سلطان محمد علي

ؒجانشين سلطان الفقر
سرپرست اعليٰ اصلاحي جماعت و عالمي تنطيم العارفين

اوهان ابتدائي تعليم درٻار حضرت سلطان باهو تي ئي حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ اوهان پنهنجي مرشد ۽ والد حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب سان گڏ روحاني ۽ تحريڪي تربيت ۾ رهيا.

سلطان الفقر حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحبؒ پنهنجي وصال (23 ڊسمبر 2003ع) کان اٺ مهينا تيرهن ڏينهن پهريان (21 اپريل 2003ع) پنهنجي وڏي فرزند (جانشين سلطان الفقر) حضرت سلطان محمد علي صاحب کي درٻار عاليه حضرت سلطان باهو تي بيعت فرمائي ڪري دستار فقر عطا ڪئي ۽ پنهنجي سڄي نظام جو سربراهه ۽ جماعت ۽ تنظيم ۽ ان جي سمورن شعبن جو سرپرست اعليٰ مقرر ڪيو. حضرت سلطان محمد اصغر علي صاحب جي وصال کان پوءِ اوهان تحريڪ کي انهيءَ بنيادن تي اڳتي وڌايو ۽ ان جي تنظيم سازي ۾ وڌيڪ تحرڪ ۽ بهتري آندي. حضور سلطان الفقر ششم جي فرمانن جي مطابق ملڪ گير سطح تي استحڪام پاڪستان ۽ اتحاد امت مسلمه جي اجتماعي شعور کي اجاگر ۽ بلند ڪرڻ جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي کي وڌيڪ وسعت ۽ تيزي ڏني آهي، جنهن سان خاطر خواه مثبت ڪاميابي ملي آهي. (هي سلسلو ڪاميابيءَ سان جاري آهي)۔

اوهان ٻين شعبن جو آغاز ۽ پهريان کان موجود شعبن کي متحرڪ ڪيو آهي. اوهان ملڪي ۽ غيرملڪي حالتن تي گهري نظر رکندا آهيو ۽ ان تي انتهائي بصيرت افروز تبصرو ۽ تجزيو به فرمائيندا آهيو. فنِ تعمير ۾ به اوهان دلچسپي رکندا آهيو. شهباز عارفان حضرت سلطان محمد عبدالعزيزؒ جي خانقاهه عاليه تي مسجد جي توسيع ۽ ڪمپليڪس جي تعمير اوهان جي ئي زيرنگراني ۾ ٿي رهي آهي. ۔مشغلن ۾ نيزي بازي ۽ روايتي فن گهوڙا چال ۾ اوهان وڏي قدر مهارت رکندا آهيو.۔

نگِہ بُلند، سُخن دِلْنواز ، جاں پُر سوز

یہی ہے رَختِ سفر میرِ کارواں کیلئے

دیگر ویب سائیٹس