ؒحضرت سلطان باهو

فرزند خود خواند است مارا فاطمہرضہ – معرفت فقر است برمن خاتمہ۔

سلطان العارفين حضرت سلطان باهو رح

جي زندگي جو مختصر تعارف

 

هي ڳالهه ڪنهن کان به  ڳجھي نه آهي ته برصغير ۾ اسلام کي پکيڙڻ لاءِ صوفياءِ ۽ اولياءِ ڪرام جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جي مثال ملڻ مشڪل آهي. صوفياءِ ڪرام پنهنجي علم، عمل، ڪردار، اخلاق ۽ روحاني تصرف سان ماڻهن کي اسلام ڏانهن مائل ڪيو. برصغير ۾ اهڙيون هزارين هستيون آيون، جن رضاءِ الاهي خاطر مخلوق کي دعوتِ الي الله پيش ڪئي. انهن هستين ۾ سلطان العارفين حضرت سلطان باهُورح اهو مرد خود آگاهه درويش آهي جن جي پنجابي ڪلام ۾ موجود لفظ ”هُو“ توحيد الاهي ۽ مخلوق کي وصالِ الاهي (معرفتِ الاهي) ڏانهن توجهه ڏيارڻ جو ناياب ذريعو آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پنهنجي سحر ۾ آڻيو ڇڏي.

حضرت سلطان باهورح خميس جي ڏينهن 1039هه بمطابق 1629ع ڌاري صوبي پنجاب جي ضلعي جھنگ تعلقي شورڪوٽ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ رح نسب جي لحاظ کان اعواڻ آهن. اوهان رح جو نسبي سلسلو ايڪٽيهه واسطن سان امام الاولياءَ حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم سان ملي ٿو. اوهان رح جا ابا، ڏاڏا ڪربلا جي واقعي کان پوءِ مديني منوره کان هجرت ڪري خراسان هليا ويا ۽ ان کان پوءِ افغانستان کان ٿيندا محمود غزنوي سان گڏ جنگيون فتح ڪندي واديءَ سون سيڪسر ۾ اچي آباد ٿيا ۽ اُن واديءَ  کي اسلام جو مرڪز بڻايو.

اوهان رح جو والد حضرت سلطان بازيد رح هڪ صالح ۽ حافظِ قرآن ۽ ڪامل ولي هو. اوهان رح جو والد مغل خاندان جي بادشاهه شاهجهان جي فوج جي سپه سالارن منجھان هو. قلعي شور جو قلعي دار هو. ملتان جي ويجهو هڪ قلعو ”قهر گان“ هو، جيڪو مغل فوج کان فتح نه پيو ٿئي، جنهن کي حضرت سُلطان بازيد رح وڏي دليري ۽ بهادري سان فتح ڪيو، جنهن ڪري انعام ۾ شاهجهان اوهان کي شور ڪوٽ جو قلعو ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گهڻي وڏي جاگير پيش ڪئي. ان کان پوءِ حضرت سلطان بازيد رح پنهنجي اباڻي ڳوٺ اَنگا (واديءَ سون سيڪسر) کان هجرت ڪري پنهنجي خاندان سميت شور ڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ حضرت سلطان باهُو رح جي ولادت باسعادت به شور ڪوٽ ۾ ئي ٿي، جهڙي طرح اوهان رح جي ڪلام کان واضع آهي:

شور شهر تے رحمت وسے جتھے باهُو جالے هُو،
باغباناں دے بُوٹے وانگوں طالب نِت سمبھالے هُو۔

اوهان رح جي والده ماجده حضرت بي بي راستي رح ڪامل ولين منجھان هئي. اوهان رح جي والده ماجده کي الهامي طور تي ٻڌايو ويو هو ته تمام جلد اوهان جي بطن مان هڪ ڪامل ولي پيدا ٿيندو جيڪو سڄي زمين کي پنهنجي فيض جي انوار ۽ عرفان جي اسرار کان ڀري ڇڏيندو. اُن جو نالو ”باهُورح“ رکجو. تنهن ڪري مائي صاحبه اوهان رح جو نالو ”باهُو رح “ ئي رکيو. اوهان رح جي ابتدائي روحاني تربيت اوهان جي والده ئي فرمائي. اوهان رح جون ننڍپڻ ۾ ئي ڪرامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. کير پيئڻ واري زماني ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اوهان رح ڏينهن جي وقت کير نه پيندا هئا. ڄڻ اوهان رح روزي جي حالت ۾ هوندا هئا. سلطان باهُو رح چار شاديون ڪيون ۽ اوهان رح کي اَٺ صاحبزاده ٿيا جن جا نالا هي آهن:

(1). حضرت سلطان نور محمدرح    (2). حضرت سلطان ولي محمدرح (3). حضرت سلطان لطيف محمدرح (4) حضرت سلطان صالح محمدرح (5). حضرت سلطان اسحاق محمدرح (6). حضرت سلطان فتح محمدرح (7). حضرت سلطان شريف محمدرح (8). حضرت سلطان حيات محمدرح (هي صاحبزادو ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو هو).

اوهان رح جو زمانو هندوستان ۾ مسلمانن جو سونهري دور هو ۽ اورنگزيب عالمگير اُن وقت حڪومت جي تخت تي هو ۽ هندستان جي سرڪاري زبان فارسي هئي ۽ حضرت سلطان باهُو رح جي مادري زبان ”لهندي“ هئي (جنهن منجھان پنجابي ۽ سرائيڪي ٻه شاخن جي صورت ۾ جدا ٿيون آهن). پر اوهان رح مادري زبان ۾ هڪ رسالو تحرير فرمايو آهي جيڪو رباعيات تي ٻڌل آهي ۽ ”ابيات باهُو“ جي نالي سان مشهور آهي. اوهان رح جا ٻيا (تقريباً ) هڪ سؤ چاليهه ڪتاب ۽ رسالا فارسي زبان ۾ آهن. ڇو ته فارسي اُن وقت سرڪاري زبان هئي. تنهن ڪري اوهان رح اُن زبان کي گهڻي اهميت ڏني ته جيئن آساني سان ماڻهو معرفت الاهي کان فيضياب ٿي سگهن. حضرت سلطان باهُو رح بي مثال علمي ذوق رکندا هئا ۽ اوهان رح گهڻا ڪتاب تصنيف ڪيا جن منجھان ڪجھ مشهور ۽ معروف ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

(1). عين الفقر (2). گنج الاسرار (3). ڪليد التوحيد (4) نورالهديٰ (5). محبت الاسرار (6). شمس العارفين (7). اورنگ شاهي (8). اسرار القادري (9). توفيق هدايت (10). مجالسته النبي (11). تيغ برهنه (12). رسالو روحي شريف (13). قرب ديدار (14). ڪليدِ جنت (15). محڪ الفقر ڪبير (16). محڪ الفقر صغير (17). مفتاح العاشقين (18). ڪشف الاسرار (19). اميرالڪونين.

اوهان رح هڪ سؤ چاليهه ڪتاب لکيا ۽ انهن سڀني ڪتابن ۾ حق جي طالبن کي ٽي ڳالهيون ڪثرت سان تاڪيد ڪندي فرمايون آهن (1). گمنامي ۽ خمول (2). ترڪِ دنيا (3). شريعت محمدي صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم تي قيام ۽ استقامت.

اوهان رح جي تعليمات بي شمار موضوعن تي خاص طور فقر، تصوف ۽ معرفت الاهي تي ٻڌل آهي. اوهان رح جي سموري تعليمات خالص توحيد تي ٻڌل آهي. پاڻ رح پنهنجي فڪري فلسفي ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشني ۾ شرڪ ۽ شرڪ واري سموري رسمن کي سختي سان رد فرمايو آهي. جهڙي ريت اوهان رح پنهنجي فارسي مجموعي ۾ ڪلام ”ديوان باهُو“ جي پهرئين غزل جي مطلع ۾ فرمائن ٿا:

یقیں دانم دریں عالم کہ لامعبود الاهُو،
ولا موجود فی الکونین ولا مقصود الاهُو۔

اوهان رح مسلمانن ۾ ايڪي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ بين المسلمين تقسيم ۽ تفريق (ورهاست ۽ فرقي پرستي) يعني فرقي بندي کي ايمان جو قتل يا ايمان جي خودڪشي جي برابر قرار ڏنو:

ناں میں سنی ناں میں شیعہ میرا دوہاں توں دل سڑیا هُو،
مُک گئے سَب خشکی پینڈے جدوں دل دریا رحمتَ وچ وڑیا هُو۔

”آئون نه سني آهيان نه شيعو، بلڪه انهن ٻنهي کان منهنجي دل ٽُٽي وئي آهي. جڏهن آئون الله پاڪ جي توحيد جي اُونهي درياهه ۾ پاڻ کي فنا ڪري بقا حاصل ڪئي ته باقي سڄو خشڪي جو سفر طئي ٿي ويو.“

اوهان رح پنهنجي فڪري فلسفي ۽ پنهنجي تعليمات ۾ هميشه مسلمانن کي اتحاد ۽ اتفاق جو درس ڏنو. اوهان رح جو فڪري فلسفو جتي صوفياڻي رنگ ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهي اُتي عالم انسانيت جي لاءِ جدِتِ ڪردار جو پيغام آهي.

پنهنجي ڪتاب اميرالڪونين ۾ پاڻ رح فرمائن ٿا ته (30) ٽيهن سالن تائين آئون ڪامل مرشد جي ڳولا ۾ گهمندو رهيس پر مونکي منهنجي مطلب جو مرشد ملي نه سگهيو، آخرڪار هڪ دفعي هن فقير کي حضرت علي ڪرم الله وجهه، باطن ۾ هٿ پڪڙي رسول الله صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي بارگاهه ۾ وٺي ويا. پاڻ رح فرمائن ٿا، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم مونکي بيعت فرمايو، تنهن کان پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم دست بيعت فرمائي ڪري تلقين فرمائي ۽ حڪم فرمايائون ته اي باهُو! خلق خدا جي باطن (روحانيت) ۾ مدد ڪندا ڪريو. اُن کان پوءِ حضرت غوث پاڪ شاهه عبدالقادر جيلاني رح جي حڪم تي پاڻ رح ظاهري بيعت دهلي جي شيخ پير عبدالرحمٰن قادري (حضور غوث پاڪ جي اولاد منجھان آهن) جي دست مبارڪ تي بيعت ڪئي، حضرت پير عبدالرحمٰن قادري رح جي مزار دهلي ۾ آهي.

اوهان رح پنهنجي باري ۾ ارشاد فرمائن ٿا:

هر مراتب از شریعت یافتم،
پیشوائے خود شریعت ساختم۔

”مون شريعت تي عمل ڪري هر رُتبو حاصل ڪيوآهي ۽ پنهنجو رهبر ۽ پيشوا شريعت کي بڻايو آهي.

اوهان رح شريعت  ۽ طريقت کي الڳ الڳ نه فرمايو بلڪه شريعت کي اقوالِ محمدي صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم ۽ طريقت کي احوالِ محمدي صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جو نالو ڏنو.

هاڻوڪي دور ۾ حضرت سلطان باهُو رح جي خانقاه عاليه ( درٻار عاليه)، عالمِ روحانيت جي اُها واحد خانقاه (اڪيلي درٻار) آهي جتان اسلامي ۽ روحاني تعليم کي بني نوع انسان جي فلاح ۽ بقا جي لاءِ تحريڪ جي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. حضرت سلطان باهُو رح ٽريهٺ (63) ورهين جي ڄمار حاصل ڪئي ۽ پهرئين جمادي الثاني 1102 هه بمطابق 1691ع ۾ وفات ڪئي.

اوهان جي مزار مبارڪ تعلقي شورڪوٽ جي ڳوٺ ڳڙهه مهاراجه جي ويجھو درياءِ چناب جي اولهه ڪناري تي هڪ ڳوٺ ۾ موجود آهي، هي ڳوٺ به اوهان رح جي ئي نالي ”موضع سلطان باهُورح“ سان مشهور آهي. حضرت سلطان باهُو رح جو ساليانو عرس مبارڪ جمادي الثاني جي پهرئين خميس تي اوهان جي درٻار عاليه تي ٿيندو آهي.

دست بيعت کرد مارا مصطفےٰصہ – خواند است مارا مجتےٰ صہ

شد اجازت باهُو را از مصطفےٰصہ – خلق را تلقين بکن برع از خدا۔

ترجمو:”مونکي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم دست بيعت فرمايو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم مونکي پنهنجو (نوري، حضوري) فرزند قرار ڏنو. مونکي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم اجازت ڏني ته آئون خلقِ خدا کي تلقين ڪيان.“

دیگر ویب سائیٹس