سلطان محمد اصغر عليؒ

ؒسلطان الفقر ششم
باني اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين

ويب سائيٽ تي ڀليڪار

درٻار حضرت سلطان باهوؒ  کان علامه محمد اقبال جي هن فڪر کي “نکل کر خانقاہوں سے ادا کر رسم شبیری” کي کڻي ڪري اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين ميدانِ عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جا ٽي بنيادي مقصد آهن:

  1. استحڪام پاڪستان
  2. اتحاد اُمت مسلمه
  3. فلاحِ معاشره انساني 

”اسان جو تعارف“

”بيشڪ اسان پنهنجي هڪ امانت آسمانن تي، جبلن تي ۽ زمين تي پيش ڪئي، اُهي سڀ اُن امانت جي بار کي کڻڻ کان عاجز اچي ويا ۽ فاٽي پيا، پر انسان اُن کي قبول ڪري ورتو.“ (القرآن)۔

سلطان الفقر سلطان محمد اصغر عليؒ – باني اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين

سلطان الفقر سلطان محمد اصغر علي صاحب جي ولادت باسعادت عالم اسلام جي تاريخ ساز ڏينهن يعني 14 آگسٽ 1947ع ڌاري ٿي. هي ڏينهن تاريخ اسلام ۾ اُهو اهم مقام رکي ٿو، جنهن ڏينهن سلطنت مدينہ کان پوءِ ڪابه ٻي مملڪت (اسلامي جمهوريہ پاڪستان) نظريه لا الٰہ الاالله جي بنياد تي معرض وجود ۾ آئي۔

حضرت سلطان محمد اصغر عليؒ  ابتدائي تعليم جو ڪجهه حصو درٻار حضرت سلطان باهوؒ  جي مقامي اسڪول ۽ ڪجهه وادي سون سڪيسر جي شهر نوشهره ۾ مڪمل ڪئي. ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي والد ۽ مرشد جي صحبت ۾ اچي ويا. پنهنجي والد گرامي جي وصال کان پوءِ پاڻ مسند ارشاد سنڀالي ۽ دين حق جي سربلنديءَ لاءِ 1987ع ۾ اصلاحي جماعت جي نالي سان هڪ تنظيم جو بنياد رکيو ۽ مريدن ۽ اعتقاد رکندڙن کي عصري تقاضن (وقت جي ضرورت) مطابق هڪ عملي پليٽ فارم پڻ تيار ڪري ڏنو. انهن کي روايتي ۽ فرسوده نظام کان بچائڻ ۽ ”عجميت“ کان پاڪ رکڻ جي لاءِ ميدان عمل ۾ لاٿو. پاڻ ؒ  پنهنجن هزارن مريدن منجهان ٿورڙن جي چونڊي ڪري، انهن جي تربيت فرمائي ۽ انهن کي عملي طور تي تبليغ دين جو اهم فريضو سونپيو، پوءِ پاڻ آهستي آهستي اُن مبلغين جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ۽ تحريڪي بنيادن تي انهن کي منظم ڪيو ۽ سڄي ملڪ جي سڀني ضلعن ۽ پوءِ يونٽن جي سطح تي دفتر قائم ڪيا. ان جي 13 سالن کان پوءِ پاڻ هڪ ٻي ”تنظيم“ عالمي تنظيم العارفين جي نالي سان قائم ڪئي ۽ سڀني لاڳاپيلن کي ٽن مرحلن ۾ اعليٰ مقصد عطا ڪيا.

  1. استحڪام اسلامي جمهوريہ پاڪستان
  2. اتحاد امت مسلمه
  3. فلاح و تشڪيل معاشره انساني

ان سان گڏوگڏ پاڻ ٻيا شعبه جات به قائم ڪرڻ فرمايا. پاڻ رائج خانقاهي نظام ۾ اصلاحات ۽ تبديليون چاهين پيا، جنهن جي لاءِ اوهان پنهنجي والد گرامي ۽ مرشد ڪريم جي خانقاهه جي تعمير ۽ اُتان کان عملي تحريڪ شروع ڪري، خانقاهه کي رول ماڊل جي طور تي پيش ڪيو.

حضرت سلطان محمد اصغر علي ؒ  پنهنجي سڄي عمر قرآن ۽ سنت کي اصول بڻائي ڪري ڀرپور عملي ۽ تحريڪي جدوجهد ۾ گذاري. هڪ ڀيرو حج، ڪيئي ڀيرا عمرا ۽ ڪيترائي ڀيرا سرچشمئه فيضان رحمت، روضه رسولﷺ جن جي حاضري کان شرف ياب ٿيا. پاڻ عجمي طريقي ذڪر ۽ اسماءِ صفات جي ذڪر کان وڌي ڪري، فڪر ۽ تصور اسم الله ذات جي تلقين فرمائي، جيئن ته حڪيم الامت علامه محمد اقبالؒ  به خوب فرمايو:

مرد مومن درنسازد باصفات
مصطفےٰ راضی نہ شد الا بہ ذات

يعني مردِ مومن صفات الاهي تائين پنهنجو پاڻ کي محدود نٿو ڪري، ڇا لاءِ ته مصطفيٰ ﷺ راضي نه ٿا ٿين، جيستائين ذات الاهي تائين رسائي نصيب نه ٿي ٿئي

پاڻ ؒ  فن تعمير ۾ به انتهائي نفيس ذوق رکندا هئا. پاڻ پنهنجي والد ۽ مرشد حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؓ جي آستاني تي قابلِ ديد مسجد تعمير ڪرائي، جنهن جي اوساري وادي سون سڪيسر جي هڪ خاص قسم جي پٿر سان ڪرائي ۽ مسجد جي اندر ملتاني ثقافتي شاهڪار يعني شيشي ڪاريءَ جو نهايت نفيس ۽ باريڪ ڪم ڪرايو. پاڻ ؒ  انهن سڀني مصروفيتن سان گڏ صحت افزا سرگرمين جو شوق به فرمايو. پاڻ اعليٰ قسم جي نيزي بازي به فرمائي ۽ سيهڙ، تتر، هرڻي ۽ هُڙيال (هرڻ جي نسل جو هڪ جانور) جو شڪار ڪرڻ پسند فرمائيندا هئا.

اوهان جو وصال 26 ڊسمبر 2003ع ڌاري خيبر پختونخواهه (سرحد) جي شهر ڊيره اسماعيل خان ۾ ٿيو. اوهان کي آستانه عاليه حضرت سلطان محمد عبدالعزيز، درٻار عاليه حضرت سلطان باهو تي اوهان جي والد گراميؒ  جي ڀر ۾ جاءِ ڏني وئي.

تحرير: طارق اسماعيل ساگر

: سلطان الفقر ششم ؒ  جو ابتدائي تعارف

برصغير پاڪ و هند ۾ اسلام جي ترويج و اشاعت، عرب ۽ وچ ايشيا کان اچڻ وارن صوفياءِ ڪرام جي علم و عمل، اعليٰ اخلاقيات ۽ روحاني تصوف سان ٿي، انهن صوفين ۾ سلطان العارفين سلطان الفقر حضرت سلطان باهوؒ هڪ ممتاز ۽ نمايان مقام رکن ٿا. سندن تعلق معروف قبيلي اعواڻ سان آهي، جيڪي حضرت علي المرتضيٰ(رضی اللہ عنہ) جي غير فاطمي اولاد منجهان آهن. سندن آبا و اجداد تبليغ دين جي لاءِ حجاز مقدس کان هجرت ڪري همدان ۽ پوءِ خراسان ۾ آباد ٿيا. ڇهين صدي هجريءَ ۾ تاتارين جي حملي جي وقت اوهان جا آبا و اجداد خراسان کان هجرت ڪري هندوستان ۾ اچي بود و بوش اختيار ڪئي. حضرت سلطان باهوؒ  جي وڏن منجهان ڇهه يا ست پيڙهيون اڳ ڪلر ڪهار ۽ رياست ڪالا باغ جي وچ ۾ پُرفضا مقام وادي سون سڪيسر جي شهر اَنگا ۾ اچي آباد ٿيا، پر حضرت سلطان باهُوؒ صاحب جي والد گرامي شيخ حافظ بازيد محمد عرف اعواڻ اوهان جي پيدائش کان ڪجهه عرصو پهريان قلعه شورڪوٽ ضلعي جهنگ ۾ منتقل ٿي ويا. اوهان جي ولادت به 1629ع ۾ شورڪوٽ ۾ ٿي ۽ اوهان جي وفات به 1691ع ۾ شورڪوٽ جي ئي علائقي ۾ ٿي

هي اُهو زمانو هو، جڏهن هندوستان تي مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير حڪمران هو ۽ هند جا مسلمان پوري آزاديءَ سان گڏ هن خطي ۾ رهي رهيا هئا، پر اورنگزيب عالمگير جي وفات کان پوءِ سلطنت مغليه جو انتظام بگڙجي ويو ۽ هندوستان ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو، جنهن سان مسلمانن کي خاص ڪري پنهنجي مذهبي آزادي وڃائڻي پئي ۽ هندوستان جي ڏکڻ کان برطانيه ايسٽ انڊيا ڪمپني جي شڪل ۾ قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ پنجاب کان سِکن ڪاهه ڪري، پنجاب ۽ ان جي ڀرپاسي وارن صوبن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو. سکن جي حملي دوران حضرت سلطان باهوؒ جي خانقاهه عاليه به ڊهي ويران ٿي ۽ پوءِ 1857ع ۾ انگريزن سڄي هندوستان تي پنهنجو تسلط (قبضو) ڄمائي ورتو. پر آزاديءَ جي نو ڏهاڪن تي ٻڌل ڊگهي جدوجهد علامه محمد اقبال جي انقلابي فڪر ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي ولوله انگيز قيادت جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع بمطابق 27 رمضان المبارڪ، ليلة القدر جي  مقدس رات ۾ الله تعاليٰ، هندوستان جي مسلمانن کي آزاديءَ جي نعمت سان سرفراز فرمايو. جنهن ڏينهن دنيا جي نقشي تي نظريه (لا الٰہ الا الله محمد رسول الله) جي بنياد تي معرض وجود ۾ اچڻ واري اسلامي نظرياتي مملڪت خداداد پاڪستان ظاهر ٿي. انهيءَ ڏينهن يعني 14 آگسٽ 1947ع بمطابق 27 رمضان المبارڪ ليلة القدر، پرهه ڦٽيءَ جي وقت حضرت سلطان باهوؒ جي اولاد ۾ اٺين پيڙهي حضرت سلطان محمد عبدالعزيز وٽ فرزند ارجمند جي ولادت ٿي، جنهن کي ”سلطان محمد اصغر عليؒ “ جي اسم مبارڪ سان موسوم ڪيو ويو. سلطان الفقر حضرت سلطان محمد اصغر علي جو ننڍپڻ درٻار گوهر بار حضرت سلطان باهو جي سادي ۽ فقروعرفان جي ماحول ۾ گذريو. پاڻ ابتدائي تعليم جو ڪجهه حصو درٻار حضرت سلطان باهو ؒ  جي مقامي اسڪول ۽ ڪجهه حصو وادي سون سڪيسر جي شهر نوشهره ۾ مڪمل ڪئي. ان کان پوءِ اوهان پنهنجي والد ۽ مرشد حضرت سلطان محمد عبدالعزيز جي صحبت ۾ اچي ويا

پاڻ هڪ واقعو اڪثر بيان ڪرڻ فرمائيندا هئا ته، اوهان جي ننڍپڻ ۾ هڪ ڏينهن پنہنجي ڏاڏا حضرت سلطان فتح محمد ۽ اوهان جي والدگرامي جي پراڻي فقير بابا احمد اوهان کي گهرائي ڪري پڇا ڪئي ته ڇا توهان فقر محمدﷺ جو فيض به حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا يا فقط روايتي پيري مريديءَ تي ئي راضي رهڻ چاهيو ٿا؟ اوهان فرمايو ته، بابا احمد هيءَ به وضاحت ڪئي ته پيري مريدي آسان ۽ نفس لاءِ تسڪين بخش، جڏهن ته راه فقر محمديﷺ، مشڪلات، آزمائشن ۽ ذميدارين سان ڀريل آهي. اوهان جواب ۾ فرمايو ته آئون راه فقر اختيار ڪندس، ته بابا احمد چيو ته پوءِ پنهنجي والد سلطان محمد عبدالعزيز سان فقط پٽ ۽ پيءُ وارو رسمي ۽ ظاهري رشتو نه، انهيءَ کان سواءِ طالب ۽ مرشد جو رشتو قائم ڪرڻو پوندو. اوهان فرمايو ته اُن ڏينهن کان تا دمِ وصال سلطان محمد عبدالعزيز سان گڏ منهنجو رشتو پدرانه ۽ پسرانه بدران طالب ۽ مرشد وارو رهيو ۽ پوءِ ايئن ئي اوهان پنهنجي والد و مرشد جي زير نگراني فقر و معرفت جو رستو طئي ڪيو. سلطان محمد اصغر علي کي اوهان جي والد و مرشد دعوت ۽ حضوري ۽ اسم الله ذات جي انتهائي اذڪار مثلاً پاس انفاس، مشق وجوديه ۽ سلطان الاذڪار يعني اسم ياهو جي مهارت عطا فرمائي. روحاني تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ اوهان پنهنجي والدگرامي کان حضرت سلطان باهو جي خاندان ۾ صدين کان رائج تازي داري (گهوڙن پالڻ جو فن) جي تربيت به ورتي. پاڻ فرمائيندا هئا ته گهوڙو، انبياءِ ڪرام عليہ السلام ۽ شهيدن جي سواري آهي، اُن لاءِ هن کي برڪت جي نيت سان رکڻ ۽ اُن جي خدمت ڪرڻ باعث خير آهي. جيئن ته صحيح بخاري جي روايت مطابق حضرت محمد رسول اللهﷺ جو فرمان مبارڪ آهي:

”گهوڙي جي پيشاني ۾ قيامت تائين برڪت رکي وئي آهي.“

شهسواري ۽ نيزه بازيءَ ۾ به اوهان ڪمال جي مهارت رکندا هئا ۽ پاڪستان ۾ نيزه بازيءَ جي قومي سطح جي مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

اوهان پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني پنهنجي والد ۽ مرشد جي قربت ۽ رفاقت ۾ گذاري. فقر و معرفت جي عطا سان گڏوگڏ اوهان جي والد ۽ مرشد سنت نبويﷺ جي مطابق اوهان تي ڪليد دين کان درِ دنيا جي ڪُشادگي فرمائي. حضرت سلطان محمد عبدالعزيز اوهان کي مارچ 1979ع ۾ پنهنجي مرشد حضرت سيد سلطان محمد بهادر علي مشهدي جي مزار پُرانوار تي دست بيعت فرمايو. اوهان جي پنهنجي والد ۽ مرشد سان قربت ۽ محبت جو هي عالم هو، جو ماڻهو چوندا آهن ته اوهان حضرت سلطان محمد عبدالعزيز جا مريد نه، محبوب آهيو. 13 اپريل 1981ع تي حضرت سلطان محمد عبدالعزيز جو لاهور ۾ انتقال ٿيو ۽ اوهان کي درٻار گوهربار حضرت سلطان باهو کان ڏکڻ اوڀر جي طرف اڌ فرلانگ جي فاصلي تي دفن ڪيو ويو. والد ۽ مرشد جي انتقال کان پوءِ حضرت سلطان محمد اصغر علي مسندِ تلقين ۽ ارشاد سنڀالي ۽ زندگي ڀر پنهنجي والد ۽ مرشد کان فقر ۽ معرفت جو جيڪو فيض حاصل ڪيو، ان کي عملي طور تي دنيا ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي والد ۽ مرشد جي خانقاهه عاليه کي رول ماڊل بڻائي ڇڏيو.

اوهان پهرئين مرحلي ۾ خانقاهه ۽ ان سان گڏيل خوبصورت مسجد جي تعمير و آرائش کي اڳتي وڌايو. مسجد جي تعمير ۽ آرائش اوهان جي فنِ تعمير ۽ عمده ۽ نفيس ذوق جي عڪاسي آهي. مسجد جون بنيادون زمين جي اندر 11 فوٽن تائين اونهيون آهن، جنهن کان پوءِ 10 فوٽن تائين ڀرائي ۽ پوءِ مسجد جي مينارن سميت فضا ۾ بلندي 66 فوٽن تائين آهي. مسجد جي اندروني آرائش ڪاشي ڪاريءَ ۾ مختلف رنگن سان ڪئي وئي آهي. مسجد جا بلند و بالا مينار به توهان جي جمالياتي ذوق جي داد آهن. هيءَ خوبصورت ۽ روح پرور مسجد مضبوطي ۽ نفاست جو حسين امتزاج آهي.

ٻئي مرحلي ۾ اوهان فقر محمديﷺ جي ذمي، دعوت الا الله جي عظيم فريضي کي سرانجام ڏيڻ لاءِ سن 1987ع ۾ ”اصلاحي جماعت“ جو بنياد رکيو. 1999ع جي آخر ۾ اتحادِ امت مسلمه جي سعي جي لاءِ عالمي تنظيم العارفين کي قائم ڪرڻ فرمايو. پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته حضورﷺ سميت سڀني انبياءَ ڪرام ۽ اهل الله، زمين تي گهمي ڦري ڪري، الله جي دعوت کي عام ڪيو ۽ مخلوق ۾ تعلق باالله کي راسخ ڪيو.صوفياءِ ڪاملين به اِهو فريضو سرانجام ڏنو. هن نظريي سان تعلق رکڻ جي بنياد تي ”اسان سڀني تي به“ هي لازم آهي ته، جمود ۽ تنزل (هڪ هنڌ بيهڻ ۽ مٿانهين درجي کان هيٺ ڪرڻ) جي زندگي ڇڏي ڪري، جهد و تحرڪ (ڪوشش ۽ چُر پُر) جي زندگي اپنايو. اوهان دعوتِ معرفت جي مؤثريت جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ضلعي ۽ تعلقي يونٽ جي سطح تي تحريڪ کي منظم ڪيو. اوهان سڄي ملڪ جا دورا ڪيا ۽ امن جي هن عالمگير مشن کي اوهان پاڪستان کان ٻاهر عالمي سطح تي به متعارف ڪرايو.

حضرت سلطان محمد اصغر علي کي الله تعاليٰ هڪ همه جهت شخصيت بڻايو هو. جتي پاڻ سلطان الفقر ۽ هڪ صاحبِ نگاهه مرشد هئا، اتي اوهان هڪ ولوله انگيز قائد ۽ صاحبِ بصيرت مفڪر به هئا. جتي پاڻ فنِ تعمير جو ذوقِ جمال رکندا هئا، اُتي اوهان فنِ شهسواري ۽ تازي داري جي بي مثال مهارت رکندا هئا. جتي پاڻ پنهنجي صحبت نشينن سان عجائباتِ قرآن جي تفسير ۽ سنت رسول اللهﷺ جي احيا جي عملي تقاضن تي مبني گفتگو فرمائيندا هئا، اُتي اوهان طالبان موليٰ کي تزڪيه نفس، تصفيه قلب، تجلي روح، حاضرات اسم الله ذات ۽ تصوف جي اسرار و رموز کان واقف فرمائيندا هئا.

I am text block. Click edit button to change this text. Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Ut elit tellus, luctus nec ullamcorper mattis, pulvinar dapibus leo.

عالم اسلام جي عظيم خانقاهه جا مسندنشين هئڻ ۽ هڪ عالمگير تحريڪ جا باني ٿيڻ جي هوندي به اوهان ۾ عجز ۽ انڪساري ڪمال جي هئي، جنهن جي زندهه مثال هن کان وڌيڪ ٻي ڇا ٿي سگهي ٿي ته اوهان جي صحبت ۾ رهڻ وارا ۽ اوهان سان شرف ملاقات حاصل ڪرڻ وارن منجهان ڪنهن به اوهان جي زبان کان پنهنجي لاءِ ”مان“ جو لفظ نه ٻڌو، اوهان پنهنجي متعلق هميشہ ”عاجز“ جو لفظ استعمال ڪندا هئا.

اوهان پاڻ وٽ اچڻ وارن مهمانن سان بيحد شفقت ۽ اُنس فرمائيندا هئا. اوهان جو وسيع دسترخوان هميشہ مهمانن سان ڀريل رهندو هو، بغير ڪنهن رنگ و نسل ۽ منصب جي اچڻ وارن سڀني مهمانن سان مُعانقه (بغل گيري) فرمائيندا هئا. اوهان دنياوي جاه و منصب (دٻدٻو ۽ رتبو) عبادتن ۾ اذڪار ۾ رياڪاريءَ کي فاني ۽ عارضي فرمايو ۽ هميشہ بي ريا تقويٰ کي دين و دنيا لاءِ صحيح معيار فرمائيندا هئا، شايد اِها ئي وجه هئي جو پاڻ رائج خانقاهي نظام ۾ هرڪس ۽ ناڪس (اعليٰ توڙي ادنيٰ) کي خرقه خلافت عطا ڪرڻ جي مخالفت فرمائي، ان لاءِ اوهان پنهنجي زندگي مبارڪ ۾ اولادِ حضرت سلطان باهو کان ٻاهر صرف هڪ ئي شخصيت ميان محمد ضياءُ الدين صاحب کي دستارِ خلافت عطا ڪئي، اُها به اُن جي طلب الاهي جي جذبي ۽ استقامت ۽ اُنهن جي پوري سالڪانه اهليت جي بنياد تي، نه ته اوهان جي خدمت ۾ جيد نامور علماءِ اڪرام، مشائخ عزام، نيڪ ۽ صالح ۽ بيشمار قربانيون ڏيڻ وارن جي قطار لڳل هوندي هئي، پر پاڻ اولادِ حضرت سلطان باهو جي ڪجهه حضرات ۽ ميان صاحب مذڪور کان علاوه ڪنهن کي به خلافت عطا ڪئي، نه ئي بيعت ڪرڻ يا اورادو وظائف ڏيڻ جي اجازت ڏني.

اوهان 14 اپريل 2003ع تي پنهنجي فرزند ۽ جانشين صاحبزاده سلطان محمد علي صاحب کي طلب فرمايو ۽ سلطان العارفين حضرت سلطان باهو جي مزار مقدس تي وٺي وڃي ڪري بيعت به فرمايو ۽ پنهنجي دستار صاحبزاده سلطان محمد علي صاحب جي سِرَ تي رکي ڪري فرمايو ته فقر محمديﷺ جي هيءَ دستار، جيڪا سينه به سينه مون وٽ پهتي آهي، هيءَ آئون اوهان جي حوالي ڪريان ٿو ۽ اڄ کان اوهان تحريڪ ۽ سلسلي جا اڳواڻ ۽ وارث آهيو. هن عظيم ۽ تاريخي موقعي جي خوشيءَ ۾ ڪارڪنن ۽ عقيدت رکندڙن جي توجهه هُن طرف نه وڃي سگهي ته هِن فيصلي جي پسمنظر ۾ ڪهڙي حقيقت لڪل آهي.

هن فيصلي جي اٺن مهينن ۽ تيرهن ڏينهن کان پوءِ ماڻهن کي اِها حڪمت عملي معلوم ٿي، جڏهن 26 ڊسمبر 2003ع تي هيءَ خبر عام ٿي ته، اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي باني حضرت سلطان محمد اصغر علي معمولي علالت کان پوءِ ڊيره اسماعيل خان جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويا آهن. (اِنّا لِلهِ وَ اِنّا اِليہِ راجِعُونِ) نماز جنازه جي ادائيگي لاءِ جڏهن اوهان جو جسد مبارڪ خانقاهه حضرت سلطان باهو جي سامهون مسجد جي اڱڻ ۾ رکيو ويو ته، رات جو وقت هو ۽ اُن وقت سڀ چرند و پرند محو خواب هوندا آهن، پر هزارن شرڪت ڪندڙن بشمول خانواده حضرت سلطان باهُو هي ڏٺو ته، اوهان جي کٽ تي خانقاهه جا سڀ ڪبوتر ڇانوَ ڪري بيٺا هئا ۽ ماڻهو هي سوچي رهيا هئا ته اڄ ڪهڙي هستي اسان کي هن دارِفاني منجهان ڇڏي ڪري وڃي رهي آهي.

حیف درچشم زَدَن صحبت یار آخرشد
بوئے گل سیرندیدم بہار آخرشد

I am text block. Click edit button to change this text. Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Ut elit tellus, luctus nec ullamcorper mattis, pulvinar dapibus leo.

:غلام باهو جو انٽرويوسلطان الفقر ششم جي آخري ڏينهن جون ڪجهه يادون

(اوهان جي ويجهي ساٿي غلام باهو جي زباني)

تدوين: ايس. ايڇ. قادري

نوٽ: 26 ڊسمبر 2003ع، سلطان الفقر ششم سلطان محمد اصغر عليؒ جو يومِ وصال آهي، ڇو جو اوهان جو وصال اسپتال ۾ ٿيو، اُن لاءِ اسپتال ۾ اوهان جا گذاريل اوقات ۽ واقعات جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ اوهان جي ذاتي خدمت تي مقرر ڪيل غلام باهو سان گفتگو ٿي. اوهان جي آخري آرام جون يادون ته بيش قيمت ۽ بي بها آهن، بهرحال اختصار ۽ تلخيص کي سامهون رکندي ڪجهه يادون خدمت ۾ پيش ڪيون وڃن ٿيون.

:خليفوغلام باهُو پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو

منهنجي پيدائش 1977ع جي آهي. 1994ع ۾ ميٽرڪ ڪئي. حضور مرشد پاڪ جي غلاميءَ ۾ 24 ڊسمبر 1994ع ڌاري آيو هئس. ڊسمبر جي اختتام ۾ آئون سلطان الفقر ششم حضرت سلطان محمد اصغر عليؒ جي هٿ تي بيعت ڪئي، ان کان پوءِ مون کي تربيت جي لاءِ موڪليو ويو. موسيٰ والي ۾ ميان محمد ضياءُ الدين صاحب وٽ تربيت ڪئي. گهوڙن سان گڏ سفر ۾ رهيس، پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ حضور مرشد  پاڪ پنهنجي ذاتي خدمت ۾ منظور فرمائي ورتو. اُتان کان منهنجي نوڪريءَ جو آغاز ٿيو. منهنجي رات جي نوڪري آخري ٻن يا ٽن سالن ۾ شروع ٿي. آئون پنهنجي عرض ڪرڻ کان پهريان هي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته آئون ته تمام گهٽ علم وارو ماڻهو آهيان، جڏهن ته مرشد پاڪ حضور سلطان الفقر جي شخصيت تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ته ڪوئي عالم ۽ فاضل ساٿي هجي، جيڪو اوهان جي باري ۾ ٻڌائي ته اوهان جي هستي ڪيتري وڏي هئي. آئون ته اهوئي ٻڌائي سگهان ٿو، جيڪو ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، يا جنهن ڳالهه جي سمجهه حضور مرشد پاڪ جي نظرِ ڪرم ساڻ آئي. گهڻيون ئي ڳالهيون اوهان جي مقام جي حوالي سان اهڙيون آهن، جيڪي اسان کي بيان ڪرڻ کان منع هيون، جيڪي ڪجهه مشاهدي ۾ آيون، آئون شايد سڀ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان.

:حضور مرشد پاڪ کي بظاهر جن تڪليفن کي مُنهن ڏيڻو پيو، انهن جي باري ۾ غلام باهُو ٻڌايو

هڪ ڀيرو جهنگ جي هڪ علائقي ”دو آبه“ ۾ بابا ملڪ حيات وٽ اوهان شڪار جي سفر تي هئا. اُن وقت اوهان کي آڱرين جي پٺيان ڪارا ڪارا نشان بڻجي ويا هئا، ايئن لڳي رهيو هو، جيئن رَتُ ڄمي وئي هجي. اُتي شڪار تي هي اوهان فرمايو ته لاهور جي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايون ٿا. هيءَ منهنجي موجودگيءَ ۾ پهرئين تڪليف هئي، جيڪا اوهان کي ٿي هئي. اسان لاهور عمار ميڊيڪل اسپتال وياسين، اُتي حضور مرشد پاڪ جن داخل ٿي ويا. انهن ڊرپ وغيره لڳائي، ٻه چار ڏينهن اسان اُتي ئي رهياسين. ان وقت به منهنجي رات جي ڊيوٽي هئي، جڏهن صبح ٿيندي هئي ته، اوهان اسپتال ۾ ئي باجماعت نماز ادا فرمائيندا هئا. جيڪي سسٽرز اُتي ڊيوٽي ڏينديون هيون، اُهي شوگر چيڪ ڪرڻ لاءِ صبح صبح جو اينديون هيون. انهن جي هيءَ روز جي ڊيوٽي هئي ته، جڏهن اُهي اينديون هيون ته، انهن وٽ هڪ فهرست هوندي هئي. اهي جڏهن به حضور مرشد پاڪ جي شوگر ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ اينديون هيون، ته ڏسن ته اوهان باجماعت نماز ادا فرمائي رهيا هوندا هئا. هڪ سسٽر گهڻي متاثر ٿي ۽ ان چيو، ته مان  ڪيتري عرصي کان مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪري رهي آهيان، پر هي مون پهريون مريض ڏٺو آهي، ته جنهن وقت به آئون اچان ٿي ته، يا ته وظائف فرمائي رهيا هوندا آهن، يا نماز جي وقت باجماعت نماز ادا ڪندا رهندا آهن. ان طرح جو آئون پهريون مريض ڏٺو آهي، جيڪو بيماريءَ جي حالت ۾ به شريعت جو ان حد تائين پابند آهي.

ان کان علاوه سي ايم ايڇ، لاهور ۾ اوهان مثاني جو آپريشن ڪرايو. اُها فوجي اسپتال آهي، جنهن ۾ آرميءَ جا ڊاڪٽر هوندا آهن. اُتي به اوهان سان آئون گڏ هيس ۽ منهنجي رات جي ڊيوٽي هئي. آپريشن ڪامياب ٿيو. اوهان انهن ماڻهن کان تمام خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته جيڪي آرميءَ جا ماڻهو آهن، انهن ۾ اڃا تائين ڪجهه انسانيت آهي، هي انسانن جي قدر ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اوهان انهن کان گهڻا خوش ٿيا. ان کان پوءِ اوهان قاري صاحب کي چيو ته هنن کان وقت وٺو، اسان هنن کي ڪجهه تحفو ڏيڻ چاهيون ٿا. جنهن ڊاڪٽر اوهان جو آپريشن ڪيو هو، ان کان ملاقات لاءِ وقت ورتو ويو. اوهان ان کي اسم الله ذات جو تحفو عطا فرمايو. جڏهن اوهان ان کي اسم الله ذات جي باري ۾ سمجهائڻ لڳا ته اُن ڊاڪٽر چيو ته حضرت صاحب هڪ منٽ بيهجو، منهنجو هڪ دوست ڊاڪٽر آهي، اُهو دل جو اسپيشلسٽ آهي، آئون اُن کي به گهرائي ٿو وٺان، جيئن هُو به ڪجهه ڳالهه ٻڌي وٺي. هُو دل جي بيمارين جو ماهر آهي، پر دل جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان ٻڌائي رهيا آهيو، سي اُن کي معلوم نه آهن، پوءِ ان ڊاڪٽر، دل جي ماهر ڊاڪٽر کي گهرائي ورتو. حضور مرشد پاڪ اُن ڊاڪٽر سان گفتگو فرمائي ۽ انهن کي به اسم الله ذات سمجهايو ۽ دل جي حقيقت ٻڌائي، انهن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته دل جون حالتون جيڪي اوهان فرمائي رهيا آهيو، سي بلڪل درست آهن، ڇو جو ميڊيڪل سائنس ۾ ان کي بيان ڪرڻ جا الفاظ بدلجي ويندا آهن. انهن ڊاڪٽر اِهو به چيو ته، جيڪڏهن هن طرح جو ذڪر ڪجي ته، هيءَ شئي دل کي باطني سڪون سان گڏ ظاهري سڪون به ڏيندي آهي.

سلطان الفقر ششم جي رات جي معمولات جي باري ۾ ٻڌايو.

اوهان کي جيتري به تڪليف هوندي هئي، اوهان نماز باجماعت ادا فرمائيندا هئا. ساٿين سان گڏ گفتگو فرمائيندا هئا ته پنهنجي بيماريءَ کي ظاهر نه ڪندا هئا. انهيءَ حال هوندي به هڪ مريض کي ڪابه تڪليف هجي ته، هُو پريشان رهندو آهي، اوهان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي، جيڪو به ملڻ ايندو هو، اوهان اُن سان وڏي پيار سان ملندا هئا، ان کي پورو پورو وقت ڏيندا هئا. رات جو ٻارهين، هڪ وڳي تائين ته ملاقات جو عام معمول هو، هڪ وڳي تائين اوهان لازمي جاڳندا رهندا هئا، ڀلي اوهان جو محل پاڪ ۾ قيام هجي يا ڪٿي ٻي جاءِ تي، ساٿي اوهان سان ملڻ لاءِ ايندا رهندا هئا. انهن سان گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ئي اوهان آرام ڪرڻ فرمائيندا هئا. اوهان کي تهجد ۽ باجماعت نماز ادا ڪرڻ جي پڪي عادت مبارڪ هئي. چاهي اوهان سفر ۾ آهيو، چاهي اوهان اسپتال ۾ آهيو، منهنجو جيترو به سفر اوهان سان گڏ رهيو، ان ۾ تهجد ۽ فجر جي نماز باجماعت اوهان جو پڪو معمول رهيو. شڪار گاهه ۾ به ٻه چار ڏينهن گذرندا ته، اُتي به اوهان باجماعت نماز ادا ڪرڻ فرمائيندا هئا. جيڪي ماڻهو اوهان کي ڏسندا هئا ته گهڻو متاثر ٿيندا هئا، ته اڄ تائين اهڙو شڪاري ناهي ڏٺو. شڪاري ايندا آهن، شڪار ڪري هليا ويندا آهن، پر ڪنهن کي به نماز پڙهندي ناهي ڏٺو. هتي به باجماعت نماز ۽ شرعي طريقي سان شڪار ڪيو ويندو آهي.

اسم الله ذات جي باري ۾ ته اوهان هر ساٿيءَ کي تلقين فرمائيندا هئا. مون کي اوهان ڊيوٽي جي دوران اسم الله ذات باقاعدگيءَ سان تصور ڪرڻ جي تاڪيد فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري چڪ (55) ۾ شڪار جي سفر تي هئاسين، ته اوهان مون کي صبح صبح جو گهران گهرايو ۽ فرمايو ته پُٽ! اهڙي طرح ڪندا ڪريو، جو شڪار کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ يا اڌ ڪلاڪ اسم الله ذات پڙهندا ڪريو، پوءِ توهان اسان سان گڏ شڪار تي هلندا ڪريو ۽ اُتي شڪار گاهه ۾ جيترو به وقت رهو، توهان کي تصور اسم الله ذات ۾ رهڻ گهرجي. ان طريقي سان آئون به تصور ڪندو هيس. شڪار گاهه ۾ اسم الله ذات پڙهي ڪري وڃڻ ۽ انهيءَ دليل ۾ رهڻ، ان سان گهڻو سڪون رهيو، دل چاهيندي هئي ته ماڻهو هن ويرانيءَ ۾ رهي، شهر واپس ئي نه وڃي. اوهان اڪيلي ويهي ڪري اسم الله ذات سمجهايو به هو ۽ ڪيترائي ڀيرا اوهان پڇا به ڪئي ته پٽ! اسم الله ذات پڙهندا آهيو؟ ڇا لاءِ ته مون کان گهڻي ڪوتاهي به ٿي ويندي هئي. پاڻ فرمائيندا هئا ته پٽ! توهان کي  تحفو تمام اعليٰ ڏنو آهي، هي اهڙو تحفو آهي، جيڪو دنيا ۾ به ڪم اچڻ وارو آهي ته آخرت ۾ به ڪم اچڻ وارو آهي، توهان ايئن ئي هن کي رکي ڇڏيو آهي.

هڪ ڀيرو ”ملهوانه موڙ“ جهنگ روڊ تي اوهان قضاءِ حاجت لاءِ ويا، جڏهن واپس آيا ته آئون اوهان جا هٿ مبارڪ پاڻيءَ سان ڌورائي رهيو هيس ته، اوهان معلوم ڪرڻ چاهيو ته، پُٽ! اسم الله ذات پڙهندا آهيو؟ مون عرض ڪيو ته ، ڪڏهن پڙهندو آهيان، ڪڏهن وقت ناهي ملندو. اوهان فرمايو ته پُٽ! ڪڏهن اسم الله ذات پڙهو ته توهان جي ماءُ قبر ۾ ياد ڪندي ته منهنجو پُٽ ڪنهن سان گڏ آهي. اوهان هيءَ ڳالهه وڏي يقين سان ڪندي فرمايو ته توهان جي ماءُ قبر ۾ به ياد ڪندي ته مون ڪهڙن پيرن کي پُٽ ڏنو آهي. هن طرح ڪيترن ئي هنڌن تي اوهان اسم الله ذات جو حڪم فرمايو.

هڪ ڀيرو اوهان محل ۾ تشريف فرمائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. آئون اوهان جي چپل مبارڪ لاهي ڪري جهلي، اُن وقت به اوهان پويان نهاري ڪري فرمايو ته پُٽ! توهان کي تحفو وڏو اعليٰ ڏنو آهي، اسم الله ذات پڙهندا ڪريو. هي اهڙو تحفو آهي، جيڪو دنيا ۾ به ڪم اچڻ وارو آهي ۽ آخرت ۾ به ڪم اچڻ وارو آهي، هن کي ايئن ئي رکي نه ڇڏيو. پوءِ آئون حڪم سمجهي پڙهندو هيس. ڪڏهن خيال ايندو هو ته، آئون ڊيوٽيءَ تي آهيان، مون کي پنهنجي ڊيوٽي قائم رکڻ گهرجي، يعني ڊيوٽي ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ٿئي، ڇا لاءِ ته اوهان گهڻو اسم الله ذات جي پڙهڻ جو پڇندا رهندا هئا، ان لاءِ آئون به ڪوشش ڪندو هيس ته ڊيوٽي سان گڏوگڏ اسم الله ذات کي پڙهندو رهان، پوءِ به هر ساٿيءَ کي ڊيوٽي به انهيءَ نيت سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جو تصور اسم الله ذات تي پڪو ٿي وڃي.

.غلام باهُو سلطان الفقر ششمؒ جي رات جو آرام فرمائڻ کان پوءِ جو هڪ خاص واقعو ٻڌايو

حضور پير صاحب جي محل پاڪ تي اوهان هڪ ڀيري تشريف فرما ٿيا، رات جو اوهان وضو فرمائي آرام ڪرڻ لڳا ته مون کي فرمايائون ته، پُٽ! منهنجي حضور مرشد پاڪ جي هستي گهڻي وڏي آهي، پوءِ پاڻ فرمايائون ته هي شهنشاهه هستيون، حضور بادشاهه صاحب، حضور پير صاحب ۽ منهنجو حضور مرشد پاڪ، اصل ۾ ته هڪ ئي حقيقت آهي، پر انهن جا نالا الڳ الڳ ۽ جڳهون جدا جدا ۽ وقت مختلف آهن. اصل ۾ حقيقت هڪ ئي آهي. اوهان پنهنجي مرشد يعني حضرت سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ جي بابت ڳالهه ڪندي، انهن جي شان ۽ واقعات بيان فرمائيندا رهيا، ان کان پوءِ اوهان فرمايو ته پُٽ! هاڻي آرام ڪريون ٿا، صبح جو بيدار به ٿيڻو آهي. اوهان آرام فرمائڻ لڳا. ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو ته اوهان ننڊ جي حالت ۾ هٿ چورڻ شروع ڪيا، سمهندي سمهندي پورو تيمم ڪرڻ لڳا، ان کان پوءِ اوهان ڳالهائڻ شروع ڪيو، مون کي اُهو آواز بلڪل واضح نموني ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو، ايئن لڳي رهيو هو ته، گهڻا ئي ماڻهو بيعت ٿي رهيا آهن، ڇا لاءِ ته اوهان ڪنهن کي فرمائي رهيا هئا ته، ’پُٽ! الله، ايمان ڪامل ڪري‘ مون کي اهي لفظ واضح طور تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. انهيءَ کان سواءِ اُها آواز سموري ڪمري ۾ گونجي رهي هئي. اوهان انهن کي بيعت فرمايو، پوءِ اوهان جا هٿ مبارڪ چُرندا رهيا، جهڙو اوهان مون تي اِهو واضح ڪري ڇڏيو ته، حضور مرشد پاڪ انهيءَ طرح رات جو به فيصلا فرمائيندا هئا ۽ اوهان اِن ڳالهه جو مشاهدو به ڪرايو ته، منهنجو تعلق به انهيءَ حقيقت سان آهي، پر اوهان انهن ڳالهين کي ظاهر فرمائڻ پسند نه فرمائيندا هئا.

وصال کان اٽڪل پنج يا ڇهه ڏينهن اڳ فرمايائون ته، پُٽ! توهان کي اسان رات جو گهڻو ئي جاڳائيندا رهيا آهيون، توهان مون سان گڏ ڊيوٽي ڪندا رهيا آهيو، رات جو جاڳندا رهيا آهيو، پُٽ! هاڻي توهان جي رات جي جاڳڻ واري ڊيوٽي ختم نه ڪري ڇڏيون؟ توهان ائين ڪندا ڪريو ته، جيئن ئي اسان سمهي پئون ته، اسان جي سمهڻ کان پوءِ توهان به سمهي پوندا ڪريو، هاڻي اوهان جي رات جي ڊيوٽي ختم آهي. پوءِ رات جو جڏهن حضور مرشد پاڪ آرام ڪرڻ فرمائيندا هئا ته، آئون به سمهي پوندو هئس، جنهن وقت اوهان کي ضرورت هوندي هئي ته، اوهان مون کي جاڳائيندا هئا، ڇو ته آئون اوهان جي چپل مبارڪ جي ويجهو ئي پنهنجو سِرُ رکندو هئس، اوهان جو جيئن ئي چپل مبارڪ کي پير لڳندو هئو ته، منهنجي اک کلي ويندي هئي.

جڏهن اوهان پهاڙپور ۾ ملڪ ڪاظم جي گهر تشريف فرما ٿيا، ته اُتي به هڪ رات گذاري. اُتي اوهان فرمايو ته، هاڻي صحيح جڳهه تي آيا آهيون، جهڙي طرح ماڻهو پنهنجي گهر پهچي ويندو آهي، ته هي واضح ڪندو آهي ته، هُو خوش آهي. پاڻ فرمايائون ته اسان هاڻي صحيح جڳهه تي آيا آهيون. اُن وقت ته اسان جي ذهن ۾ اُن ڳالهه جي سمجهه نه آئي، پر منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه اُن وقت آئي، جڏهن اسان رات جو فضل ڪريم ڪُنڊي ۽ فيصل ڪريم ڪُنڊي جي بنگلي تي هياسين، ته اوهان کي دل جي ٿوري  تڪليف محسوس ٿي، ته اُنهن ڊاڪٽر کي گهرايو. ڊاڪٽر چيڪ ڪرڻ کان پوءِ چيو ته  جناب کي اسپتال کڻي وڃڻو پوندو، ڇو ته هتي اسان وٽ سڀ شيون موجود نه آهن، مڪمل چيڪ اپ لاءِ جناب کي اسپتال آڻڻو پوندو. جڏهن اوهان کي عرض ڪيو ويو ته، حضور! ڊاڪٽر صاحب چون ٿا ته اسپتال وڃڻو پوندو ته، پاڻ فرمايائون ته، ٺيڪ آهي، اسين تيار ٿيون ٿيا، ڊاڪٽر صاحب کي چئو ته اسان اسپتال اچي رهيا آهيون. اُتي اوهان بيت الخلا ۾ ويا، جيئن ئي واپس آيا، ڇو ته اوهان گهڻا واقعات ڏاڏا حضور مرشد پاڪ جا ٻڌائيندا هئا ته حضور مرشد پاڪ وصال کان پهريان هن طرح پٽي مبارڪ ٻڌي هئي، هن طرح اوهان اسم الله ذات گُهرايو، هوبهو اوهان به انهيءَ طرح ڪيو، جيئن ئي بيت الخلا کان واپس آيا، وضو ڪري اوهان فرمايو ته، قاري صاحب، ڪپڙا تبديل نه ڪري وٺون، اسپتال وڃڻو آهي. اوهان ڪپڙا تبديل ڪيا، قاري نصرالله صاحب ۽ آئون ڪمري ۾ هئاسين. ڪپڙا تبديل ڪرڻ کان پوءِ فرمايائون ته، قاري صاحب، پَٽي ٻڌي ڇڏيو. پٽي تازي نه ٻڌائون، اوهان پٽي ٻڌي، ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته قاري صاحب، اسم الله ذات ڪڍي ڏيو ٿوري زيارت ڪريون. قاري صاحب جن اسم الله ذات کڻي آيا. اوهان جو هڪ معمول مبارڪ اِهو به هو ته، اوهان صدقو ڪندا هئا. پاڻ گهڻو ڪري سورة ياسين ڪڍي ڪري، قرآن پاڪ پنهنجي سِر مبارڪ تي رکندا هئا، پوءِ قاري صاحب کي فرمائيندا هئا ته، هِن ۾ پيسا رکو. قاري صاحب جن (جيڪي خزانچي خليفا هئا) جي کيسي مان جيڪي ڪجهه به نڪرندو هو، قرآن پاڪ ۾ رکي ڇڏيندا هئا، پوءِ اُهي پيسا ڪنهن غريب کي ڏنا ويندا هئا. اهڙي طرح اوهان هوبهو اها معمول ادا ڪرڻ فرمائي.

منهنجي دل ۾ هي خيال آيو ته، حضور مرشد پاڪ اُهو ئي طريقو اختيار ڪري رهيا آهن، جيڪو طريقو اوهان جي حضور مرشد پاڪ پنهنجي آخري وقت ۾ اختيار ڪيو هو. مون کي هڪ ڀيرو وري خيال آيو،  پوءِ آئون پنهنجو پاڻ کي ٿورو جهڻڪيو به ته ڪهڙو غلط خيال پنهنجي ذهن ۾ وجهي رهيو آهين، آئون خاموش رهيس، پر اوهان اهو ئي طريقو ورجايو. ان کان پوءِ اسپتال روانا ٿياسين. اسپتال پهچي ڪري، قاري صاحب جن گاڏيءَ تي واپس آيا. قاري صاحب جن چيو ته، اوهان اسپتال ۾ به پنهنجو اسم الله ذات گهرايو آهي، ڪجهه عرصو پهريان ملتان کان اوهان اسم الله ذات (فريم) ٺهرايو، ته اوهان اُن کي ڏسي ڪري گهڻا خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته، ”هُڻ ميرا دل خوش هوگيا ويکهه کي که ايهه چيز ميري مطلب دي بڻ گئي اي.“ اهو ئي اسم الله ذات اوهان اسپتال ۾ گهرايو. منهنجي اندر ۾ اُها ڳالهه کُٽڪندي رهي، ڇو ته سڄو معمول اوهان مون کي پهريائين ٻڌائي چڪا هئا. هي اسپتال ۾ بلڪل آخري شام جو واقعو آهي، ڇو ته اوهان جو ان رات پرهه ڦٽيءَ وقت وصال مبارڪ ٿي ويو هو. اسان رات جو عشاء تائين گڏ هئاسين. عامر طفيل ۽ آئون، ان کان پوءِ لالا خدا بخش آيو ۽ چيائين ته توهان سڄو ڏينهن جاڳندا رهيا آهيو، توهان آرام ڪريو، هاڻي هتي يعقوب الاهي جي ڊيوٽي هڻون ٿا.

:ڊي.آئي. خان اسپتال ۾ آخري شام جي يادن کي تازو ڪندي غلام باهُو ٻڌايو

جڏهن اوهان گفتگو فرمائيندا هئا ته، دورانِ گفتگو هٿ مبارڪ لوڏيندا رهندا هئا، جنهن ڪري اوهان کي لڳل ڊرپ جي نيڊل (سُئي) نڪري ويندي هئي. شام جي وقت جڏهن حضور جانشين سلطان الفقر حضرت سلطان محمد علي صاحب سان گفتگو فرمائي رهيا هئا، ته ان وقت مون کي اوهان حڪم فرمايو ته، پُٽ! توهان منهنجو هٿ پڪڙي ڪري جهليو ته، جيئن جڏهن گفتگو ڪريان ته هَٿ منجهان سُئي نه نڪري، مون هٿ پڪڙي جهليو هو ۽ حضور جانشين سلطان الفقر اوهان جي پيرن مبارڪن جي تِرين کي مهٽيندا رهيا. بيڊ سان گڏ اسان ٻه ئي هئاسين ۽ ٻيو ڪوبه نه هو، قاري صاحب جن به ٻاهر ويل هئا. پاڻ حضور جانشين سان مخاطب ٿي ڪري فرمايائون، “بیٹا! میں اپنے حضور مرشد پاک دی ہر سنت پوری کیتی وینا آں، ہک سنت رہندی پئی ہے ہسپتال آلی، ایہہ میں پوری کیتی وینا آں۔” يعني اوهان کي مخاطب ٿي فرمايو ته، پُٽ! آئون پنهنجي حضور مرشد پاڪ جي هر سنت پوري ڪئي آهي، هڪ سنت، اسپتال واري رهندي هئي، اُها به اڄ پوري ڪري رهيو آهيان. جانشين سلطان الفقر سلطان محمد علي صاحب مدظلہ الاقدس پنهنجو چهرو مبارڪ جهڪائي ڪري اوهان جي پيرن جي تِرين کي مهٽيندا رهيا ۽  خاموشي اختيار ڪيائون، جواب ۾ ڪجهه به نه فرمايو.

سلطان الفقر ششم پنهنجي زندگي مبارڪ ۾ پنهنجي حضور مرشد پاڪ  جي ڪا به سنت نه ڇڏي هئي، ايتري تائين جو حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ جو اسپتال ۾ هي وصال مبارڪ ٿيو هو ته اوهان ان کي به سنت قرار ڏيندي، پنهنجي آخري وقت ۾ اسپتال وڃڻ ئي پسند فرمايو، بظاهر ته ڪا به اهڙي بيماري نه هئي، جنهن لاءِ اسپتال وڃڻ انتهائي ضروري هو، بس اسپتال واري سنت پوري ٿي رهي هئي. ان سان گڏوگڏ اوهان هي به فرمائي رهيا هئا ته، سڀاڻي اسان پنهنجي حضور مرشد پاڪ وٽ محل پاڪ ۾ وينداسين، جڏهن اسان محل پاڪ ۾ وينداسين ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. جڏهن ڪُنڊي صاحبان اوهان جي عيادت لاءِ آيا ته، انهن کي به اوهان اِهو ئي فرمايو ته، خان صاحب! اگر اجازت هجي ته اسان صبح صبح جو هليا وينداسين، اوهان آرام ڪري رهيا هوندا. انهن کي به فرمايو ته سڀاڻي اسان محل پاڪ ۾ هليا وينداسين، جيستائين آئون رهيس، اوهان گفتگو فرمائيندا رهيا. ان وقت اوهان تي ڪنهن به ڪمزوري ۽ نقاهت جا اثرات نه هئا، ڇو ته آئون عشاء تائين رهيس، پوءِ يعقوب الاهي اچي ويو هو. اسپتال ۾ جتي اوهان جو بيڊ هو، اُتي هڪ وڏو هال هو، جنهن ۾ اوهان جو بيڊ سڀ کان آخر ۾ هو.

آخري وقت ۾ اوهان ملڪ شيرا کي گهرايو، خان نور آصف کي گهرايو، انهن سان به گفتگو فرمائي. اوهان فرمايو ته اسان ڪنهن جو به ڪوئي قرض نه ڇڏيو، ڪنهن جو به ڪوئي احسان نه ڇڏيو. هن قسم جي اوهان گفتگو فرمائيندا رهيا، محسوس ئي نه ٿيندو هو ته، اوهان ڪو مريض آهيو. ڊاڪٽر حضرات چوندا هئا ته، بيماريءَ جي دوران بيت الخلا ۾ به نه وڃو، ته اوهان فرمايو ته اِها شيءَ اسان سڄي عمر ناهي ڪئي. آخري ٽائيم هڪ جي ايم صاحب اسان جا پير ڀائي آهن، انهن چيو ته جي ڊاڪٽر صاحب چون ٿا ته حضرت صاحب بيت الخلا ۾ به نه وڃن ۽ هتي بيڊ تي ئي ان جو انتظام ڪري ٿا ڏيون، ته پاڻ فرمايائون ته، ڊاڪٽر صاحب کي هِن ڳالهه جي ڇا خبر آهي ته، اسان جي سڄي عمر گذري وئي آهي، اسان شريعت جي خلاف هڪ قدم به نه کنيو ۽ هاڻي بيڊ تي ويهي ڪري هي ڪم نٿا ڪري سگهون، اسان کي بيت الخلا ئي استعمال ڪرڻو آهي. آخري دم تائين اوهان هي محسوس ئي نه ڪرڻ ڏنو ته، اوهان کي ڪو ئي مرض به آهي يا نه. هر ساٿيءَ سان وڏي خوشيءَ سان ۽ گهڻي پيار سان ملندا هئا. انهيءَ کان سواءِ جيڪي ساٿي آخري وقت تائين اوهان جي بارگاهه ۾ موجود هئا، اُهي خوش باش گهمي ڦري رهيا هئا، انهن کي اِن ڳالهه جو اندازو ئي نه ٿي رهيو هو ته، اوهان آخري سفر جي تياري فرمائي چڪا آهيو. آخري خوش نصيب، جنهن کي اوهان اسم الله ذات عطا فرمايو، اُهو ڊيره اسماعيل خان جو ملڪ ڪاظم ۽ ڊاڪٽر غلام محمد (جي. ايم. صاحب) هئا، جيڪي آخري وقت اُتي ڊيوٽي تي هئا. انهن کي اوهان فرمايو ته، اسم الله ذات وٺو، پوءِ بعد ۾ توهان کي سمجهائي به ڇڏينداسين.

:غلام باهُو، سلطان الفقر ششمؒ جي اصلاحي جماعت جي مستقبل جي يادن تي ٻڌايو

جماعت پاڪ جي مستقبل جي حوالي سان گهڻائي فرمودات آهن، پر هن وقت هڪ قول مون کي ياد اچي رهيو آهي، ته ولايت شاهه سان گڏ منهنجي وال چاڪنگ جي ڊيوٽي هئي. هي اٽڪل 1997ع جي ڳالهه آهي. اسان مرڪزي ٽور ۾ هلي رهيا هئاسين، جنهن ضلعي ۾ پروگرام ٿيندو هو، ان ضلعي ۾ 12 ۽ 13 اپريل جي محفل ميلاد مصطفيٰﷺ جي وال چاڪنگ ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن اوهان ولايت شاهه کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو ته، شاهه صاحب، توهان هڪ ٻه سال وال چاڪنگ ڪيو، ان کان پوءِ توهان کي تشهير ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي. هڪ وقت اهڙو ايندو ته هي 12 ۽ 13 اپريل جو پروگرام ٻار ٻار، هر ننڍي وڏي ۽ هر مرد ۽ عورت جي زبان کان نڪرندو ته، 12 ۽ 13 اپريل جو ميلاد، درٻار شريف تي ٿيندو آهي، يعني ڪنهن کي به ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نه رهندي. اوهان جماعت پاڪ جي مستقبل جي حوالي سان اڪثر هي فرمائيندا هئا ته، هي ڪم اسان پنهنجي مرضيءَ سان نه، روضي پاڪ وارن (يعني حضرت محمد رسول اللهﷺ) جن جي مرضيءَ سان شروع ڪيو آهي، اُهي ئي هن جا نگهبان آهن، اسان ته صرف انهن جي غلامي ڪري رهيا آهيون. پاڻ گهڻو هي واقعو به بيان فرمائيندا هئا ته اسان کي اصلاحي جماعت هلائڻ جو حڪم ۽ ان جي سڄي ترتيب پاڻ حضرت سلطان باهُوؒ ارشاد فرمائي آهي، اوهان جماعت ۽ تنظيم جا سڀ فيصلا، روضي پاڪ ۽ محل شريف وارن جي رضا ۽ حڪم سان ئي ڪرڻ فرمائيندا هئا. هي شيءَ اسان ڊيوٽيءَ ۾ رهي ڪري ڪيترائي ڀيرا نوٽ ڪئي هئي ته، اوهان جڏهن به حضرت سلطان باهُو صاحب يا حضور پير صاحب يا پنهنجي مرشد پاڪ يعني اسان جي حضور ڏاڏا مرشد پاڪ جي محل ۾ ويندا هئا ته، اُتي حاضري جو وقت ڊگهو هوندو هيو، گهڻو ڪري ايئن به ٿيو ته تنظيم جي متعلق، گهر جي متعلق يا ڪنهن به ساٿيءَ جي متعلق اوهان ڪوبه فيصلو فرمائي ڇڏيو ۽ ماڻهن کي اُن کان آگاهه به ڪري ڇڏيو ته ڪيئي ڀيرا ائين به ٿيو ته، محل شريف ۾ حاضري ڏيڻ کان پوءِ اوهان اُهو فيصلو تبديل فرمائي ڇڏيندا هئا ۽ ساٿين کي نَون احڪامن جي متعلق ٻڌائيندا هئا.

:سلطان الفقر ششمؒ جي عجز و انڪساري جا ڪجهه حصا

الله رب العزت پنهنجي صفت ربوبيت سان سڀني مخلوقات جي تربيت جو انتطام فرمايو ۽ پوري ڪائنات کي دائره ادب ۾ پيدا فرمايو، پوءِ هر مخلوق کي پنهنجي قانون فطرت جي مطابق خاص نظامِ ادب جو پابند بڻايو،  جيئن ته وڻن کي مودباڻيءِ قيام بهائم (چوپاين) کي عاجزانه رڪوع حشرات (جيت جڻا) کي مستمدانه (مدد، واهر) سجود ۽ جبلن کي صابرانه قعود ( ويهڪ) سيکاريو، ۽ خاص ڪري حضرت انسان جي لاءِ گفتار، ڪردار ۽ رفتار ۾ هڪ خاص ضابطهء ادب آهي. اعمال ۽ عبادات جي اندر عاجزي ۽ انڪساري، ادب ۽ احترام بمنزل روح لاءِ آهي. جيڪڏهن لفظ اسلام تي هي غور ڪيو وڃي ته، حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي، جنهن اسلام جي تڪميل جي لاءِ حضور رسالت مآبﷺ کي مبعوث فرمايو ويو. فرمانِ باري تعاليٰ آهي:

اِنَّ الدِينَ عِندَاللهِ الاِسۡلام. (1)۔

ترجمو: بيشڪ الله وٽ (پسنديده) دين اسلام آهي.

السيد الشريف الجرجاني الحنفي (متوفي 18ع هجري) اسلام جي معنيٰ بيان ڪندي لکن ٿا.

الاسلام الخضوع والانقياد (2)۔

ترجمو: احڪام کي عاجزي سان گڏ تسليم ڪرڻ.

۽ ابو فضل مولانا عبدالحفيظ بلياوي (اسلم، السلم، السلام) جي معنيٰ هيئن بيان ڪن ٿا:

فرمانبردار ٿيڻ، تابعداري، اطاعت ۽ فرمانبرداري جي لاءِ جهڪڻ، بغير ڪنهن پس و پيش (نفعي نقصان) امر و نهي جي فرمانبرداري ڪرڻ (3)۔

قرآن ڪريم جي اندر جيڪو عبادالرحمٰن جو نصاب مقرر فرمايو ويو آهي، اُهو به عاجزي ۽ ادب تي محمول (گمان ڪيل) آهي. فرمان باري تعاليٰ آهي:

و عبادالرحمٰن الذين يمشون علي الارض هونا (4)۔

ترجمو: رحمٰن جا بنده اُهي، جيڪي زمين تي آهستي آهستي (آدابِ عجز ۽ نياز کي ڌيان ۾ رکي) هلندا آهن.

ايئن ته سڀ انسان اُن جي ئي مخلوق ۽ اُن جا ئي بندا آهن، جنهن جو انداز رفتار عاجزانه ۽ دلبرانه هجي. انهن کي ڏسي ڪري هي اندازو ٿي ويندو آهي ته وقار ۽ متانت (شان ۽ شوڪت، بردباري) پيڪرِ رعنا (سونهن جو مجموعو) هلندو پيو اچي.

حضور عليہ الصلوٰة والسلام جن فرمايو:

ان الله اوحي الي ان تواضعوا (5)۔

ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ مون تي وحي فرمائي آهي ته، توهان پاڻ ۾ عاجزي سان پيش اچو.

۽ جيڪڏهن اسلام جو بنظر عميق (اُونهي نگاهه سان) مطالعو ڪيو وڃي ته، جيڪي ان جا ثمرات ۽ نتيجا آهن، جنهن کي تصوف چيو ويو آهي، ان جو به وڏو حصو ادب هي آهي، جيئن ته علامه ابن عجيبهؒ حضرت ابو حفص حدادؒ جو قول نقل ڪن ٿا:

التصوف ڪلہ ادب، لڪل وقت ادب، لڪل حال ادب، لڪل مقام ادب (6)۔

ترجمو: تصوف، پوري جو پورو ادب جو نالو آهي. هر وقت ادب، هر حال ۾ ادب ۽ هر مقام تي ادب (جو نالو تصوف آهي).

الادب سند الفقراء (7)۔

ترجمو: ادب، فقراءَ جي سند آهي، يعني جيڪو اعليٰ مقام و مرتبي تي فائز ٿي ڪري به  عاجزي ۽ ادب کي ترجيح ڏيندو آهي. جيئن ته علامه محمد اقبالؒ فرمائن ٿا:

پا بہ گل شمشادش کند،
دست و پابندد کہ آزادش کند۔ (8)۔
بنده مومن جي مثال شمشاد ۽ سرو جي ان وڻ جي طرح آهي، جيڪو پنهنجون پاڙون زمين ۾ پُوري ڪري (يعني عاجزيءَ کي اختيار ڪيو آهي) پنهنجو پاڻ کي زمين ۾ پابند ڪيو آهي، پر پنهنجون ٽاريون کليل فضا ۾ ڇڏئين آهي ته جيتري اُوچائي تي وڃن، انهن تي ڪابه پابندي ناهي.

صنوبر باغ میں آزاد بھی ہے، پابہ گل بھی ہے۔
مردِ مومن فقر ۽ ولايت جي آخري مقام ۽ مرتبي جي هوندي عاجزي ۽ انڪساريءَ کي اختيار ڪندو آهي ۽ عبد چورائڻ ئي پسند ڪندو آهي، جيتوڻيڪ ان جي قبضي ۾ ٻنهي جهانن جي شاهي ڇو نه هجي. بقول اقبال جي ته:

متاع بے بہا ہے درد و سوز، آرزومندی،
مقام بندگی دے کہ نہ لوں شان خداوندی۔ (9)۔
سچ ته هي آهي ته، سلطان الفقر ششم حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحبؒ جي حيات طيبه جي  باري ۾ ڪجهه عرض ڪرڻ (بلا مبالغه) بنده ناچيز جي وَس جي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي اوهان جي شايان شان الفاظ موجود آهن ۽ ڪما حقہ (جيترو اُن جو حق آهي) اوهان جي زندگي مبارڪ جي هڪ پاسي کي تحرير ۾ آڻڻ مشڪل شايد ناممڪن آهي، جيتوڻيڪ سڀني پاسن کي تحرير ۾ آڻڻ گهرجي.

گر قبول افتد زہے عز و شرف۔
عام طور تي ٿيندو ايئن آهي ته، ڪنهن به بزرگ جي متعلق جڏهن ڪجهه لکڻ مقصود هوندو آهي ته، ان جو نالو ۽ نسب لکڻ کان پوءِ صفحات کي ڪرامات سان ڀري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته گهڻو ضروري هي آهي ته، اهڙين مبارڪ هستين جي ڪردار ۽ گفتار جو جائزو، قرآن حڪيم ۽ سنت نبويﷺ جي معيار تي پرکڻ گهرجي. سلطان الفقر ششم جن جي هن دنيا ۾ گذاريل هر گهڙي، هر ساعت ۽ هر قدم، احڪام خداوندي ۽ سنت نبويﷺ جي عين مطابق ۽ اُنهيءَ جي اشاعت ۽ تبليغ ۾ گذريو ۽ اوهان جي حسب ۽ نسب کي ڏٺو وڃي ته، اوهان حضرت سلطان باهُوؒ جي نَوين پيڙهي مبارڪ کان آهن ۽ حضرت سلطان باهُوؒ، حضرت علي ڪرم الله وجہ جي غير فاطمي اولاد منجهان آهن.

سلطان الفقر ششم جا والد گرامي (۽ اوهان جا مرشد ڪريم) شهباز عارفان سلطان الاولياء حضرت سخي سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ مادرِ زاد وليء ڪامل هئا، جن جي ولادت باسعادت ٿي ته ناف بريده، ختنه شده، ڏٺو ويو، جنهن جي پيڙهي مبارڪ ۾ ڪا هڪ هستي به اهڙي نه آهي، جيڪا ولايت ۽ خزانه فقر کان خالي هجي. تاريخ اسلام جنهن جي زهد و تقويٰ، علم ۽ عمل، جرئت ۽ بهادري، جود و سخا، ڪرم ۽ عطا، غيرت ۽ حميت، فقر ۽ ولايت سان ڀري پئي آهي ۽ سلطان الفقر ششم فقر جي ڇهين سلطان جي مقام تي فائز آهن، جنهن فقر جي متعلق حضور رسالت مآبﷺجن ارشاد فرمايو آهي، ۽ جنهن کي حضرت سلطان باهُوؒ ۽ ٻين مفسرين ڪرام نقل فرمائن ٿا. فرمان نبويﷺ آهي ته:

الفقر فخري والفقر مني فافتخر به علي سائر الانبياءَ والمرسلين (10)۔

ترجمو: فقر منهنجو فخر آهي ۽ مون کان (منهنجي اندر جو نور) آهي فقر جي هن وجه کان مون کي سڀني انبياءَ ۽ مرسلين عليہ السلام تي افتخار آهي.

حجة الاسلام حضرت امام ابي حامد محمد بن محمد بن محمد الغزالي (متوفي 505 هجري) فرمائين ٿا:

سئل الشبلي عن حقيقية الفقر؟ فقال ان لا يستغني بشييءِ دون الحق (11)۔

ترجمو: (حضرت شبلي) شبليؒ کان فقر جي حقيقت متعلق سوال ڪيو ويو ته اوهان فرمايو (فقر هي آهي) ته جنهن جو حق کان سواءِ ڪنهن شئي سان جيءُ نه ڀرجي.

حُسن اتفاق هي آهي ته، امام بخاريؒ الصحيح البخاري، ڪتاب الرقاق ۾ باب ٻَڌو آهي، ان باب جو عنوان به هن مضمون جي عنوان سان ملي ٿو (باب التواضع) يعني عاجزيءَ جو بابُ. هِن باب جي تحت هڪ ڊگهي حديث پاڪ آهي، جنهن ۾ آهي:

لا يزال عبدي يتقرب الي ……………………………………

جڏهن بندو اُن جي ذات جو قرب حاصل ڪري ٿو وٺي ته پوءِ هُو ان بندي کي پنهنجو محبوب بڻائي ٿو ۽  ان جي قول ۽ فعل کي پنهنجو قول ۽ فعل قرار ڏيندو آهي.

فقر ۽ ولايت جي انهيءَ مقام تي سلطان العارفين حضرت سلطان باهُوؒ پنهنجي پنجابي ڪلام ۾ فرمائين ٿا:

میں شہباز کراں پرواز وچ دریا کرم دے ہُو،
زبان تاں میری کُن برابر موڑاں کم قلم دے ہُو،
افلاطون ارسطو جیہیں میرے اگے کس کم دے ہُو،
حاتم جیہیں لکھ کروڑاں در باہُو دے منگدے ہُو،

سلطان الفقر ششم جي ان قدر مقام ۽ مرتبي جي باوجود اوهان جي عاجزي ۽ انڪساري جي پاسن کي ڏسي ڪري ماڻهو حيران ۽ ششدر (وائڙو) ٿي وڃي ٿو.

شيخ سعديؒ وڏي خوبصورت ڳالهه فرمائي آهي ته:

تواضع کند مرد را سرفراز،
تواضع بود سروراں راطراز۔

ترجمو: عاجزي مرد کي سربلند ڪندي آهي ۽ عاجزي سردارن فقراءَ) جي زينت آهي.

تواضع زگردن فرازاں نکو است،
گداگر تواضع کند خوئے اوست۔

ترجمو: عاجزي، تڪبر وارن کان سٺي آهي. گداگر (پنڻ وارو) عاجزي ڪري ته ان جي عادت آهي.

پنهنجي مرشد ڪريم جي بارگاهه ۾:

سلطان الفقر ششم (الادب سندالفقراء) جي عملي تفسير ۽ عاجزي ۽ انڪساريءَ جي عملي تعبير هئا. اوهان سڄي عمر پنهنجي لاءِ (مان) جو لفظ استعمال نه فرمايو، انهيءَ کان سواءِ پنهنجي لاءِ (عاجز) جو لقب پسند فرمايو. هيءَ ڳالهه وڏي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿي ته، اوهان جي صحبت ۾ جنهن کي ويهڻ جو شرف نصيب ٿيو، ان ڪڏهن به اوهان جي زبان مان پنهنجي لاءِ (مان) جو لفظ نه ٻڌو هوندو. اوهان پنهنجي پنجابي ڪلام ۾ پنهنجي مرشد ڪريم (شهباز عارفان سلطان الاولياء حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ) جي بارگاهه ۾ نذرانه عقيدت هن طرح پيش فرمائين ٿا:

دل لا کے توڑ نبھاون ایہہ سخیاں دی چالِ،
ہو اسم اعظم دے جسے معظم تیرا رتبہ بہت کمالِ،
خاص منزل عطاؤ توں رحمت ذوالجلالِ،
اس عاجز دیاں لجاں تینوں توں آپ ای لجپالِ۔

اوهان پنهنجي مرشد پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا هئا ته، اوهان جي ادب ۽ احترام، عاجزي ۽ انڪساريءَ جي انتها نه رهندي هئي. اوهان ان وقت تائين بيٺا رهندا هئا، جيستائين ڪوئي حڪم نه ملندو هو. سلطان الفقر ششم پنهنجي پوري حياتِ طيبه پنهنجي مرشد ڪريم جي فرمانبرداريءَ ۾ گذاري ۽ اوهان لاڳيتو ٻارهن سال لڳاتار صبح جو تهجد جي وقت هڪ خاص وقت ۾ (يعني ان وقت کان نه هڪ لمحو پهريان ۽ نه هڪ لمحو پوءِ) مخصوص انداز ۾ چانهه تيار فرمائي پيش ڪندا رهيا ۽ اڪثر اوهان جا مرشد ڪريم جڏهن آرام فرمائيندا هئا ته، اوهان انهن جي قدمن جي طرف بيهي ڪري انهن جي صورت انور جي زيارت ڪندا رهندا هئا. جڏهن به اوهان سان گڏ هلڻ نصيب ٿيو، ته اوهان جي کاٻي پاسي کان اوهان جي پويان هلندا ۽ هلڻ جو انداز هي هوندو هو ته، بلڪل آهستي آهستي قدم مبارڪ رکندا هئا ۽ ڏسڻ وارن کي ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ اوهان اونچائيءَ کان لهي رهيا آهيو.

حديث پاڪ ۾ اچي ٿو ته حضرت ابو هريره(رضی اللہ عنہ) کي مروي آهي:

ومن يطع الامير فقد اطاعني و من يعص الامير فقد عصاني (13)۔

ترجمو: جنهن امير جي اطاعت ڪئي، اُن منهنجي اطاعت ڪئي ۽ جنهن امير جي نافرماني ڪئي، ان منهنجي نافرماني ڪئي.

ان حديث پاڪ جي شرح امام ابي جعفر احمد بن محمد بن سلامة الطحاوي فرمائين ٿا:

يعني طاعة ولي الامر في المعروف (14)۔

ترجمو: ولي الامر جي فرمانبرداري ڪرڻ ڀلائي جي ڪمن ۾.

ولي ڪامل مڪمل اڪمل نائبِ رسولﷺ ۽ خلافت الاهيه جو حامل هوندو آهي، ان جو ادب ۽ احترام هر هڪ تي لازم آهي ۽ خاص ڪري طالب تي ان فريضي جي ادائيگي پهريون شرط آهي.

بقول شاعر:

ادب پہلا قرینہ ہے محبت کے قرینوں میں

اُهائي وجه هئي ته شهباز عارفان سلطان الاولياء حضرت سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ جي وصال مبارڪ کان پوءِ سلطان الفقر ششم ڪڏهن به اوهان جي محل مبارڪ جي طرف پٺي مبارڪ نه فرمائي. محل مبارڪ جي آس پاس هلندي به، ايتري قدر جو گهر ويندي به دروازي ۾ داخل ٿيڻ وقت به پٺي مبارڪ ٻئي طرف گهمائيندا هئا. سلطان الفقر ششم هڪ ئي وقت طالب ۽ مرشد جو ڪردار ادا فرمائي رهيا هئا. پنهنجي مرشد ڪريم جي بارگاهه ۾ بطور طالب ۽ پنهنجي غلامن جي تربيت جي لاءِ مرشدي جو عملي ڪردار به ادا فرمائيندا رهيا.

هتي هڪ واقعو عرض ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو بظاهر ته هڪ واقعو نظر اچي ٿو، پر پنهنجي اندر عاجزي ۽ انڪساريءَ جي تاريخ رقم ڪئي آهي، جنهن جو ڪو مثال ڪونه ٿو ملي.

اوهان هڪ ڀيري عمرو ادا ڪرڻ کان پوءِ واپس آيا ته اوهان ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا زيب تن فرمايا هئا ۽ اوهان پنهنجي مرشد ڪريم جي مزار مبارڪ تي اُهي ڪپڙا زيب تن فرمائي، حاضريءَ جي لاءِ حاضر ٿيا. اندر داخل ٿيندي ئي جلدي واپس آيا، لباس تبديل فرمايائون ۽ فرمايو ته:

“اسان محل پاک وچ حاضری دتی ہے تاں کپڑے بڑے شور کر رہے ہن” (جي اسان محل پاڪ ۾ حاضري ڏني ته ڪپڙن جو شور هيو، يعني هي حاضريءَ ۾ خلل وجهي رهيا هئا.)

قارئين ڪرام، اوهان غور فرمايو ته هڪ طرف فقر جا سلطان ۽ ٻئي طرف مرشد پاڪ جو ادب ۽ احترام، ته محل پاڪ ۾ حاضري ڏيندي ڪپڙن کان نڪرڻ واري آهستي آواز کي ادب جي خلاف بيهاريو پيو وڃي ۽ لباس کي جلد ئي تبديل فرمائي ڪري پوءِ حاضري ڏني. هن ۾ موجوده ۽ تاقيامت اچڻ وارن نسلن کي مرشد جي بارگاهه ۾ ادب جو درس ٿو ڏنو وڃي ۽ ادب کي آداب جي باب ۾ اڄ اهڙي مثال ڳولهيندي به نه ملندي. ايستائين جو سفر تي روانا ٿيندا هئا ته ان ڳالهه جو خاص ڌيان رکندا هئا ته کٽ جي پيراندي پنهنجي مرشد خاني يعني محل شريف جي طرف نه هجي. اوهان جڏهن سلطان العارفين حضرت سلطان باهُو قدس الله سره جي مزار مبارڪ جي حاضري ڏئي ڪري ٻاهر ايندا هئا ته تاحد نظر پوين پيرن تي واپس ايندا هئا ۽ اوهان جو چهرو مبارڪ حضور سلطان العارفين جي روضي جي طرف ئي رهندو هو. اوهان ڪيئي ڀيرا حضور پير سيد سلطان بهادر علي شاهه المشهديؒ جي ڪلام جو هڪ بند ارشاد فرمائيندا هئا:

فرمایوس رک نگاہ ادب نوں،
میرے پایاں لبھیس رب نوں،
مد نظر رکھ حلم غضب نوں،
میں موصوف صفات خدائی،
واہ پیر محمد رمز بتائی، میں وچ میں نہ رہ گئی کائی۔

حضرت عبدالله بن مبارڪؒ جن فرمائين ٿا:

”عارف باالله جي لاءِ ادب انهيءَ طرح ضروري آهي، جنهن طرح مبتدي (ابتدائي طالب) جي لاءِ توبه ضروري آهي. (15)۔

:احترام سادات

سادات ڪرام جو اوهان گهڻو احترام فرمائيندا هئا. جڏهن به جتي به سيد جو نالو ايندو هو، اوهان ان نالي جو احترام فرمائيندا هئا. اوهان جي عقيدت مندن ۾ سادات ڪرام جو تمام گهڻو انگ هو، اوهان انهن جو به خاص احترام ڪندا هئا. هڪ ڀيري بکر کان تعلق رکڻ وارو شاهه صاحب، جيڪو انار شاهه جي نالي سان معروف هو ۽ گهڻو اوهان وٽ حاضر ٿيندو هو، اُهو حاضر ٿيو ۽ عرس مبارڪ جو به موقعو هو ته اوهان ٻين سمورين مصروفيات جي هوندي به پنهنجي شهزادگان کي گهرائي حڪم ڏنو ته شاهه صاحب جي آرام ۽ طعام جو خيال اوهان کي پاڻ رکڻو آهي ۽ اِها ئي اوهان جي ڊيوٽي آهي ۽ کاڌو به اوهان کي پنهنجي هٿن سان پيش ڪرڻو آهي. بارگاهه عاليه ۾ خدام (خادمن) جي هڪ وڏي انگ هوندي به پنهنجي فرزندان کي ان ڊيوٽي تي مقرر ڪرڻ اوهان جي سادات ڪرام سان محبت ۽ انڪساريءَ جو چٽو ثبوت آهي، جيڪو اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي.

حضور غوث پاڪ(رضی اللہ عنہ) جي اولاد پاڪ منجهان صاحبزادگان تشريف فرما ٿيندا هئا ته اوهان پنهنجي سڀني معمولات کي ترڪ فرمائي ڪري انهن جي خدمت کي ترجيح ڏيندا هئا ۽ انهن جو ايتري قدر احترام فرمائيندا هئا ته حضرت سيد فيض الله شجاع الگيلاني مدظلہ الاقدس البغدادي صاحب هڪ دفعي فرمايو: “حضرت صاحب نوں ادب کرنا وی آندا اے تےا دب کراونڑاں وی آندا اے” يعني (حضرت صاحب کي ادب ڪرڻ به ايندو آهي ۽ ادب ڪرائڻ به ايندو آهي.) (16)۔

۽ هڪ خاص وجهه هي به آهي، جيئن ته حضرت سلطان باهُوؒ سادات ڪرام جي ادب جي اهميت فرمائين ٿا:

خاک پایم از حسین وز حسن،
معرفت گشتہ است برمن انجمن۔

ترجمو: مون حضرات حسنين ڪريمين(رضی اللہ عنہ) جي خاڪِ پا ٿيس ته معرفت منهنجي انجمن بڻي.

اوهان وڌيڪ فرمايو ته، جيڪو شخص سادات کي رضامند نه ٿو ڪري، ان جو باطن ڪڏهن به صاف نه ٿيندو ۽ اُهو معرفت الاهي حاصل نٿو ڪري سگهي، ڇا لاءِ ته سادات جو جيڪو خادم آهي، اُهو مخدوم بڻجندو آهي ۽ جيڪو آلِ نبيﷺ، اولاد علي (رضی اللہ عنہ) ۽ اولاد فاطمة الزهرهؓ  جو منڪر آهي، اُهو معرفت الاهي کان محروم آهي. (17)۔

:مولانا رومؒ فرمائين ٿا

بے ادب تنہا نہ خودرا داشت بد،
بلکہ آتش درہمہ آفاق زد۔
ترجمو: بي ادب، اڪيلو هي بي ادب ناهي ٿيندو، انهيءَ کان سواءِ ان جي بي ادبي سڄي جهان کي ساڙي سياهه خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي.

I am text block. Click edit button to change this text. Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Ut elit tellus, luctus nec ullamcorper mattis, pulvinar dapibus leo.

:سلطان الفقر ششم جي درٻار حضرت سلطان سيد محمد بهادر علي شاهه صاحب المشهديؒ تي حاضري

سلطان سيد محمد بهادر علي شاهه صاحب المشهديؒ اوهان جي (والد ۽ مرشد) شهباز عارفان سلطان الاولياء حضرت سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ جا مرشد اڪمل آهن. اوهان خزانه فقر جي امانت هتان کان وصول فرمائي ۽ اوهان جي ئي خدمت ۾ رهي ڪري شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت ۽ فقر جون منزلون طئي ڪيون ۽ هتان کان ئي آداب جي تعليم حاصل ڪيائون ۽ پوءِ اوهان سلطان الفقر ششم کي ان سڀني خزانن سان نوازيو. انهيءَ ڪري سلطان سيد محمد بهادر علي شاهه صاحب المشهديؒ اوهان جا ڏاڏا مرشد آهن ۽ اوهان جڏهن حضور پير صاحب جي مزار مبارڪ تي حاضريءَ جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا ته اُتي عاجزي ۽ انڪساريءَ جو هڪ عجيب منظر ٻڌجي ويندو هو ۽ ايئن محسوس ٿيندو هو ته اوهان هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيو، جيئن هر شئي کان ڪٽجي ڪري بس انهن جا ئي ٿي چڪا آهيو. شايد هي انهيءَ مقام جي منظرڪشي ڪئي وئي آهي:

ب بس بھائی ب دس ناہیں مینوں پیر دی تس بے وس کیتا،
اللہ بس سکھایا جناب مینوں باقی غیر معلوم ہوس کیتا،
سرمہ پیر دے پیراں دی خاک پائی مصحف خاص مزار دا مس کیتا،
سلطان سید محمد بہادر علی شاہ جداں اکھ تیز ہوئی دیدار خدا دا بس کیتا۔

سلطان الفقر ششم، سلطان سيد محمد بهادر علي شاهه صاحب المشهديؒ جي مزار مبارڪ تي ايڪيهه (21) رات، نَو (9) رات ۽ آخري ڏينهن ۾ ٽي (3) رات جو به قيام فرمائيندا رهيا ۽ اُتي کٽ ۽ بيڊ جي بدلي هيٺ قيام فرمائيندا هئا. سُمهندي به محل شريف جي طرف پنهنجي پُٺي نه ٿيڻ ڏيندا هئا. شروعات ۾ اُن علائقي جي آس پاس ۾ اوهان سيهڙ جي شڪار تي ويندا هئا ته، هي سوچي عقل دنگ رهجي ٿي وڃي ته، اوهان اُن اهتمام سان شڪار ۾ هلندا هئا ته، حضور پير صاحبؒ جي محل مبارڪ واري طرف ۾ پٺي نه ٿئي. جيڪڏهن اهڙو مقام ايندو به هو ته، اوهان از راهه احترام پهريان اُن طرف منهن ڪري عاجزي ڪندي، سيني مبارڪ ۽ پيشاني مبارڪ تي هٿُ رکي ڪري، سلام پيش ڪندا ۽ پوءِ هلندا هئا.

سلطان الفقر ششم جي ادب ۽ عاجزيءَ جو ڪمال ڏسو، ته اوهان سلطان سيد محمد بهادر علي شاهه صاحب المشهديؒ جي وصال مبارڪ کان پوءِ به اُن علائقي جي ماڻهن کي بيعت نه فرمائيندا هئا ۽ هي صرف ۽ صرف اوهان جي ادب جو دل سان خيال رکندي آخرڪار حضور پير صاحبؒ حڪم فرمايو ته اوهان آخري ڪجهه سالن ۾ حڪم جي تعميل ڪندي بيعت فرمايو.

با ادب باش دریں باغ کہ ہر کس اینجا،
مے نہد برسر ہم دست ثمر مے چنید۔

امام ابو دائود ۽ امام بيهقيؒ، حضرت عامر شعبيؒ کان روايت ڪئي:

”نبي ڪريمﷺ، حضرت جعفر بن ابي طالب جو (ازروئ (ڪنهن شيءَ جي بنياد تي) محبت ۽ شفقت) استقبال فرمايو ۽ انهن سان معانقه (ڳلي ملڻ واري حالت) فرمايو ۽ انهن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ بوسو ڏنو. (19)۔

سلطان الفقر ششم خانواده (خاندان) حضرت سلطان باهُوؒ جو تمام گهڻو احترام فرمائيندا هئا، ايستائين جو حضرت سلطان باهُوؒ جي اولاد پاڪ کان جيڪڏهن ننڍي کان ننڍو صاحبزادو به اوهان سان ملڻ لاءِ حاضر ٿيندو هو ته، اوهان اُن سان اُٿي ڪري ملاقات فرمائيندا هئا ۽ جڏهن انهن جي واپسيءَ جو ارادو هوندو هو ته اوهان انهن کي الوداع ڪرڻ جي لاءِ ڪمري مبارڪ کان ٻاهر سواريءَ جي رواني ٿيڻ تائين انتظار ڪندا هئا. (آخري سالن ۾ هٿن ۽ پيرن جي تِرين ۾ تڪليف وڌي وئي هئي، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن هي معمول منقطع (ڪٽجي) ٿي ويندو هو.) خاص ڪري عيدن جي موقعي تي صاحبزادگان جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو هوندو هو ته ان موقعي تي به ادب ۽ احترام جو هڪ خاص منظر ڏسڻ جي لاءِ ملندو هو، ڇو جو خانواده (خاندان) عاليه جا سڀ صاحبزادگان گهڻا متاثر هئا ۽ ان لاءِ اوهان کي خانواده (خاندان) حضرت سلطان باهُوؒ پنهنجو متفقه (گڏيل) سربراهه چونڊيو هو.

:علماءِ ڪرام جو احترام

علماءِ ڪرام جو احترام ڪرڻ ضروري آهي، ڇالاءِ ته انبياء اڪرام عليہ السلام جي علوم جا وارث آهن ۽ شريعت محمديﷺ جا امين آهن ۽ شريعت معراج انساني جي بنياد آهي، جنهن تي طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي عمارت تعمير ڪئي ويندي آهي. جيئن حضرت موسيٰ اشعريؒ کان روايت آهي:

قال رسول اللهﷺ ان من اجلال الله اڪرام ذي الشيبة و حامل القرآن غيرالغالي والجافي عنہ

ترجمو: حضور رسالت مآبﷺ فرمايو، پوڙهي مسلمان جي تعظيم ڪرڻ ۽ قرآن مجيد جي عالم جي تعظيم ڪرڻ، جيڪو قرآن مجيد ۾ گهٽتائي ۽ گهڻائي نه ڪندو هجي، ته هي الله تعاليٰ جي تعظيم جو حصو آهي.

سلطان الفقر ششم پنهنجي حيات مبارڪه جو هر لمحو شريعت محمديﷺ جي عين مطابق بسر ڪيو ۽ شريعت مطهره جي پابندي ڪندا هئا، احڪام الاهي جي تعليم ۽ تلقين ۽ اشاعت ۽ تبليغ جي لاءِ سڄو سال سفر فرمائيندا رهيا ۽ هر ضلعي ۾ ميلاد مصطفيٰﷺ جي محفلن جو اهتمام ڪندا رهيا، جنهن ۾ جيد علماءَ ڪرام کي وڏي احترام سان گڏ دعوت ڏني ويندي هئي ۽ اُهي تشريف فرما ٿي ڪري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ وارن احبابن سان قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ اولياء ڪاملين ۽ خاص ڪري حضرت سلطان باهُوؒ جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ خطاب ڪندا هئا ۽ پوءِ مرڪزي ميلاد مصطفيٰﷺ جي سالانه پروگرام 12 ۽ 13 اپريل (جيڪو هر سال 12 ۽ 13 اپريل تي منعقد ڪيو ويندو آهي) ۾ علماءِ ڪرام کي انهن جي شايانِ شان اڪرام ۽ تڪريم سان نوازيو ويندو هيو، جنهن ۾ بطور خاص محقق العصر مولانا عطا محمد بنديالوي صاحب، شيخ القرآن مولانا منظور احمد صاحب آف نوان جنڊانواله، شيخ الحديث مولانا اشرف سيالوي صاحب، مفتي اشفاق احمد صاحب، مفتي صالح محمد صاحب، مفتي غلام سرور صاحب، مولانا فيض احمد اويسي صاحب، مولانا منظور احمد فيضي صاحب، علامه صاحبزاده افتخارالحسن صاحب، علامه مولانا عبدالتواب صديقي صاحب، مولانا ضياءُالله قادري صاحب، شيخ التفسير مولانا محمد نصرالله نصر صاحب، مفتي الاهي بخش ساجد الباروي صاحب، انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي علماءِ ڪرام تشريف فرما ٿيندا رهيا ۽ جڏهن به علماءِ ڪرام تشريف فرمائيندا هئا ته اوهان اُٿي ڪري انهن جو خيرمقدم ڪندا هئا. سلطان الفقر ششم انهيءَ پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ اصلاحي جماعت جي بنياد رکي ته شريعت جي ذريعي شريعت جي اصل مقصد کي به حاصل ڪيو وڃي، جنهن جو نالو طريقت، حقيقت ۽ معرفت آهي، ڇو ته تقويٰ ۽ خشيت الاهي نصيب ٿئي، جيڪو علم ۽ علماءَ جو سرمايو آهي.

 عامة الناس (عوام) سان مصافحہ (ملاقات وقت هٿ ملائڻ) ۽ معانقه (بغل گيري)۔

فرمان باري تعاليٰ آهي:

و اذا حييتم بتحية فحيوا با حسن منها او رود هاط (20)۔

ترجمو: جڏهن توهان کي ڪوئي ڪنهن لفظ سان سلام ڪري ته توهان ان کان بهتر لفظ جواب ۾ چئو يا اُهو ئي چئو.

حضرت عبدالله بن عمرو(رضی اللہ عنہ) کان روايت آهي ته:

هڪ شخص رسول اللهﷺ کان دريافت ڪيو ته، اسلام ۾ ڪهڙي شئي سڀ کان سٺي آهي. حضورﷺ جن فرمايو ته، کاڌو کارايو ۽ جنهن کي سڃاڻو ٿا يا نٿا سڃاڻو، سڀ کي سلام چئو. (21)۔

سلطان الفقر ششم خُلق محمديﷺ جي عملي تفسير هئا. اوهان جي بارگاهه ۾ جيڪو به ايندو هو، اوهان اُن سان خنده پيشاني (خوش مزاجي) سان پيش ايندا هئا ۽ بغير ڪنهن امتياز جي اُن سان مصافہ ۽ معانقہ فرمائيندا هئا. اوهان جي بارگاهه ۾ اعليٰ ۽ ادنيٰ جو ڪوبه تصور نه هو، پوءِ به جيڪو به ايندو هو، جڏهن به ايندو هو، جنهن هنڌ کان به ايندو هو، اوهان ان سان پنهنجي مخصوص انداز ۾ حال احوال پڇندا هئا، ايتري تائين جو ملڻ وارو اوهان جي ڪريماڻي اخلاق کي ڏسي ڪري اوهان جو ئي ٿي ڪري رهندو هو.

:پيغام

سلطان الفقر ششم حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب سڄي عمر احياءِ دين ۽ اعلاءِ ڪلمة الله ۽ دين حق جي سربلندي ۽ سرفرازي ۾ گذاري ۽ اوهان پنهنجي بارگاهه اقدس ۾ اچڻ وارن کي احڪام شريعت ۽ اسم الله ذات جي تلقين فرمائيندا هئا ۽ اسم الله ذات جي ذريعي ماڻهن کي قرب الاهي ۽ حضور رسالت مآبﷺ جي حضوري واري رستي تي گامزن فرمائي ڪري منزل مقصود تي پهچائيندا هئا. اوهان جي پوري حيات طيبہ هن آيت مبارڪ جي عملي تفسير آهي.

هذہ سبيلي ادعوا الي الله علي بصيرة انا و من اتبعني (22)۔

ترجمو: هي منهنجو رستو آهي، آئون ته سڏيان ٿوا لله جي طرف چٽي دليل تي آهيان. آئون ۽ (اُهي به) جيڪي منهنجي پيروي ڪندا آهن.

اوهان جي بارگاهه اقدس ۾ جيڪو به ايندو هو، چاهي دنيادار ئي ڇو نه هجي ۽ جيڪو به سوال کڻي ايندو هو، اوهان فرمائيندا هئا ته اِهو به ٿي ويندو. توهان حضرت سلطان صاحب جو خزانهء فقر ”اسم الله ذات“ وٺي وڃو ۽ ان جو وظيفو ڪري پنهنجي ظاهر باطن کي روشن ڪريو.

اِن مشن کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جو پليٽ فارم عطا فرمايو، ڇو ته هر هڪ فيضياب ٿي سگهي. اوهان جي تربيت جون زندهه مثالون اڄ به موجود آهن ۽ انشاءَالله تاقيامت اُن جا اثر موجود رهندا ۽ خاص ڪري فقر جي جهولي، فقر جي گُهٽي، فقر جي لوري ۽ فقر جي تربيت حاصل فرمائڻ وارا اوهان جا شهزادگان جانشين سلطان الفقر حضرت سلطان محمد علي صاحب مدظلہ الاقدس، شهزاده سلطان الفقر حضرت سلطان احمد علي دامت برڪاتڪم العاليه عڪس سلطان الفقر حضرت سلطان محمد بهادر عزيز صاحب دامت برڪاتڪم الاقدس پنهنجي مثال پاڻ آهن. اوهان ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ هن مشن جي تڪميل لاءِ انهيءَ دعوت کي عام فرمائي رهيا آهن.

منهنجي سڄي عالم انسانيت کي بالعموم ۽ عالم اسلام کي خاص ڪري هي دعوت آهي ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته پنهنجي وڃايل ميراث، گم ٿيل دولت ايماني ۽ معراج انساني کي ٻيهر حاصل ڪريون، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته پنهنجي اندر کان حرص، حسد، بغض، ڪينو ۽ دشمني کي ختم ڪريون، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته زبان کي ڪوڙ، غيبت، بهتان ۽ تهمت کان پاڪ ڪريون، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته معاشري کي فساد، قتل و غارت، ظلم ۽ وحشي پڻي، بدڪرداري ۽ بدگمانيءَ کان پاڪ ڪريون، جيڪڏهن اوهان شريعت مطهره جي پابندي ڪندي، تزڪيه نفس، تصفيه قلب ۽ روح جي بيداري چاهيو ٿا ۽ سڀني اعمال صالحه جي روح (يعني ادب، احترام، عاجزي ۽ انڪساري) کي حاصل ڪريون ته حجة الاسلام جي نقل ڪيل هن فرمان تي عمل ڪريو.

من احب ان يتواضع قلبہ فليصحب الصالحين وليلتزم بحر متهم (23)۔

ترجمو: جيڪو هن ڳالهه کي پسند ڪري ٿو ته هُو دل سان عاجزي اختيار ڪري ته اُن کي گهرجي ته هُو صالحين جي صحبت اختيار ڪري ۽ انهن جي ادب ۽ احترام کي لازم ڄاڻي.

صالحين ڪرام جي صحبت اختيار ڪرڻ سان دل جي دنيا آباد ٿي ويندي ۽ انسان پنهنجي معراج انساني کي ٻيهر حاصل ڪري وٺندو جانشين سلطان الفقر حضرت سلطان محمد علي صاحب مدظلہ الاقدس جي زيرسرپرستي اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين جي هي دعوت آهي ته اوهان اچو ۽ جمله اولياءَ ڪاملين ۽ خاص ڪري سلطان الفقر ششم حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحبؒ جي حيات مبارڪ ۽ تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ جو زيور بڻايو ۽ اوهان جي فرمانن کي عملي جامو پهرايو، ڇو ته انهيءَ جي اندر الله رب العزت جو قرب ۽ وصال حاصل ڪري، باادب، بانصيب جي گروهه ۾ داخل ٿي وڃون.

:ڪتاب

  1. ال عمران: 19
  2. ڪتاب التعريفات، ص: 21
  3. مصباح اللغات، ص: 392 ۽ 393
  4. الفرقان: 43
  5. (صحيح ملسم، ڪتاب الجنة و صفة نعيمها، باب الصفاة التي يعرف بها في اهل الجنة و اهل النار) (سنن ابي داؤد، ڪتاب الادب، باب في التواضع)
  6. تفسيرالبحر المديد، جلد – 1، ص: 85
  7. تفسيرالبحر المديد، جلد – 1، ص: 85
  8. رموز بيخودي، ص: 150
  9. بال جبريل، ص: 28
  10. عين الفقر از حضرت سلطان باهو، ص: 78
  • المقاصد الحسنہ از امام سخاوي، ص: 100
  • تفسير روح البيان از علامه اسماعيل حقي، جلد 7، ص: 393
  • تفسير البحر المديد از علامه ابن عجيبہ، جلد 4، ص: 270
  1. احياء علوم الدين، جلد – 5، ص: 95
  2. ڪريما سعدي، ص: 4 ۽ 5
  3. صحيح مسلم، ڪتاب الامارة، جلد – 2، حديث نمبر 4631
  4. شرح العقيدہ الطحاوي، جلد – 1، ص: 478
  5. اسلام ۽ روحانيت ۽ فڪرِ اقبال، ص: 812
  6. حضور سلطان الفقر جي ذاتي خدمتگار خليفي مهر خالد حسين هي واقعو بيان ڪيو.
  7. نورالهديٰ
  8. سنن ابي داؤد، جلد – 2، ڪتاب الادب، باب في تنزيل الناس منازلهم
  9. سنن ابي داؤد، ڪتاب الادب في قلبة الجسد
  10. النساء: 86
  11. صحيح بخاري، ڪتاب الاستنذان، باب: بد ۽ اسلام، حديث نمبر 2862
  12. يوسف: 108
  13. احياء علوم الدين، جلد – 5، ص: 200

ايس. ايڇ. قادري

حياتِ سلطان الفقر ششم جو مختصر مطالعو

(مهينن ۽ سالن جي ترتيب سان)

:اسم مبارڪ ۽ شجره نسب

سلطان محمد اصغر علي (سلطان الفقر ششم) ولد سلطان محمد عبدالعزيز بن سلطان فتح محمد بن سلطان غلام رسول بن سلطان غلام ميران بن سلطان ولي محمد بن سلطان نور محمد بن شيخ محمد حسين بن شيخ ولي محمد بن سلطان محمد باهُوؒ. (اوهان سلطان العارفين حضرت سلطان باهُوؒ جي نوين پيڙهيءَ منجهان آهيو.)۔

:ولادت

اوهان جي ولادت مبارڪ 27 رمضان المبارڪ 1366 هه جمعي جي ڏينهن بمطابق 14 آگسٽ 1947ع ڌاري پرهه ڦٽيءَ جي وقت (ان ڏينهن سحريءَ جو وقت 4 وڄي 40 منٽن تي ختم ٿيو هو) ”چاهه سمندري“ ويجهو درٻار حضرت سلطان باهُو، تعلقي شورڪوٽ، ضلعي جهنگ، پنجاب ۾ ٿي.۔

:تعليم 1951ع کان 1981ع تائين

اوهان ننڍپڻ ۾ ئي قرآن پاڪ جي تعليم، هڪ ٻن سالن ۾ مڪمل فرمائي هئي. 53-1952ع ۾ پنجن يا ڇهن سالن جي عمر مبارڪ ۾ ابتدائي تعليم جي شروعات، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ”رڙي والا“ درٻار حضرت سلطان باهُو کان ڪئي. پرائمري تائين هتي ئي تعليم حاصل ڪئي. هڪ سال گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول، صدر چوڪ، جهنگ شهر ۾ به اوهان تعليم حاصل ڪندا رهيا. ڇهه ڪلاس هتي ئي پڙهي، 9 مئي 1960ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوشهره، ضلع خوشاب ۾ ستين ڪلاس ۾ داخلا ورتي، 1964ع تائين اوهان انهيءَ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندا رهيا.

ننڍپڻ ۾ هي گهوڙن جي هڪ فقير بابا احمد اوهان کي پنهنجي والد سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ کان ”ڪجهه کٽڻ“ يعني روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪئي. ديني ۽ روحاني تعليم ۽ تربيت اوهان پنهنجي والد ۽ مرشد حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ کان 1951ع کان انهن جي وصال مبارڪ 1981ع تائين لڳاتار 30 ورهيه حاصل ڪئي. اوهان اُنهن کان علم القرآن ۽ حديث کان علاوه سلطان العارفين حضرت سلطان محمد باهُوؒ جي فارسي ڪتب جا اسرار و رموز به سکيا ۽ مثنوي مولانا رومؒ به اوهان کان ئي پڙهيا. اوهان کي حضرت سلطان سيد محمد بهادر علي شاهه صاحبؒ (اوهان جي والد جي مرشد ۽ حضرت سلطان محمد باهُوؒ جا باطني خليفئه خاص جي مزار پُرانوار (پير جي بهيني) اڏا قاسم آباد، جهنگ روڊ، ۔شورڪوٽ کان براه راست تلقين به ٿيندي رهي.۔

مشغله، (1965ع کان 1985ع) تائين

1973ع جي جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ ڪجهه ڏينهن اوهان پنهنجي والد ۽ مرشد جي حڪم سان ٺيڪيداريءَ جو ڪم به ڪرڻ فرمايو. ٺيڪيداريءَ جو مقصد، دنياداري نه هو، شايد هي سيد امير خان نيازي صاحبؒ (جنهن بعد ۾ بطور محقق متون ۽ مترجم ڪتب سلطان العارفين حضرت سلطان باهُوؒ جون خدمتون سرانجام ڏنيون) سان ملاقات جو وسيلو معلوم ٿئي ٿو، ڇا لاءِ ته نيازي صاحب سان ملاقات کان پوءِ ٺيڪو ڇڏي ڪري واپسيءَ جو حڪم مليو هو. هي واقعو نيازي صاحب مرحوم پاڻ به بيان فرمائيندو هو ته مون اوهان کي جڏهن خيمي ۾ ڏٺو ته آئون ته حيران ٿي ويس ته ايترو صاحبِ جمال شخص ۽ ٺيڪيداري؟ آئون سمجهي ويس ته هي ڪو ٻيو معاملو هوندو. بهرحال آئون وڃي ڪري مليس ۽ مون چيو ته ادا سائين اوهان پنهنجي نفاست ۽ شرافت جي وجهه کان ڪٿان کان به ٺيڪيدار نه ٿا لڳو، اوهان ڪير آهيو ۽ هتي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ته حضرت صاحب جواب ڏنو ته ٺيڪيداري منهنجو پيشو ناهي، مون کي ته منهنجي مرشد پاڪ حڪم ڏنو آهي ته آئون هليو آيس، باقي اُهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم. نيازي صاحب فرمايو ته مون چيو ته الله تعاليٰ اوهان کي امتحان ۾ ڪامياب ڪري، هي بس نيازي صاحب جي ۽ حضور سلطان الفقر جي پهرئين ملاقات هئي، جنهن کان پوءِ اوهان کي پنهنجي مرشد پاڪ جي خدمت کان فوراً ٺيڪيداري ڇڏي ڪري واپسيءَ جو حڪم مليو. هي بظاهر ته اسڪول جو ٺيڪو هو، پر درحقيقت ڪنهن جي ”ڳولها“ ۾ اوهان کي موڪليو ويو هو، جنهن حضور سلطان العارفين جي ڪتابن کان اهليان عالم کي روشناس ڪرائڻو هو. اوهان جو خانداني پيشو زمينداري هو. آغاز جوانيءَ کان وصال تائين لڳاتار زمينداري جي نگراني فرمائيندا رهيا ۽ وراثتي مشغلو تازي داري (گهوڙن پالڻ جو فن) هو، جيڪو خاندان حضرت سلطان باهُو ۾ صدين کان رائج هو. اوهان جي والد گرامي جي ٿانَ (اصطبل) تي ڏهه کان پنجٽيهه گهوڙا موجود رهيا آهن.

65-1964ع ۾ اوهان باقاعده فنِ شهسواري ۽ نيزي بازي جي تربيت ورتي. شهسواري، نيزي بازي، تازي داري ۾ اوهان جي اساتذه ۾ اوهان جي والد حضرت سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ، اوهان جا چاچا سلطان محمد شريفؒ، ميان زمان شاهه قريشي، ميان نواز شاهه قريشي ۽ مهر بهادر مگهياڻو سيال شامل آهن. مهر بهادر مگهياڻو مرحوم، اُن خوش نصيب ماڻهن ۾ آهي، جنهن کي حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ پنهنجي نگرانيءَ ۾ شهسواري سيکاري.

80ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ اوهان ”محمديه حيدريه سلطانيه اعواڻ ڪلب“ جي بنياد رکي. ان ڪلب نيزي بازي جي متعلق ملڪ جي مختلف ثقافتي اجتماعن ۾ حصو ورتو. 1970ع کان 1985ع تائين اوهان پاڻ کي هڪ ماهر شهسوار ۽ منفرد ترين نيزي باز جي طور تي مڃرايو. ”اصلاحي جماعت“ جي قيام کان پوءِ اوهان جي گهڻو ڪري ان کان به وڌيڪ سڄي توجهه جماعت پاڪ جي طرف مبذول (استعمال) ٿي وئي، پر 1998ع تائين اوهان ڪڏهن ڪڏهن نيزي بازي فرمائيندا رهيا ۽ انهيءَ سال آخري دفعو اوهان چشمه بيراج جي ويجهو ”تلو ڪرون وارو ڊيرو“ تي نيزي بازي فرمائي.

:بيعت ۽ خلافت 1979ع

12 سالن تائين اوهان پنهنجي والد گرامي حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ جي ذاتي خدمت تي به مقرر رهيا. مارچ 1979ع ۾ اوهان جي طلب الاهي ۽ صلاحيت طلب کي جانچي ڪري، حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ اوهان کي ايڪٽيهه (31) سالن جي عمر مبارڪ ۾ سلطان سيد محمد بهادر علي شاهؒ جي مزار مبارڪ (شور ڪوٽ) تي بيعت فرمايو. سيد امير خان نيازي لکيو آهي ته، جڏهن حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ پنهنجي ٻنهي وڏن شهزادن کي بيعت فرمائي ورتو ته، مون سوال ڪيو ته، ”يا حضور! اوهان هنن کي ولايت ته عطا فرمائي هوندي.“ ته اوهان جواب ۾ فرمايو، ”ته ڇا هنن کي رستي ۾ هي ڇڏي ڏيان ها“ پوءِ اوهان فرمايو ته هنن کي پاڻ پير سيد سلطان محمد بهادر علي شاههؒ بيعت ڪيو آهي ۽ بقا باالله جي مقام تي بيعت فرمايائون.

:زندگيءَ ۾ پيش اچڻ وارا سانحات

66-1965ع ۾ اوهان ارڙهن اُڻويهن سالن جا هئا ته اوهان جي والده محترمه جو انتقال ٿي ويو، جيڪي انگه شريف وادي سون سڪيسر جي هڪ دين دار گهراڻي سان تعلق رکندي هئي.

13 اپريل 1981ع ۾ چوٽيهن سالن جي عمر ۾ اوهان جي والد ۽ مرشد (1909ع کان 1981ع) ٻاهتر سال جي عمر مبارڪ ۾ وصال فرمايو، جن سان اوهان کي بيپناهه لڳاءُ هو. 1981ع کان 1986ع، اوهان جي وڏي ڀاءُ سلطان محمد صفدر علي صاحبؒ درٻار عاليه سلطان محمد عبدالعزيزؒ جا سجاده نشين رهڻ کان پوءِ ٽيتاليهه سالن جي عمر ۾ 12 نومبر 1986ع، 9 ربيع الاول 1407 هه ۾ انهن جو وصال ٿي ويو، جنهن جو اوهان کي نهايت ئي صدمو رسيو. انهن جي وصال کان پوءِ درٻار عاليه جي سجاده نشيني ۽ سڄي ڊيري پاڪ جون ذميداريون به اوهان تي اچي ويون. ان وقت اوهان جي عمر مبارڪ چاليهي سال ۾ داخل ٿي چڪي هئي. 17 جولاءِ 2000ع ۾ اوهان جي ننڍي ڀاءُ حضرت سلطان محمد فاروق صاحبؒ جو به ٽيتاليهه سالن جي عمر م وصال ٿي ويو.

:ديني ۽ مِلي خدمات 1987ع کان 2003ع

1986ع ۾ ”انجمن غوثيه عزيزيه حضرت حق باهو سلطان پاڪستان و عالمِ اسلام“ جي بنياد رکي وئي هئي. 1987ع ۾ اوهان اسلام جي روح کان آشنائي جي لاءِ جمله اولياء ڪاملين، خاص ڪري سلطان العارفين حضرت سلطان باهوؒ جي تعليمات (پنجابي ۽ فارسي) کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ عوام الناس تائين پهچائڻ جو عزم بالجزم ڪيو ۽ درٻار حضرت سلطان باهو ته انهيءَ انجمن جي تحت

”اصلاحي جماعت“ جي بنياد رکي. ٻه سال جماعت جي متعلق مشاورت، ملاقاتون ۽ قرآن ۽ حديث جي مطابق نصاب جي ترتيب تي صرف ٿي ويا.

27 فيبروري 1989ع ۾ هن جماعت جي شعبي تبليغ جي باقاعده شروعات ٿي. پهريان ٽي جماعتون درٻار حضرت پير سيد محمد بهادر علي شاهه صاحبؒ کان روانون ٿيون. هي ٽي جماعتون نَون فردن تي مشتمل هيون، جن جي تربيت درٻار حضور پير صاحب تي ”نو راته“ (نو رات جو قيام) جي دوران ٿي.

انهن کان هڪ هي عهد (واعدو) به ورتو ويو هو ته، حضرت سلطان باهو قدس الله سره ۽ حضرت سلطان باهو جي جماعت سان سڄي عمر وفاداري ڪندا. 18 جون 1989ع ۾ يارهن جماعتون اوچهالي شريف کان روانون ٿيون. الحمدلله اڄ اسم الله ذات جي برڪت سان هي جماعتون هزارن جي تعداد ۾ ملڪ پاڪستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ هر سال، جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ مرڪز جي طرف کان روانيون ٿينديون آهن ۽ علاقائي سطح تي هي سڄو سال هلنديون رهنديون آهن. شروعات کان وٺي ڪري هاڻي تائين، هر جماعت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي فرد ضرور شامل هوندا آهن. اڄ جماعت ۾ ٽي کان پنجويهه ۽ پنجاهه تائين فرد به شامل هوندا آهن. جماعت جي شروعات تي ئي اوهان درٻار عاليه حضرت سلطان باهو تي ماهوار ايصال ثواب حضرت غوث اعظم(رضی اللہ عنہ) (يارهين شريف) ۽ ميلاد مصطفيٰﷺ جي محفلن جو آغاز فرمايو. ملڪ جي پري پري وارن علائقن ۾ اوهان ”اصلاحي جماعت“ جا دفتر قائم فرمايا ۽ اهڙي طرح آهستي آهستي انهن محفلن جو دائره انعقاد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي ويو. عوام الناس ۾ مطالعي جو ذوق ۽ علم جي شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ اوهان ”اصلاحي جماعت“ جي هر دفتر ۾ لائبريريءَ جو اهتمام لازمي قرار ڏنو. هر دفتر ۾ نماز پنجگانه، قرآن ۽ حديث ۽ ڪتب سلطان العارفين حضرت سلطان باهو جو درس ۽ اسم الله ذات جو تصور روزانه جو معمول آهي.

فيبروري 1989ع ۾ درٻار عاليه حضرت سلطان باهو تي پهريون مرڪزي اجتماع بعنوان ميلاد مصطفيٰﷺ منعقد ٿيو. 1991ع ۾ ان جي تاريخ 12 ۽ 13 اپريل مقرر ڪئي وئي. هاڻي هي اجتماع گذريل ٻاويهه ورهين کان انهن ٻن ڏينهن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي.

ميلاد مصطفيٰﷺ جي حوالي سان ”اصلاحي جماعت“ انفراديت (پاڻ پڻو) هي آهي ته مرڪز ۽ ملڪ ڀر ۾ منعقد ٿيڻ واري محفلن ۾ شريڪ عوام الناس سان مخاطب ٿيڻ جي لاءِ ڪنهن فرقي پسند عوامي خطيب جي بدلي، باني اصلاحي جماعت جي حڪم سان محقق عالم دين جو انتخاب ڪيو ويندو هو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته، ان اجتماعات ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ اتحادپسندي جو رجحان ۽ هڪ علمي تحقيقي شعور پيدا ٿيو. هاڻي هي لهر پوري پاڪستان ۾ اُٿي چڪي آهي، جتي  عوام الناس آهستي آهستي گهڻي عرصي کان رائج مترنم روايتي واعظين کان دل برداشته ٿي ڪري،  محققين علماءِ دين کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. 1992ع ۾ اوهان آستانه عاليه حضرت سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ رائج ديني تعليم جي اشاعت ۽ تبليغ جي لاءِ ”درالعلوم غوثيه عزيزيه انوارِ حق باهو سلطان“ جو افتتاح ڪيو. قرآن پاڪ جي رائج تعليم ته سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ جي دور کان ئي شروع هئي، پر درٻار عاليه تي درس نظاميءَ جي پهرئين ڪلاس 11 مئي بروز سومر 1992ع ۾ شروع ٿي. اڄ هتي حفظ ۽ تدريس جا ڇهه اساتذه خدمات سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن مدرسي کان گهڻي تعداد ۾ حفاظِ ڪرام ۽ علماءِ عظام فارغ التحصيل ٿي ڪري ”اصلاحي جماعت“ جي پليٽ فارم تي اصلاحي ۽ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ رائج ديني ۽ ملي خدمات سرانجام ڏئي رهيا آهن.

1996ع ۾ رمضان شريف جي آخري عشري ۾ اوهان زيارت حرمين شريف جي لاءِ سعودي عرب روانا ٿي ويا. 1997ع ۾ ٻيو عمرو ۽ 1998ع ۾ ٽيون عمرو ادا ڪرڻ فرمايو.

1998ع ۾ آغاز ۾ اوهان صاحبزاده سلطان محمد علي صاحب کي درٻار حضرت سلطان بهادر علي شاههؒ (شور ڪوٽ) تي بيعت فرمائي ڪري دستار فقر منتقل فرمايائون. 2000ع ۾ به ان جي تجديد درٻار حضور پير صاحب تي فرمائي.26 ڊسمبر 1999ع بمطابق 17 رمضان المبارڪ 1420 هه، اوهان ”اصلاحي جماعت“ جي آواز يعني اسلام جي روح کان پوري دنيا کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ”عالمي تنظيم العارفين“ جي بنياد رکي. اوهان جي هن اقدامات کان صدين کان نم خورده (پوسل وارو) نيم مرده (اڌ مُئل) خانقاهي نظام ۾ جدت (نواڻ) جي نئين روح داخل ٿي وئي ۽ گهڻي عرصي کان خوابيده (سُتل) ۽ فرقي واريت تي قربان ٿيڻ وارو خانقاهي نظام هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو اڳوڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اُٿي بيٺو آهي.

اهم ڳالهه هاڻ هن بيداريءَ جو آغاز خانقاهه عاليه سلطان محمد باهو صاحبؒ کان ٿيو آهي. انشاءَالله وقت سان گڏوگڏ هي تحريڪ گهڻي وسعت اختيار ڪندي.

2000ع ۾ اوهان ”العارفين پبليڪيشنز“ جي بنياد رکي، جيڪا دراصل ”انمجن غوثيه عزيزيه حضرت حق باهو سلطان پاڪستان و عالم اسلام“ جي شعبه نشر و اشاعت جي ارتقائي شڪل آهي.انجمن جو شعبي نشر و اشاعت جي جماعت جي ابتدا ۾ هي ”عين الفقر“ جي اشاعت ڪري فعال ٿي چڪو هو، تڏهن ان جي ذميداري راجا جهانگير گل مرحوم ۽ سيد امير خان نيازي صاحب وٽ هئي. 2000ع ۾ ان جو نالو ”مڪتب العارفين“ هو، ڇو جو مڪتبي کي انگريزيءَ ۾ (Publication) چوندا آهن، جڏهن ته هاڻي ان اداري جو نالو ”العارفين پبليڪيشنز“ آهي، جنهن تحت ”العارفين ڊيجيٽل پروڊڪشن“، ”العارفين انٽرنيشنل ريسرچ ڪائونسل“، ”العارفين انٽرنيشنل ريسرچ لائبريري“ جهڙا ماتحت ادارا به قائم ٿي چڪا آهن. هن نشرياتي اداري جي تحت حضرت سلطان باهو ۽ ٻين اولياءِ ڪاملين جي فارسي ۽ عربي ڪتب جا ترجما، اصلاحي نصابي ڪتب، پمفليٽس مختلف مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي ڪري شايع ٿي چڪا آهن. تيرهن (13) سالن ۾ ان ڪتابن جا پنجاسي (85) شمارا اچي چڪا آهن، جن جي مجموعي تعداد لکن ۾ آهي، پمفليٽس جي تعداد انهن کان علاوه آهي. الحمدلله هي سڀ جا سڀ ڪتاب، عوام الناس جي مطالعي هيٺ آهن. ”العارفين ڊجيٽل پروڊڪشن“ جي زيراهتمام هاڻي تائين ”نوائي فقر“ جي عنوان سان ڇٽيهه (36) واليوم رليز ٿي چڪا آهن.2000ع ۾ ئي اوهان ماهوار رسالي ”مراة العارفين انٽرنيشنل“ جو اجراء فرمايو. 5 جنوري 2000ع بمطابق 27 رمضان المبارڪ 1420 هه، ”عالمي تنظيم العارفين“ جي ٻي مرڪزي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هن تنظيم جي ترجمان تي طور تي ماهنامي جي اجراء جو فيصلو ٿيو، جنهن جي پهرئين اشاعت اپريل 2000ع ۾ ٿي هئي، بدقسمتيءَ سان هي رسالو شروعاتي چار هڪ سال خائن، مفاد پرست ۽ نااهل ماڻهن جي هٿ ۾ رهيو، جنهن کي بوجهه نااهلي هٽائي ڪري نئين ٽيم مقرر ڪئي وئي. هاڻي الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ رسول پاڪﷺ جي سايه رحمت جي بدولت اڄ هي رسالو پاڪستان جي سڀني ديني رسالن ۾ سڀ کان گهڻي تعداد جو حامل آهي. هن جي ماهوار اشاعت (الحمدلله) 86000 کان وڌيڪ آهي. اسلام جي نشاة ثانيه جو مؤذن، اتحاد امت مسلمه جي سعي جليله جو ترجمان، پاڪستان جي نظرياتي ۽ روحاني اساس جو محافظ، نفاذِ نظامِ اسلامي جي لاءِ ڪوشان فقر ۽ تصوف ۽ باهو شناسي جي نئي زاويين ۽ جديد تحقيقي معيار جو حامل هئڻ جي باعث هر خاص و عام ۾ هن رسالي کي ساراهيو پيو وڃي. هي ان جي شروعاتي منزل آهي.

2001ع ۾ حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب﷣ جن حج ادا ڪرڻ جي لاءِ روانا ٿي ويا. اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ئي حج ادا ڪرڻ فرمايو. سعودي عرب کان سواءِ اوهان ڪنهن ٻي ملڪ جو سفر نه ڪيو، ٻين ملڪن کان بيشمار دعوتون مليون پر ان وقت پاڪستان ۾ ”اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين“ جي بنيادن کي مضبوطي فراهم ڪرڻ اوهان جي ترجيحات ۾ شامل هو.

:منتقليءِ فقر 2003ع

14 اپريل 2003ع، اوهان پنهنجي وصال کان اَٺ (8) مهينا تيرهن (13) ڏينهن پهريائين پنهنجي ظاهري زندگيءَ جي آخري مرڪزي ميلاد مصطفيٰﷺ جي پروگرام ۾ شرڪت کان پوءِ مزار حضرت سلطان باهوؒ تي سلطان محمد علي صاحب کي ٽيون دفعو بيعت فرمائيڪري پنهنجي جانشيني، سجاده نشيني، سڄي ڊيري پاڪ، سڄي ٿان (اصطبل) جي ذميداري ”اصلاحي جماعت و عالمي تنظيم العارفين“، العارفين پبليڪيشنز، هن جي ماتحت سڀني ادارن جي سرپرستي ۽ ظاهري ۽ باطني خلافت عطا فرمايائون.

ماهوار ”مراة العارفين“ جو شمارو مئي 2003ع کان وٺي ڪري آگسٽ 2004ع تائين سورهن (16) مهينن جو ريڪارڊ سلطان الفقر ششم جي سورهن (16) سالن جي اڻٿڪ محنت جي تاريخي حفاظت جو هڪ اهڙو قلعو آهي، جنهن ۾ دستارِ فقر جي منتقلي، جماعت ۽ تنظيم جي سرپرستي جي متعلق مضمونن، مبارڪ باد جا اشتهارات ۽ نظمون وڏي واضح شهادتون آهن. هي ۽ هن طرح جي بيشمار شهادتن جي موجودگي ۾ ڪوئي بد باطن بالفرض تاريخ کي بگاڙڻ چاهي به، ته نٿو بگاڙي سگهي، پوءِ به مسلمه ڪذاب جي طرح طريقت ۽ فقر سلطاني جي تاريخ هميشه ان کي ”ڪذاب“ جي نالي سان پڪاريندي. جانشين سلطان الفقر جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي دين جي سربلنديءَ جي لاءِ ڪوشان هن جماعت ۽ تنظيم کي جنهن قدر عروج عطا ڪيو آهي، اهو سموري دنيا تي واضح آهي.

:وصال 2003ع

اوهان جو وصال 26 ڊسمبر 2003ع بمطابق 2 ذوالقعد 1424هه، بروز جمع، بوقت سحر (05 وڳي 17 منٽن تي) ڊي. آئي. خان جي سول ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ ٿيو. انهيءَ ڏينهن اوهان جي تدفين سلطان محمد عبدالعزيز صاحبؒ جي محل مبارڪ ۾ (وصال کان پهريان اوهان جي منتخب ڪيل جڳهه تي)ٿي.

وصالن کان ٻه مهينا پهريان يعن  آڪٽوبر جي آخري ڏينهن شعبان يا رمضان ۾ اوهان خاندان حضرت سلطان باهو جي اتحاد تي مبني ”دستگير ڪائونسل“ جو قيام فرمايو. موجوده ”حضرت سلطان باهو ڪائونسل“ انهيءَ دستگير ڪائونسل جو هي تسلسل آهي. اوهان جي مريدن جي تعداد ٻه ملين کان به گهڻي آهي، جيڪي مريد ئي نه هڪ نطرياتي ۽ تحريڪي ڪارڪن به آهن.

حوالاجاتي نوٽ:

  1. ڏسو دائمي نقشئه اوقات نماز ۽ اوقات سحري ۽ افطاري براءِ لاهور، ٻين شهرن جو فرق، جنهن جي لاءِ درج ذيل لنڪ ڏسو: http//rahbereislam.com/index.php/diami-ooqat-e-namaz

ڇويهه (26) ڊسمبر، ڊيره اسماعيل خان ۾ ختم سحر 05 وڳي 48 منٽن تي ٿي هئي. ايئن سلطان الفقر ششمؒ جي ولادت به بروز جمع، بوقت سحر ٿي ۽ اوهان جو وصال به بروز جمع، بوقت سحر ٿيو.

دیگر ویب سائیٹس