عين الفقر جومختصرمطالعو

Ain-ul-Faqr Short Summary

حضرت سلطان باھو رحمة اللہ عليہ جي شاھڪار ڪتاب عين الفقر جو مختصر جائزو

مراة العارفين رسالو اپريل 2018ع

ليکڪ: لئيق احمد

سلطان العارفين حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جي ولادت 1039 ھجري شورڪوٽ ۾ ٿي. پاڻ رحمة الله عليہ جو والد حضرت بازيد محمد رحمة الله عليہ صالح، حافظ قرآن ۽ فقيہ ماڻھو ھو، مغل دور ۾ شورڪوٽ (جھنگ) قلعي جو نگران ھو ۽ سندس گهر واري بي بي راستي رحمة اللہ عليھا ڪامل ولين منجهان ھئي ۽ قطب شاھي اعواڻ (علوي) قبيلي سان تعلق ھو، جيڪو ايڪٽيھه پيڙھين سان سيدنا علي المرتضي شير خدا رضي اللہ تعاليٰ عنہ سان وڃي ملي ٿو. حضرت سلطان باھو رحمة اللہ عليہ جي والده کي الھامي طور تي ٻڌايو ويو ته جلد ئي اوھان جي بطن منجهان هڪ ڪامل ولي پيدا ٿيندو، اُن جو نالو ”باھو“ رکجو. ان لاءِ بي بي صاحبان اوھان جو نالو ”باھو“ رکيو.

حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جي سوانح حيات تي لکيل ڪتاب ”مناقب سلطاني“ ۽ ٻين سينہ بسينہ روايتن جي مطابق پاڻ رحمة الله عليہ عوام ۾ ھدايت الٰھي جي نور کي رائج ڪرڻ لاءِ 140 ڪتاب لکيا. اوھان جا سڀئي ڪتاب طالبان موليٰ لاءِ ھڪ ڪسوٽي آهن، جيڪي طالبان موليٰ جي ھر مرتبي تي انھن جي رھنمائي فرمائين ٿا. پاڻ رحمة الله عليہ جا ڪتاب جتي طالبان موليٰ کي شريعت مطهرہ تي ھلڻ جي سختي سان تلقين ڪن ٿا، اُتي طالبان موليٰ کي تصوف جي واٽ ۾ اچڻ واري خطرن کان به واقف ڪن ٿا. حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ ھن ڪتاب (عين الفقر) ۾ تصوف جي مسئلن کي فلسفياڻي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي پر اوهان جا سڀئي ڪتاب ھن خاصيت ۾ پنهنجو مثال پاڻ آھن ڇاڪاڻ ته اوهان ھر ڳالهه جي دليل، قرآن حڪيم ۽ سنت نبوي ﷺ منجهان پيش ڪئي آهي، جيئن ته حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ پنهنجي لکڻي بابت فرمائين ٿا:

هیچ تالیفی نه در تصنیف ما
هر سخن تصنیف ما را از خدا
علم از قرآن گرفتم ز حدیث
هر که منکر می شود از اهل خبیث


”منھنجا ڪتاب ڪنھن کان به تاليف نه ٿيل آهن، منهنجي ڪتابن جي ھر ڳالهه الله پاڪ جي طرف کان الھام آهي، مون سمورو علم قرآن ۽ حديث منجهان حاصل ڪيو آهي، تنھن ڪري منهنجي لکڻي جو انڪار ڪندڙ قرآن ۽ حديث جو منڪر آهي ان لاءِ اُھو پڪو خبيث آهي“ (سيد امير خان نيازي، ”تفھيم الڪلام“ العارفين پبليڪيشنز لاھور، مارچ 2012ع ، ص:5 ).

مشهور روايت جي مطابق اوهان جا 140 ڪتاب انمول يادگار آهن پر ھن وقت اوھان جا 31 ڪتاب منظرِ عام تي موجود آهن، جن منجهان ھڪ لھندي زبان ۾ (جنهن منجهان پنجابي، سرائيڪي ۽ ھندڪو ٻوليون الڳ ٿيون آهن) ۽ 30 فارسي ڪتاب آهن. ھن وقت جيڪي ڪتاب موجود آهن انھن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

”1. ابيات باھو (لھندي زبان)، 2. ديوان باھو، 3. تيغ برھنہ، 4. گنج الاسرار، 5. ڪليد التوحيد (ڪلان)، 6. محبت الاسرار، 7. مجالسة النبي ﷺ، 8. اورنگ شاھي، 9. رسالو روحي، 10. امير الڪونين، 11. محڪ الفقر خورد، 12. محڪ الفقر (ڪلان)، 13. ڪشف الاسرار، 14. حجت الاسرار، 15. فضل اللقاء، 16. توفيق الھدايت، 17. طرفة العين، 18. نور الھدي (ڪلان)، 19. ڪليد جنت، 20. جامع الاسرار، 21. محڪم الفقراء، 22. مفتاح العارفين، 23. اسرار القادري، 24. عين الفقر، 25. عقلِ بيدار، 26. قربِ ديدار، 27. نورالھديٰ (خورد) ، 28. شمس العارفين، 29. ديدار بخش، 30. سلطان الوھم، 31. عين العارفين“.

عين الفقر شريف جي عظمت ۽ اھميت:

عين الفقر حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جي سڀني ڪتابن منجهان وڌيڪ قيمتي ۽ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو طالبان موليٰ وٽ حق نما جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ھن لطيف ڪتاب جي اھميت کي بيان ڪندي پروفيسر سيد احمد سعيد ھمداني لکي ٿو:

”عين الفقر جي اھميت جو اندازو ھن ڳالهه سان لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جي خاندان جي سڀني صاحبزادن کي ھي ڪتاب درسي انداز ۾ پڙھائڻ جو اھتمام ڪيو ويندو هو، يعني ھي ھڪ اھڙو ڪتاب آهي جنهن کي پڙهيو وڃي ته حضرت سلطان باھو رحمة اللہ عليہ جي فقر ۽ تصوف کي سمجهڻ جي ڪجهه قابليت پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ ٻي ڪتاب نورالھديٰ پڙهڻ کان پوءِ سمجھيو ويندو ھو ته ھاڻي طالب پاڻ ئي حضرت سلطان العارفين رحمة الله عليہ جا ٻيا ڪتاب به پڙهي سگھندو ۽ اوھان جي تعليمات کي سمجهي به سگھندو“ (حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ، تقريظ پروفيسر سيد احمد سعيد ھمداني، العارفين پبليڪيشنز لاھور، جنوري 2016ع، ص:6 ).

اوهان جو ھي ڪتاب عالمن، صالحن ۽ تصوف جي واٽ جي سالڪن لاءِ مرشد جي حيثيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته اوهان ھن ئي ڪتاب ۾ تصوف جي ثقيل نڪتن کي اھڙي دلڪش، آسان فھم ۽ مختصر انداز ۾ قلم بند فرمايو آهي جيئن سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو ھجي. اوهان جي ھن ڪتاب جي مطالعي سان پُرڪيف لطف، سرور ۽ قلب جو اطمينان حاصل ٿئي ٿو ۽ اچرج ۾ پئجي وڃڻ جھڙا حقائق ۽ رازن جو انڪشاف ٿئي ٿو.

عين الفقر ڪتاب نثر ۽ نظم جو ھڪ سهڻو امتزاج آهي، مجموعي طور تي ڪتاب نثر ۾ آهي پر ڪو ھڪ به صفحو اھڙو نه آهي جنهن کي حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ پنهنجي شاعريءَ واري ذوق سان نه سينگاريو ھجي، ھر جاءِ تي اوهان جا فارسي بيت مثنوي جي انداز ۾ پکڙيل آهن، جنھن ۾ گھڻو ڪري رباعيون، قطعا ۽ ھڪ ترانو به شامل آهي جنهن کي اوهان ”عشق جو ترانو“ جي لقب سان نوازيو آهي. حضرت سلطان باھو جي بيتن کان سواءِ ڪٿي ڪٿي ٻين صوفين جا فارسي بيت به ھن ڪتاب ۾ ملن ٿا. بيتن سان گڏوگڏ ھن ڪتاب جو شايد ئي ڪو صفحو اھڙو ھجي، جنھن تي قرآن شريف جي آيت، حديثِ قدسي، حديثِ نبوي ﷺيا صوفين جا عربي قول درج نه ٿيل ھجن. ڪتاب جو اسلوب نهايت ئي پُر ڪشش ۽ سخن آفرين نڪتن سان سينگاريل آهي. هن ڪتاب ۾ صوفياڻا سڏ، عارفاڻيون تجليون، قرب جا مشاهدا، صوفياڻا اصطلاح، عاشقاڻي ترجيهون، حڪيماڻا نڪتا، عالماڻا تشريحون، مفسراڻا تاويلون، عابداڻا عبادتون ۽ زاهداڻي تسبيحن جي موتين کي محققاڻي تحرير ۽ فلسفياڻي خيالن جي دهاڳي ۾ ان خوبي ۽ خوبصورتي، مهارت ۽ عمدگي سان ٻَڌو ويو آهي ته جئين هر عهد ۽ زماني جا طالبان موليٰ هن ڪتاب جي تلقين ۽ ارشادات جي فيض کان فيضياب ٿيندا رهن. جتي هن ڪتاب ۾ طريقت جي عام ۽ خاص مسئلن تي ڀَرپُور رهنمائي ملي ٿي، اُتي قادري سلوڪ جي جامع ترتيب جي به ڄاڻ ملي ٿي.

عين الفقر شريف ڪتاب جي وقت ھندوستان جي سياسي ۽ مذھبي حالتون:

”پاڻ رحمة الله عليہ جي ولادت باسعادت کان پهريان الحاد جو اهو ٻج، جيڪو جلال الدين اڪبر وحدتِ اديان (مذھبن کي ھڪ جاءِ تي جمع ڪرڻ) جي نالي تي هندوستان جي زمين ۾ پوکيو ھو ۽ اُن جي اِن ارادن کي ناڪام، اُن وقت جي عظيم صوفي بزرگ  حضرت مجدد الف ثاني رحمة الله عليہ پنھنجي روحاني ۽ علمي طاقت سان فرمايو ھو اُھو ئي الحاد، ھڪ دفعو ٻيھر اڪبر بادشاھ جي پَڙ پوٽي داراشڪوھ جي صورت ۾ سلطان العارفين رحمة الله عليہ جي دور ۾ ظاھر ٿيو. داراشڪوھ سلطان العارفين رحمة الله عليہ جو ھم مسلڪ ۽ ھم طريقت ھو پر اُن جي باوجود سلطان العارفين رحمة الله عليہ داراشڪوھ جي ”حق ۽ باطل جي وچ ۾ شريڪ ٿيڻ“ کي رد ڪندي دين جي دفاع ۽ ان اديان جي شراڪتي الحاد جي پاڙ پٽڻ لاءِ، داراشڪوھ جي مقابلي ۾ اورنگزيب عالمگير جو ساٿ ڏنو جيڪو دين ۽ شريعت جي حوالي کان تعصب پرستن جي چوڻ مطابق سخت گيريت جو نمائندو، جڏھن ته اھل حق جي ويجھو استقامت جو اعليٰ مثال ھو ۽ سلطنت ۾ اسلامي شريعت جي نفاذ تي يقين رکندو ھو. پاڻ رحمة الله عليہ اورنگزيب عالمگير رحمة الله عليہ لاءِ ھڪ مستقل رسالو اورنگ شاھي جي نالي سان لکيو ۽ پنھنجي گھڻن ڪتابن ۾ اورنگزيب عالمگير جو ذڪر امير المومنين جي طور تي ڪيو ته جئين عوامي سطح تي اورنگزيب عالمگير جي حمايت ۾ پٺڀرائي ٿئي. تاريخي روايتن منجھان معلوم ٿئي ٿو ته اورنگزيب عالمگير، حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ سان ٽي ڀيرا، مختلف موقعن تي ملاقات ڪري فيض حاصل ڪيو. اورنگزيب عالمگير جتي شريعت کي نافذ ڪرڻ مٿان يقين رکندو ھو، اُتي داراشڪوھ وحدتِ اديان جي نالي تي تصوف جو سھارو وٺي ھڪ اھڙي صوفي تحريڪ ھلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو جنھن ۾ ھو قرآن ۽ ويدن ۾ ھڪجھڙائي جا دليل پيش ڪري اسلام کي ھندو ازم ۾ ضم ڪرڻ جو ارادو رکندو ھو ته جئين مغل خاندان جي حڪمراني کي ھتان جي اڪثريتي آبادي لاءِ وڌيڪ قابلِ قبول بنايو وڃي“(صاحبزادہ سلطان احمد علي صاحب، ”محبت فاتح عالم“، رسالو مراة العارفين انٽرنيشنل، سپٽمبر 2013ع، ص:31 ).

ھي ھيون ھندوستان جون اُھي سياسي ۽ مذھبي حالتون، جنھن وقت حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ پنھنجي شاھڪار ڪتاب ”عين الفقر“ کي تحرير ڪيو ۽ پنھنجي روحاني تصرف، تلقين ۽ نصيحت جي ذريعي پنھنجي دور ۾ اُٿڻ واري الحادي فتني جو مٿو چٿيو بلڪه تصوف کي صحيح معنيٰ ۾ قرآن ۽ سنت جي دليل جي روشنيءَ ۾ پيش به فرمايو.

حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جا پنھنجا قول عين الفقر شريف جي باري ۾:

”عين الفقر شريف“ پاڻ رحمة الله عليہ 46 ورھين جي عمر مبارڪ ۾ لکيو جنھن جو اظهار پنھنجي ڪتاب عين الفقر شريف جي آخري باب ۾ ھنن لفظن ۾ فرمايو:

”وحدتِ الہٰ جي ھن نڪتي (عين الفقر) کي شاھ اورنگزيب عالمگير جي دور حڪومت ۾ 1085 ھجري ۾ تحرير ڪيو ويو آھي.“ (حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ، ”عين الفقر“، العارفين پبليڪيشنز لاھور، جنوري 2016ع، ص:287 )

اوھان جي ولادت با سعادت 1039 ھجري جي آھي ان حساب سان 1085 ھجري ۾پاڻ رحمة الله عليہ جي عمر مبارڪ 46 ورھيه بنجي ٿي.

ھن ڪتاب مبارڪ جو نالو ”عين الفقر“ ڇو رکيو ويو اِن ڳالھ جو جواب پاڻ رحمة الله عليہ پنھنجي ھن ڪتاب جي شروعات ۾ ھنن لفظن ۾ فرمايو آھي:

”ڄاڻي ڇڏيو ته ھن ڪتاب جو نالو عين الفقر رکيو ويو آھي ڇو ته ھي ڪتاب الله تعاليٰ جي طالبن ۽ فنا في الله فقيرن جي ھر عام ۽ خاص مقام تي چاھي اُھو مقام ابتدائي ھجي يا انتھائي، رھنمائي ڪري صراطِ مستقيم تي قائم رکي ٿو ۽ انھن کي پروردگار جي رازن جو مشاھدو ۽ انوارِ توحيدِ ذات جي تجلين جي مشاھدي سان مشرف ڪري، ”علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين“ جي مرتبي تي پھچائيندو آھي“.

عين الفقر شريف جو مختصر خاڪو:

(1) بابن جي تفصيل

  1. پاڻ رحمة الله عليہ ھن ڪتاب کي يارھن حصن ۾ ورھايو آھي. پھرئين حصي کي عنوان ڪو نه ڏنل اٿس، اُن کي اسين ابتدائيہ يا تمھيد چئي سگھون ٿا. ھن ڪتاب جا ڏھ باب آھن جن جي ترتيب ھي آھي:
  2. پھرئين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ توحيد جي رازن کي بيان فرمايو آھي ۽ اسم اَللهُ جي شرح ۽ فضائل تي گفتگو فرمائي آھي.
  3. ٻي باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ تجلين جو ذڪر فرمايو آھي، جيڪي سلوڪ جي واٽ ۾ ھلڻ واري سالڪ تي وارد ٿين ٿيون، اُن تجلين جي تحقيق تي گفتگو فرمائي آھي ته ڪھڙي تجلي الله رب العزت جي طرف کان آھي ۽ ڪھڙي تجلي نفس ۽ شيطان جو ڦندو ھوندي آھي.
  4. ٽيون باب مرشد ۽ طالب جي تعريف ۾ آھي ۽ سلوڪ جي واٽ جي درجن کي بيان فرمايو آھي.
  5. چوٿين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ نفس جي مخالفت ۽ تسخير جي باري ۾ گفتگو فرمائي آھي ته ڪھڙي ريت توفيق الٰھي سان نفس کي تابع ڪري سگھجي ٿو.
  6. پنجين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ عامل عالمن ۽ ڪامل فقيرن جي شان کي بيان فرمايو آھي ۽ علم جي فضيلت ۽ قِسمن تي گفتگو فرمائي آھي.
  7. ڇھين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ مراقبي ۽ مشاھدي جي رتبن کي بيان ڪيو آھي. مراقبي ۽ خواب ۾ رويت باري تعاليٰ ۽ مجلس محمدي ﷺ جي حضوري جي شرعي حيثيت تي به گفتگو فرمائي آھي ۽ گھڻن خوابن جي تعبير جو به ذڪر فرمايو آھي.
  8. ستين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ ڪلمي طيب جي ذڪر جي فضيلت ۽ ذڪر جھر ۽ ذڪر خفي تي گفتگو فرمائي آھي.
  9. اٺين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ عشق، محبت جي احوال ۽ فقر جي حقيقت تي گفتگو فرمائي آھي.
  10. نائين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ ٽي اھم موضوع شراب، الله جي ولين جي حقيقت ۽ ماسويٰ الله (اللہ کانسواءِ ھر شيءِ) کي ترڪ ڪرڻ تي گفتگو فرمائي آھي.
  11. ڏھين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ فقرِ فنا في الله ۽ ترڪ دنيا تي گفتگو فرمائي آھي.

(2) صفحن جو تعداد:

عين الفقر شريف جي فارسي متن جي صفحن جو تعداد 182 آھي.

(3) قرآني آيتن جي تعداد:

عين الفقر شريف جي 182 صفحن جي فارسي متن ۾ قرآني آيتن جي تعداد 151 آھي.

(4) حديثِ مبارڪ ۽ صوفين جي قولن جو تعداد:

 حديث نبوي ﷺ ۽ صوفياڻي قولن جو تعداد 184 آھي.

(5) حديثِ قدسي جي تعداد:

حديثِ قدسي جي تعداد 20 آھي.

(6) بيتن جو تعداد:

بيتن جو تعداد 265 آھي.

(7) شعرن جو تعداد:

1 رباعي، 3 غزل ۽ ھڪ ترانو آھي.

(نوٽ: ھي عدد ۽ ڳڻپ اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي سرپرست اعليٰ ۽ مسلم انسٽيٽيوٽ جي باني حضرت سلطان محمد علي صاحب جي ٽي روزه بين الاقوامي حضرت سلطان باھو ڪانفرنس (اسلام آباد ۽ لاھور) جي اختتامي سيشن جي صدارتي خطبي کان اخذ ڪيو ويو آھي).

عين الفقر شريف جو موضوع:

عين الفقر شريف جو علمي اسلوب

حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جو مايه ناز ڪتاب ”عين الفقر“ جو اندازِ اسلوب نھايت ئي سادو پر دليلن سان ٽمٽار آھي. ھن لطيف ڪتاب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ ايتري قدر قرآني آيتن جون دليلون ڏنيون آھن، جنھن سان ثابت ٿئي ٿو ته تصوف قرآن کان ٻاھر ڪونھي. ھن ڪتاب کي اِھو اعزاز به حاصل آھي ته ھن ۾ قرآن مجيد جي 26 سيپارن جون آيتون موجود آھن. 151 آيتن منجھان ھر سيپاري جي صرف ھڪ آيت جو حوالو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا ته جيئن ھن ڪتاب جي اھميت جو اندازو ٿي سگھي ۽ گڏ ھي به اندازو ٿئي ته حضرت سلطان العارفين جي علم جو سر چشمو قرآن حڪيم آھي:

  • سيپارو نمبر: 1 سورت البقرة، آيت نمبر: 44
  • سيپارو نمبر: 2 سورت البقرة، آيت نمبر: 255
  • سيپارو نمبر: 3 سورت آل عمران، آيت نمبر: 31
  • سيپارو نمبر: 4 سورت آل عمران، آيت نمبر: 92
  • سيپارو نمبر: 5 سورت النساء، آيت نمبر: 43
  • سيپارو نمبر: 6 سورت المائده، آيت نمبر: 54
  • سيپارو نمبر: 7 سورت المائده، آيت نمبر: 118
  • سيپارو نمبر: 8 سورت الانعام، آيت نمبر: 122
  • سيپارو نمبر: 9 سورت الاعراف، آيت نمبر: 182
  • سيپارو نمبر: 11 سورت يونس، آيت نمبر: 62
  • سيپارو نمبر: 12 سورت ھود، آيت نمبر: 4
  • سيپارو نمبر: 13 سورت ابراھيم، آيت نمبر: 27
  • سيپارو نمبر: 14 سورت الحجر، آيت نمبر: 99
  • سيپارو نمبر: 15 سورت بني اسرائيل، آيت نمبر: 72
  • سيپارو نمبر: 16 سورت طہٰ، آيت نمبر: 48
  • سيپارو نمبر: 20 سورت القصص، آيت نمبر: 56
  • سيپارو نمبر: 21 سورت الاحزاب، آيت نمبر: 4
  • سيپارو نمبر: 22 سورت السباء، آيت نمبر: 13
  • سيپارو نمبر: 23 سورت ص، آيت نمبر: 78
  • سيپارو نمبر: 24 سورت المومن، آيت نمبر: 44
  • سيپارو نمبر: 25 سورت الزخرف، آيت نمبر: 32
  • سيپارو نمبر: 26 سورت الحجرات، آيت نمبر: 13
  • سيپارو نمبر: 27 سورت النجم، آيت نمبر: 17
  • سيپارو نمبر: 28 سورت التغابن، آيت نمبر: 15
  • سيپارو نمبر: 29 سورت المزمل، آيت نمبر: 9
  • سيپارو نمبر: 30 سورت بينات، آيت نمبر: 54

پاڻ رحمة الله عليہ تصوف جي ڪنھن به نڪتي جي وضاحت فرمائيندي سڀ کان پھرئين قرآن مجيد جي آيت دليل طور پيش ڪئي آھي تنھن کانپوءِ حديث مبارڪ ۽ اقوال پيش ڪيا آھن. پاڻ رحمة الله عليہ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ گھڻن ئي صوفين جو ذڪر فرمايو آھي. ڪيترين ئي جڳھين تي صوفين جا قول پيش ڪيا آھن ۽ گھڻن جڳھين تي صوفين جي واقعن کي به بيان فرمايو آھي. پاڻ رحمة الله عليہ جن صوفين جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيو آھي تن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

”سيدنا امام حسن بصري، سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني، حضرت ابراھيم بن ادھم، بايزيد بسطامي، منصور حلاج، رابعه بصري، شيخ ابوبڪر شبلي، حضرت حاتم اصم، امام اعظم ابو حنيفہ، شيخ فريد الدين عطار، مخدوم جھانيان جھان گشت، حضرت بھاؤالدين، شاھ رڪن عالم، مالڪ بن دينار،شفيق بلخي ۽ شيخ واجد ڪرماني (رحمة الله عليہ)“.

پاڻ رحمة الله عليہ ھن ڪتاب ۾ ٻين صوفين جي طرح حديث نبوي ﷺ کي سند کان بغير نقل ڪن ٿا پر گھڻين جڳھين تي پاڻ رحمة الله عليہ ان روايت کي بيان ڪرڻ واري صحابي يا امام جو به ذڪر فرمايو آھي.

جيئن ھن ڪتاب جي ستين باب ۾ پاڻ رحمة الله عليہ حضرت معاذ رضي اللہ تعاليٰ عنہ کان روايت ڪيل ٻه حديثون بيان فرمايون ۽ ھڪ مقام تي حضرت ابوذر غفاري رضي اللہ تعاليٰ عنہ کان به روايت ڪيل ٻه حديثون بيان فرمايون آھن. ھڪ جڳھ تي ھڪ حديث جي باري ۾ فرمايائون ته ھن حديث کي امام باھلي رحمة الله عليہ روايت ڪيو آھي. پاڻ رحمة الله عليہ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ ٻن ڪتابن جو ذڪر به فرمايو آھي، جن منجھان ھڪ تفسير ”اسرار الفاتحہ“ آھي، جنھن منجھان ھڪ حڪايت به لکي آھي ۽ ھڪ رسالو ”غوث العالم محي الدين“ آھي جنھن منجھان سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني (قدس الله سره) جا ڪجھ قول به نقل فرمايا آھن. پاڻ رحمة الله عليہ جو ھي نھايت ئي لطيف ڪتاب تلقين ۽ ارشاد تي ٻڌل آھي جيڪو نه صرف تصوف جي سالڪن لاءِ، پر علمي دنيا لاءِ به بھترين شاھڪار آھي.

عين الفقر جو نثري اسلوب:

”عين الفقر شريف“ جي نثر جي چاشني، جتي پڙھندڙ جي بصيرت ۽ بصارت ۾ نور ڀري ٿي، اُتي فصاحت ۽ بلاغت جي ھڪ نئي جھان ۾ وٺي وڃيو بيھاري. حضرت سلطان العارفين جي ٻين ڪتابن ۾ به ان ڪمال جو اظھار ھن ريت ئي ظاھر ٿئي ٿو ته جيئن جيئن پڙھندڙ، پڙھندو ويندو تيئن تيئن سلطاني فقر جو رنگ چڙھندو ويندو. ايئن محسوس ٿيندو آھي ته نثر، نثر نه ٿو رھي بلڪه نظم ٿيو وڃي ۽ نظم سان باطن جو جھان کُلڻ ۽ ٽڙڻ لڳندو آھي بلڪل ايئن، جيئن خوشبو منجھان رنگ نظر اچڻ لڳن ۽ رنگن منجھان آواز ڦٽڻ لڳي. جيڪڏھن ڪنھن کي نثر منجھان نظم جو لطف وٺڻو ھجي ته شايد فارسي ادب ۾ حضرت سلطان العارفين جي شه پارن کان وڌيڪ ڪوئي لطيف نثر دستياب ھجي. نموني جي طور تي فارسي جون ٽي عبارتون پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا:

(1)”فقیر نیز چہار قسم است : صاحب حیرت حیران صاحب جرم گریان ، صاحب عشق جان بریان و صاحب شوق قلب ذکر وحدت وجد جریان ” ۔

(2)”سر خدا تعالیٰ در سینہ صاحب راز است اگر بیایٔ در باز است واگر نیایٔ حق بے نیاز است “۔

(3) “فقیر درویشی نہ در گفتگو نہ در خواندن و نوشتن ،مسٔلہ مسائل   حکایت قصہ خوانی،فقردریافت معرفت و محو شدن در توحید رحمانی  و گشتن از خویش فانی و بیزار شدن از ہواء نفسانی و معصیت شیطانی و بستن لب با ادب زبانی ، کردن غیر نسیانی و نگہداشت جوہر ذکر پاس انفاس جسمانی جانی، صاحب شریعت دانش و بینش درکانی، غوطہ خوردن  در لاہوت لامکانی توبہ کردن از در دیدن روء اہل دنیا ظلمانی”۔

(”عين الفقر“، العارفين پبليڪيشنز لاھور، جنوري 2016ع، ص:41 )

ھن عنوان تي حضرت سلطان العارفين جي ڪتابن جو ترجمي نگار ۽ محقق منھنجو استاد سيد امير خان نيازي (مرحوم ۽ مغفور) جو لکيل مختصر رسالو ”تفھيم الڪلام حضرت سلطان باھو“ ھڪ تحقيق ۽ مطالعي جي قابل آھي.

عين الفقر ۾ موجود صوفياڻا نڪتا: 

حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ پنھنجي مايه ناز ڪتاب ”عين الفقر شريف“ ۾ تصوف جي دقيق ۽ ثقيل نڪتن کي قرآن ۽ سنت جي دليلن سان پيش فرمايو آھي. پاڻ رحمة الله عليہ ڪنھن اھڙي قول ۽ فعل جا قائل نه آھن جن سان شريعت محمدي ﷺ جي خلاف ورزي ٿئي. پاڻ رحمة الله عليہ باطن کان ظاھر کي الڳ نٿا فرمائين، جيئن ھن ڪتاب جي ابتدائيہ ۾ اوھان جو ھي فارسي شعر موجود آھي:

علم باطن ہم چوں مسکہ علم باطن ہم چوں شیر
کی بود بی پیر مسکہ کی بود بی پیر پیر
”باطن جو علم مکڻ جي مثل آھي ۽ ظاھر جو علم کير جي مثل، ڀلا کير کان بغير مکڻ ڪٿان کان ايندو ۽ پير کان بغير بزرگي ڪٿان کان ايندي“.

پاڻ رحمة الله عليہ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ گھڻو ڪري تصوف جي اھم موضوعن تي گفتگو فرمائيندي ٻين صوفين جي راين کي نقل فرمائڻ کانپوءِ پنھنجي رائي جو اظھار فرمائين ٿا. ھن ڪتاب ۾ صوفياڻي نڪتن جي وضاحت ۾ اوھان جي فارسي بيتن جو به اھم ڪردار آھي. جڏھن پاڻ نثر ۾ ڪنھن به عنوان تي فصيح ۽ بليغ گفتگو فرمائي بس ڪن ٿا ته ان کانپوءِ جيڪي فارسي بيت پاڻ رحمة الله عليہ لکن ٿا، اھي سموري نثري گفتگو جو اھڙو نچوڙ ھوندو آھي ڄڻ ته سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو ھجي.

عين الفقر ۾ موجود اصطلاحون:

ھڪ اصول جيڪو اوھان جي ٻين ڪتابن ۾ به واضع طور تي محسوس ٿئي ٿو، اھو عين الفقر ۾ به چٽو نظر اچي ٿو ته اوھان گھڻو ڪري ڪنھن مسئلي کي بيان ڪرڻ لڳن ٿا ته ان جي وجود جي جامعيت ته رائج اصطلاح جو لباس تنگ ٿيڻ لڳندي ئي پاڻ رحمة الله عليہ پنھنجي طرف کان اصطلاح قائم فرمائين ٿا ۽ پنھنجي اصطلاح ۾ ان مسئلي جي جامعيت کي قائم ڪن ٿا. گھڻن محققن کي اوھان جي ڪتابن جي شرح ۾ خاص ڪري ۽ عام طور تي ھي مسئلو پيش اچي ٿو، اھو ھي ته محقق اوھان جي بيان ڪيل اصطلاح کي رائج اصطلاح جي روشنيءَ ۾ سمجھڻ گُھرن ٿا جيڪا حقيقت ۾ انھيءَ اصطلاح کان مختلف ھجي ٿي، ان لاءِ ھو ان کي نه صرف سمجھڻ کان عاري آھن بلڪه زير نظر مسئلي جي تفھيم ۾ به مغالطي جو ذائقو چکي ويھي ٿا رھن. ان لاءِ حضرت سلطان العارفين جون اصطلاحون پنھنجو پاڻ ھڪ الڳ تفھيم جو موضوع ۽ تحقيق طلب آھن. انھن اصطلاحن جي تفھيم لاءِ صرف فصاحت ۽ بلاغت جو سھارو ڪافي ناھي ھوندو بلڪه ان لاءِ ڪنھن اھڙي شيخ (مرشد) جي صحبت، معيت ۽ ڪسبِ تربيت ضروري آھي جنھن کان سالڪانه تربيت حضرت سلطان العارفين جي منھج طريقت ۽ تصوف تي ٿي ھجي.

عين الفقر شريف ۾ آيتن جي صوفياڻي تفسير:

اوھان پنھنجي ھن ڪتاب ۾ آيتن جي جيڪا صوفياڻي تفسير فرمائي آھي ان منجھان ٻه مقام ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. الله تعاليٰ جو فرمان آھي:

اَلَمۡ  اَعۡہَدۡ  اِلَیۡکُمۡ یٰبَنِیۡۤ  اٰدَمَ اَنۡ  لَّا تَعۡبُدُوا الشَّیۡطٰنَ ۚ اِنَّہٗ  لَکُمۡ  عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۶۰

ترجمو:”اي آدم جا اولاد ڇا مون اوھان کان ھن ڳالھه جو وعدو نه ورتو ھو ته شيطان کي نه پوڄجو، جو بيشڪ اوھان جو پڌرو ويري آھي“.

(سورت يٰسين، آيت نمبر: 60 )

”جنھن ماڻھو جي دل جو لاڙو نفس جي طرف ٿي ويندو آھي ته ان جي دل ڪاري ٿي وڃي ٿي ۽ ان ۾ غفلت پيدا ٿي ويندي آھي. جڏھن نفس ۽ دل ھڪ ٿي وڃن ته روح عاجز ۽ ڪمزور ٿئي ٿي ۽ جڏھن دل ۽ روح ھڪ ٿي وڃن ته نفس ڪمزور ۽ عاجز ٿي ڪري غريب ۽ تابع ٿي ويندو آھي. ھن فقير باھو جو چوڻ آھي ته الله جي ھدايت نفس ۽ شيطان جھڙي ھزارن دشمنن کان بھتر آھي، جنھن دل مٿان خدا جي رحمت جي نظر ھجي اھا نفس ۽ شيطان کان جدا آھي“.

(”عين الفقر“، العارفين پبليڪيشنز لاھور، جنوري 2016ع، ص:153 )

  1. الله تعاليٰ جو فرمان آھي:

” وَ الَّذِیۡنَ  اُوۡتُوا  الۡعِلۡمَ دَرَجٰتٍ

”الله انھن ماڻھن جي درجن کي بلند فرمائيندو“(سورت المجادلہ، آيت نمبر: 11 ).

”علم ھجي ته با عمل ھجي نه ڪي ڪو بار، حضور نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان مبارڪ آھي: علم ھڪ نڪتو آھي. جنھن جي ڪثرت ان جي عملي تفسير آھي، جيڪو عالم علم ته عمل نٿو ڪري، علم ان لاءِ جان جو وبال بنجندو آھي. حضور نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان مبارڪ آھي: ” عالم نبين جو ورثو آھن“. نبين جو ورثو اھي عالم آھن جيڪي قدم قدم تي نبين جي پيروي ڪن ٿا ۽ جنھن جي وجود ۾ بد ڪرداري، ڪُوڙُ ۽ حسد، تڪبر ۽ حرص نه ھجي بلڪه حق ئي حق ھجي ۽ اھي سڌي واٽ جا رھنما ھجن“.

عين الفقر شريف ۾ حضور نبي ڪريم ﷺ جي حديثن جي صوفياڻي تفسير:

پاڻ رحمة الله عليہ حضور نبي ڪريم ﷺ جي حديثن جي جيڪا صوفياڻي تفسير فرمائي آھي، تن منجھان صرف ٻن جڳھين جو ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو:

  1. حضور نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان عاليشان آھي:

”جنھن گھر ۾ ڪتو ھجي اُتي رحمت جا فرشتا داخل نه ٿيندا آھن“.

”دل گھر جي مثل آھي، الله جو ذڪر فرشتي جي مثل آھي ۽ نفس ڪتي جي مثل آھي. جيڪا دل حب دنيا جي اونڌاھي ۾ ڦاسي ڪري شيطاني خطرن ۽ نفساني ھوس جو ٺڪاڻو بنجي چڪو ھجي، ان تي الله تعاليٰ جي رحمت جي نگاھ ناھي پوندي ۽ جنھن دل تي الله تعاليٰ جي رحمت جي نگاھ نه پوي اھا سياه ۽ گمراھ ٿي ڪري حرص، حسد ۽ تڪبر سان ڀرجي وڃي ٿو“.

2.حضور نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان عاليشان آھي:

”جنھن واٽ کي شريعت رد ڪري، اھا بي ديني واري واٽ آھي“.

”جنھن واٽ کي شريعت رد ڪري اھا ڪفر جي واٽ آھي. شيطان، نفس جي ھوس ۽ دنيا ذليل جي واٽ آھي ماڻھن کي گُھرجي ته ان کان خبردار رھن“.

آخري لفظ:

ھي لطيف ڪتاب پاڻ رحمة الله عليہ موليٰ جي طالبن جي رھنمائي لاءِ لکيو آھي ۽ ھن ڪتاب جو عنوان به الله جو عرفان آھي پر ھي ڪتاب اھل علم لاءِ تحقيق جي دعوت به آھي ڇاڪاڻ ته اوھان جي ھن ڪتاب ۾ قرآن جو علم، حديث جو علم، فقہ جو علم، تاريخ جو علم، قانون جو علم، فلسفي جو علم ۽ منطق جي علم جھڙن اھم علمي نڪتن کي به بيان فرمايو آھي. ھاڻي ھي علم وارن تي فرض پيو بنجي ته ھو ھن لطيف ڪتاب تي تحقيق ڪري ھن جي رازن کي منظر عام تي آڻين.

Murshid-e-Kamil Founder Islahee Jamaat

ڪامل مرشد اصلاحي جماعت

اصلاحي جماعت جو باني حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب (رحمة اللہ عليہ) 14 آگسٽ 1947ع ڳوٺ حضرت سلطان باھو (قدس الله سره) بھادرن جي ڌرتيءَ تي، علم، حڪمت ۽ تصوف سان ڀرپُور...

مزید پڑھیں
Ain-ul-Faqr Short Summary

عين الفقر جومختصرمطالعو

سلطان العارفين حضرت سلطان باھو رحمة الله عليہ جي ولادت 1039 ھجري شورڪوٽ ۾ ٿي. پاڻ رحمة الله عليہ جو والد حضرت بازيد محمد رحمة الله عليہ صالح، حافظ قرآن ۽ فقيہ ماڻھو...

مزید پڑھیں
Tazkeya Nafas,Tasfeeya Qalb

تذڪيہ نفس و تصفيہ قلب

(قرآن مجيد، حديث ۽ حضرت سلطان باهو رحمة الله عليہ جي تعليم جي روشنيءَ ۾) نفس جي ڪنڊيدار واديءَ کي پار ڪرڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جو قرب ۽ ديدار نه فقط ڏکيو...

مزید پڑھیں

ڈاکومینٹری فلم سلطان باھُو

Hop Over To This Web-site