاتي جماعت، تنظيم ۽ ٻين شعبن جي تشڪيل ۽ غرض ۽ غايت آهن.

  • استحڪام اسلامي جمهوريه پاڪستان
  • اتحاد اُمت مسلمه
  • فلاح ۽ تشڪيل معاشره انساني 

:اسان جي جدوجهد

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي زير اهتمام اڪابرين اسلام جي پيغام سان تجديدِ عهد ۽ انهن جي صدين تي محيط امنِ عالم ۽ استحڪام انسانيت جي جدوجهد سان تجديد عهد جي لاءِ مرڪزي سطح تي هر سال ڪيترين ئي تقريبات جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄيءَ دنيا کان لکن جي تعداد ۾ عوام الناس شرڪت ڪندا آهن.

:سالانه پروگرام

دنيا جي مختلف ڪميونٽيز ۽ انهن جي افڪار سان ڳنڍيل ماڻهو پنهنجي پنهنجي مرڪزن ۾ مختلف اجتماعات جو اهتمام ڪندا پيا اچن، جنهن ۾ ان فڪر سان ڳنڍيل ماڻهن جي گهڻي تعداد ۾ شرڪت ٿيندي آهي. اهڙن اجتماعات ۾ ان ڪميونٽي جي افڪار جي حقانيت کي واضح ڪيو ويندو آهي ۽ افڪار جي مختلف پاسن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي ۽ مسقبل جي لاءِ لائحي عمل تي غور ڪيو ويندو آهي ۽ ڳنڍيل ماڻهن کان ان فڪر جي مطلب ۽ مقصد جي تڪميل جو تجديدِ عهد (نئين سِر واعدو) ورتو ويندو آهي.

انهيءَ روايت جي پيش نظر تقريباً سڀني صوفياء اسلام ۽ اڪابرين جي زندگيءَ جا مختلف گوشن سان ڳنڍيل ڏينهن جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي آهي، جنهن کي عرس ۽ ٻين نالن سان موسوم ڪيو ويندو آهي. گذريل ٻن صدين جي اُن زوال کي، جيڪو امت مسلمه ۾ برپا ٿيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هن طرح جون تقريبون گهڻو ڪري رسمن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ ڦاسي ڪري رهجي ويون هيون ۽ اڪابرين اسلام جي نالي ڪيل محفلن ۽ مجلسن ۾ انسانيت جي امن، محبت ۽ استحڪام جي پيغام جي بجائي ميلا ۽ ملاکڙا بڻجي ڪري رهجي ويون، پر اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي باني سلطان الفقر حضرت سلطان محمد اصغر عليؒ پنهنجي انقلابي فڪر جي تحت عرس جي تقريبات کي رسم ۽ رواج جي هٿ کان آزاد ڪري خالصتاً اڪابرين جي پيغام، تحريڪ ۽ اغراض و مقاصد سان تجديدِ عهد (واعدي) جي تقريب جي طور تي منعقد ڪرڻ جي سعي ڪئي ۽ ان فڪر جو پرچار ڪيو ته جيڪڏهن هن طرح جي تقريبات کان دعوت عمل ۽ عملِ احسن ٿي وڃي ته يقيني طور تي الله سبحانہ و تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم جو سايو به اتان کان اُٿي ويندو آهي.۔

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي زير اهتمام اڪابرين اسلام جي پيغام کان تجديد عهد (واعدي) ۽ انهن جي صدين تي محيط امن عالم ۽ استحڪام انسانيت جي جدوجهد سان تجديد  جي لاءِ مرڪزي سطح تي سال ۾ متعدد تقريبات جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ دنيا مان لکن جي تعداد ۾ عامة الناس شرڪت ڪندا آهن.۔

:سالانه سفر

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي باني حضرت سلطان محمد اصغر عليؒ جي ذات گرامي جي سيني مبارڪ ۾ توحيد ۽ رسالت، قرآن ۽ سنت جي دعوت ۽ اشاعت ۽ ان جي عملي نفاذ جي حرارت ۽ تحريڪ هر دم متحرڪ ۽ روان هئي، ان لاءِ پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته، حضور رسالت مآبﷺ سميت سڀني انبياء عليہ السلام ۽ سڀني اهل الله زمين تي گهمي ڦري ڪري، الله تعاليٰ جي دعوت کي عام ڪيو ۽ مخلوق وٽ وڃي ڪري انهن ۾ تعلق باالله کي راسخ ڪيو. صوفياءِ ڪاملين به اهو ئي فريضو سرانجام ڏنو. هن نظريي سان ڳنڍيل هئڻ ۽ ان تي ايمان رکڻ جي بنياد تي اسان سڀني تي لازم آهي ته، اسان جمود و تنزل جي زندگي ترڪ ڪري، جُهد ۽ تحرڪ جي زندگي اپنايون. باني اصلاحي جماعت دعوت معرفت جي مؤثريت جي لاءِ ملڪ ڀر ۾ ضلعن، تعلقن ۽ يونٽ جي سطح تي تحريڪ کي منظم ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ دعوتِ توحيد جي لاءِ سفر فرمايائون. امن جي هن عالمگير مشن کي اوهان پاڪستان کان ٻاهر به متعارف ڪرايو.۔

پاڪستان ۾ اوهان جتي جتي ضلعي تنظيم قائم فرمائي، اُتي اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي ضلعي تنظيم جي زيراهتمام عظيم الشان اجتماعات جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. هن عظيم پيغام کي ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ هر سال سرپرست اعليٰ اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين حضرت سلطان محمد علي (جانشين سلطان الفقر) جي زير سرپرستي ملڪ گير سطح تي بالترتيب ضلعي وار اجتماعات منعقد ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ مجموعي طور تي لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن.

:سيمينار

اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين حضرت سلطان باهو جي خانقاهه عاليه کان معرض وجود ۾ اچڻ وارو اهڙو عظيم پليٽ فارم آهي، جيڪو تفريق و تقسيم کان مبرا ۽ مسلڪ ۽ فرقي جي انا کان پاڪ آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن الله سبحانہ و تعاليٰ، سورة المائده ۾ فرمايو آهي ته، ”اليوم اڪملت لڪم دينڪم“، ته اڄ اسان دين کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، ان کان بعد دين ۾ دين جي هي سڃاڻپ کان علاوه ڪنهن ٻئي جي سڃاڻپ جي گنجائش نٿي رهي، جنهن طرح حضرت سلطان باهو پنهنجي ڪلام ۾ ارشاد فرمائين ٿا:

نہ میں سُنی نہ میں شیعہ، میرا دوھان تو دل سڑیا ہُو۔

ٻين به ڪيترن ئي اڪابرين انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته پنهنجي دين جي بقا انهيءَ ۾ آهي ته دين جي نالي وٺڻ وارا پنهنجي مختلف لساني، علاقائي، نسلي، مسلڪي ۽ سماجي سڃاڻپن جي بجاءِ دين جي ئي سڃاڻپ کي اختيار ڪن. اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين، عالم اسلام ۾ موجود مشترڪ ۽ دردِ مشترڪ تي اتحاد ۽ يڪجهتي قائم ڪرڻ جي سعي تي گامزن عمل آهي. الله سبحانہ و تعاليٰ جو ڪلام پاڪ اسان کي اهو ئي ٻڌائي ۽ سيکاري ٿو ته مڪي جي بغير پاڻيءَ جي سڪل پٿريلي زمين جي وادي ۾ پاڻي تلاش ڪرڻ جي پرخلوص سعي ڪرڻ حضرت حاجره رضي الله تعاليٰ عنها جي ذمي هيو ۽ ننڍڙي معصوم حضرت اسماعيل جي قدمن کان معجزانه طور تي پاڻيءَ جو چشمو جاري ڪرڻ، الله تعاليٰ جو ان سعي پرخلوص جو انعام آهي. ان لاءِ هن مشڪل پر اهم ترين ڪارِخير جي پرخلوص ۽ لڳاتار سعي ڪرڻ هر مسلمان جي ذمي آهي ۽ ان سعي جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ ملت اسلاميه کي يقيناً اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي انعام سان ضرور نوازيندو.

هتي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته، اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين، امت مسلمه جي محدود وقت ۽ محدود نوعيت جي ڪوشش جي بدران امت مسلمه جي وچ ۾ وسيع تر اتحاد جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيئن ته نه صرف هي ته مسلمانان عالم مختلف مذهبي ۽ سياسي تقسيم کان آزاد هجن، بلڪ پنهنجي ملڪن ۾ سماجي ۽ معاشي انصاف، تعليم، صحت، روزگار، جان ۽ مال، عزت ۽ آبرو جو تحفظ، امن امان ۽ ٻين بنيادي انساني حقن جي فروغ ۽ نفاذ سميت داخلي، خارجي، دماغي ۽ تجارتي سطح تي ملي جُلي ڪري ڪم ڪن، جنهن طرح ته دنيا جي ٻين قومن پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ متحد ٿيون آهن. مثال طور: براعظم ۾ (گڏيل رياست آمريڪا)، براعظم يورپ ۾ (يورپين يونين)، براعظم آفريڪا ۾ (افريڪن يونين)، اتر ايشيا ۾ (سارڪ)، خليجي ملڪن ۾ (خليج تعاون تنظيم)، وچ ايشيا ۾ (شنگهائي تعاون تنظيم) مذڪوره تنظيمات متعقله خطن جي ملڪن جي عوام جي قدر مشترڪ ۽ درد مشترڪ تي معروض وجود ۾ آيون آهن. ان لاءِ اسلاميان عالم کي به هڪ الڳ ۽ ممتاز قوم هئڻ جي حيثيت سان ٻين قومن جي طرح هي حق پهچي ٿو ته، هي پنهنجي قدر مشترڪ ۽ درد مشترڪ تي گڏجي، هڪ ٿي وڃن.

:روحاني قافلا

قرآن حڪيم ۾ الله سبحانہ و تعاليٰ جو فرمان آهي ته، توهان ۾ هڪ اهڙي جماعت هئڻ گهرجي، جيڪا ماڻهن کي ڀلائي ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏي ۽ معرفت حق تعاليٰ جي تلقين ڪري ۽ برائيءَ کان روڪي ته جيئن ماڻهو فلاح يافته ٿي وڃن. جيڪڏهن بغور ڏٺو وڃي ته رسالت مآبﷺ سميت سڀني انبياءَ عليهم السلام جن جون زندگيون (ففرو الي الله) ڊوڙو الله جي طرف جو پيغام ڏيندي گذريون آهن. الله سبحانہ و تعاليٰ جي رستي جي طرف سڏڻ ۽ ماڻهن کي ان جي رهنمائي فراهم ڪرڻ نبين سڳورن جي سنت عظيم آهي. هن دعوت جي خاطر نيبن ۽ امام الانبياءَﷺ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ الزام برداشت ڪيا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون نه تڪليفون کنيون. حضور رسالت مآبﷺ جن جي ذاتِ گرامي تي نبوت جو سلسلو ختم ٿيو ۽ ان کان پوءِ دعوت الي الله جو عظيم فريضو خلفاءِ راشدين ۽ صحابه ڪرام ۽ اهل بيت رضوان الله عليهم اجمعين سرانجام ڏنو ۽ ان کان پوءِ اولياءِ ڪاملين ۽ علماءِ ربانين ان فرض کي نڀايو ۽ ان ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته اسلام کي رائج ڪرڻ، ان جي شروعات کان وٺي اڄ تائين دعوت ۽ عمل سان ٿي آهي. جيئن ته الله تعاليٰ جي دعوت کي عوام ۾ کڻي ڪري وڃڻ اسان جي ايماني عقيدي جي فرائض ۾ شامل آهي. حضرت سلطان محمد اصغر عليؒ جڏهن اصلاحي جماعت جي بنياد رکي ته اُن وقت پاڻ درٻار عاليه حضرت سلطان باهو جي لکن عقيدت مندن منجهان ڪجهه خاص چونڊيا ۽ انهن جي لاءِ خاص طور تي نصاب ترتيب ڏياريو ۽ تربيت جي معيار کي پورو ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مختلف تبليغي قافلا ترتيب ڏنا ۽ امن جي سفيد دستارن کي انهن جي مٿن تي سينگاري ڪري، قوت عمل سان ٽمٽار ڪري، دعوت الي الله ۽ انساني معاشري جي اصلاح لاءِ انهن کي عوام الناس ۾ موڪليو. پاڻؒ انهن مبلغين جي تربيت فرمائي ڪري انهن جي تعداد ۾ واڌارو ڪيو ۽ هن وقت (الحمد لله) پاڪستان ۽ ٻين گهڻن ئي ملڪن ۾ اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جا مبلغ لڳاتار تبليغ دين ۽ دعوت الله جو عظيم فريضو سرانجام ڏيئي رهيا آهن. الله پاڪ جي ڏنل توفيق سان اڄ لکين ماڻهو هن جماعت جي ڪري راهه حق تعاليٰ ۾ مشغولِ عمل آهن، جيڪي مرد ۽ عورتون، قرآن ۽ سنت جي بنياد تي اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي تربيتي نصاب جي تربيت مڪمل ڪري وٺندا آهن، انهن کي (امير) يا (مبلغ) جي بدران ”صدر“ جي لقب سان ملقب ڪيو ويندو آهي، يعني ”صاحب صدر“، جنهن جو سينو قرآن ۽ سنت ۽ ذڪر الاهي جي نور کان روشن ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ چار چار صدور حضرات تي مشتمل قافلا ترتيب ڏنا ويندا آهن ۽ انهن کي مسجدن، مارڪيٽن ۽ ٻين عوامي مقامات جي طرف روانو ڪيو ويندو آهي، جتي وڃي ڪري هُو، الله پاڪ جي حڪم مطابق ماڻهن کي ڀلائي ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا آهن ۽ معرفت حق تعاليٰ جي تلقين ڪندا آهن ۽ برائيءَ کان روڪيندا آهن ۽ ٻڌائيندا آهن ته الله جي راهه ئي ڪاميابيءَ جي راهه آهي.۔

:مهيني وار درس

دين ابراهيمي پنهنجي شروعات کان ئي منطق ۽ استدلال تي يقين رکندو آهي، جنهن جي واضح مثال حضرت ابراهيم عليہ السلام جو سج، چنڊ ۽ تارن جي عبادت کان انڪار جو استدلال آهي، جنهن کي ڪوئي به رد نه ڪري سگهيو ۽ نبي آخر زمان حضرت محمدﷺ تي مڪمل ٿيڻ واري هن دين مبين جي پهرين فتح (فتح حبشه) هئي، جيڪا بغير ڪنهن جاني نقصان جي صرف منطق ۽ دليل سان الله پاڪ عطا فرمائي. سڀني نبين سڳورن جي هن سنت ۽ حڪمت جي مطابق اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين، مڪالمي ۽ دليل تي يقين رکندي آهي ۽ هن عمل کي لازم ڄاڻائيندي آهي ته معاشري ۾ عوام الناس جي اصلاح احوال جي لاءِ ماڻهن جي زبان ۽ لهجي ۾ انهن کي لڳاتار سمجهائڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ سڄي دنيا م جتي جتي اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جا دفتر موجود آهن، اتي خاص طور هفتي وار ۽ مهيني وار بنيادن تي درس جو اهتمام پڻ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪثير تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن.۔

دست بيعت کرد مارا مصطفےٰصہ – خواند است مارا مجتےٰ صہ

شد اجازت باهُو را از مصطفےٰصہ – خلق را تلقين بکن برع از خدا۔

ترجمو:”مونکي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم دست بيعت فرمايو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم مونکي پنهنجو (نوري، حضوري) فرزند قرار ڏنو. مونکي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم اجازت ڏني ته آئون خلقِ خدا کي تلقين ڪيان.“

دیگر ویب سائیٹس